ايس ايم درس
سينيئر رڪن
ذڪر زالن ۽ لفظن جي درست استعمال جو...!
يوسف جوکيو
دنيا جي سمورين گهروارين ۾ اوهان کي ٻه هڪجهڙائيون ضرور ملنديون. هڪ اها ته اهي هر وقت مڙس جي مبينا محبت کي ماپڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اينديون. ٻي اها معلوم ڪرڻ جي هورا کورا ته امڪاني جهيڙي يا دهماني رسامي جي صورت ۾ مڙس وٽ بهترين متبادل آپشن ڪهڙي عورت ٿي سگهي ٿي.جيڪڏهن اوهان مڙس آهيو ۽ ياد رکو ته مڙس هجڻ لاءِ مڙس ماڻهو هئڻ ضروري نه آهي، ته ٻه سوال اوهان کي هر هر ملندا ٻڌڻا پوندا هوندا: هڪ اهو ته ”مون سان ڪيتري محبت اٿئي...؟“ ۽ ٻيو اهو ته ”مري وڃان ته ٻي شادي ڪندين، ڪندين ته ڪنهن سان ڪندين...؟“ انهن ٻنهي سوالن جا جواب ڏيڻ وقت ئي توهان کي خبر پئجي ويندي ته توهان مڙس ماڻهو وڌيڪ آهيو يا مڙس!
اوهان مڙس آهيو ته پوءِ ڀلي ڇو نه سڄا سون ٿي پئو پر زال اوهان مان ڪا نه ڪا وِڏ ضرور ڪڍندي. مشهور قصو آهي ته هڪ درويش، جنهن کي ڪيتريون ئي روحاني طاقتون حاصل هيون، ان ويچاري کي به زال کنگهندي ئي ڪانه هئي. هڪ ڏينهن زال تي رعب وجهڻ لاءِ گهر مان ٻاهر نڪتو ۽ گهٽيءَ ۾ پهچڻ بعد ڊوڙ پائي هوا ۾ اڏامڻ شروع ڪيائين. درويش پنهنجي گهر جي مٿان به پکيءَ جيان ڪيتري ئي دير تائين لامارا ڏنا. ڪجهه دير بعد ردِ عمل معلوم ڪرڻ لاءِ گهر پهتو ته زال چيس: “مئا، تون ته ڪنهن ڪم جو ناهين، اڄ هڪ حسين مرد کي گهر جي مٿان پرواز ڪندي ڏٺم، توسان شادي ڪرڻ تي پڇتاءُ پيو ٿئي.“ چون ٿا ته درويش پنهنجا ڪالر درست ڪندي کيس چيو ته، ”نيڪ بخت، اهو حسين مرد آئون ئي ته هئس، جنهن کي تون اڄ تائين ننديندي رهي آهين!“ زال وات چٻو ڪندي چيس، ”هان ته اهو تون هئين، آئون به چوان ته اڏامڻ وقت همراهه جي هڪ ڄنگهه هيٺ ته ٻي مٿي ڇو پئي وڃي!“ ويچاري درويش کي زال وٽ مڃتا ته نه ملي، اٽلندو سندس روحاني طاقتون به کسيون ويون. مٿس انڪشاف ٿيو ته روحاني قوتون زال سان گڏ رهڻ واري بي مثال سهپ جي ڪري ئي کيس عطا ڪيون ويون هيون.هونئن به زالن آڏو مڙس ماڻهو ٿيڻ جا فائدا گهٽ ۽ نقصان وڌيڪ هجن ٿا. سياڻا چون ٿا ته توهان دشمن کي سڃاتو ڄڻ اڌ جنگ کٽي ورتي، پر هتي ته اوهان جي سموري جاگرافي اڳ ئي وائکي ٿيل هجي ٿي.
سياڻن تي ياد آيو ته زالن سان سياڻپ يا چالاڪيءَ واري چريائپ به ڪڏهن نه ڪرڻ گهرجي. ٻڌائين ٿا ته دنيا جو وڏو ڏاهو سقراط به جڏهن اڻ پڙهيل زال آڏو بيهندو هو ته ويچاري کان سموري ڏاهپ ۽ دليل وسري ويندا هئا.زال جي ڇڙٻن تي ماٺ رهڻ جي ڪري ئي ته کيس اڄ دنيا جو سڀ کان وڏو ڏاهو مڃيو وڃي ٿو...! ان مثال مان ثابت آهي ته زال اڻ پڙهيل هجي يا گريجوئيٽ، ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي، زالن آڏو عقلمندي جا رباب وڄائڻ کي وڏي بيوقوفي سمجهيو ويندو. توهان ڇا ٿا سمجهو، ڇا سقراط زال تي پنهنجي ڏاهپ، منطق ۽ لاجواب ڪري ڇڏيندڙ دليلن جو جادو هلائڻ جا وس نه ڪيا هوندا، ڌاڪو ويهارڻ جي ڪوشش نه ڪئي هوندي!؟ بلڪل ڪئي هئي ۽ هڪڙو ۽ آخري ڀيرو ئي ڪئي هئي، پر نتيجو اهو ئي نڪتو جنهن جو مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون، يعني سڄي عمر جون رهڙون، ڇڙٻون، مهڻا ۽ داٻا...
چون ٿا ته ان بدنصيب ڏينهن جڏهن سقراط، زال تي ڏاهپ جو ڌاڪو ويهارڻ جو فيصلو ڪيو تڏهن هن هڪ ميڻ بتي ٻاري ۽ زال کي مخاطب ٿيندي چيائين: ”پياري زال، ٻڌاءِ ته هيءَ ميڻ بتي جي روشني ڪٿان آئي؟“ سقراط کي يقين هو ته سندس زال سوال ٻڌي گهٻرائجي ويندي، دنگ رهجي ويندي ۽ جواب معلوم ڪرڻ لاءِ منٿون نه به ڪري پر گهٽ ۾ گهٽ تجسس وچان مجبور ٿي سوال ضرور ڪندي ۽ ائين مڙس جي اهميت به کيس سمجهه ۾ اچي ويندي... پر افسوس، ڏاهي ماڻهوءَ جا سمورا خيال خام ثابت ٿيا... سقراط جي سوال پڇڻ شرط سندس زال ڦوڪ ڏئي ميڻ بتيءَ کي وسائي ڇڏيو ۽ چيائينس: ”ميان سقراط، پهرين تون اهو ٻڌاءِ ته هيءَ روشني هاڻي ڪيڏانهن ويئي ته پوءِ مان توکي ٻڌائينديس ته اها روشني ڪٿان آئي!“ چوڻ وارا چون ٿا ۽ ٿڌا ساهه ڀري چون ٿا ته زال جو جملو ٻڌي سقراط تي سڪتو طاري ٿي ويو، پَٽ تي ويهي رهيو ۽ ڏندين آڱريون پئجي ويس. اهو ڏينهن ۽ زهر جو پيالو پيئڻ وارو ڏينهن، ويچاري سڄي عمر زال آڏو ڪڏهن به منطق جي ڳالهه نه ڪئي، نه وري ڪو دليل استعمال ڪيائين!
ڪجهه ماڻهو هن واقعي جي صحت تي اعتراض واريندي ان کي فيمنسٽ تحريڪ جي سازش ڀلي قرار ڏين، حقيقت اها ئي آهي ته زالن آڏو داناءُ ٿيڻ نسوري ديوانگي آهي. اهڙي ديوانگي تازو اسان جي هڪ نادان دوست به ڪئي، جنهن جو خيال هو ته عورتن کي ڪوڙيون سچيون تعريفون ڪري بيوقوف بڻائي سگهجي ٿو... زال پڇيس: ”مون سان ڪيتري محبت ٿو ڪرين..؟“ همراهه کي مشهور ناول ’رهجي ويل منظر‘ جو ڊائلاگ ياد اچي ويو ۽ وڏي رومانٽڪ انداز ۾ چيائينس: ”پياري تون منهنجي لاءِ آڪسيجن آهين!“ نتيجو سقراط واري صورتحال کان ڪو خاص مختلف نه نڪتو. سندس انٽر پاس صحتمند زال کيس ڪنڌ ورائي مڪ وهائي ڪڍي ۽ وڏي رڙ ڪري چيائينس: ”مئا، مون رڳو طارق عالم ابڙو جو اهو ناول ئي نه پڙهيو آهي پر نائين جماعت ۾ اهو به پڙهيو هو ته ماڻهو هڪ ساهه ذريعي آڪسيجن کي نڪ ذريعي ڦڦڙن تائين پهچائي ٿو ۽ ٻئي ساهه ذريعي ان کي ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جهڙي گدلي گئس بڻائي ٻاهر ڪڍي ڇڏي ٿو. تنهنجي محبت مون سان ايتري مختصر ۽ ايتري گدلي آهي!؟“ سقراط جيان منهنجي هن دوست کي به وري ڪڏهن زال آڏو سمارٽ ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي نه ڏٺو ويو آهي.
زالن جو قصو نڪتو ته ڪجهه ذڪر ’زال‘ لفظ جو به ڪري وٺجي! ڪجهه ماڻهن کي هي لفظ ڏاڍو وڻي ٿو پر ان صورت ۾ جڏهن اهو ٻئي جـِي لاءِ استعمال ٿئي. تڏهن ته گهڻا ماڻهو پنهنجن دوستن آڏو ’زال‘ کي ’ڀاڀي‘ يا ’ڀاڄائي‘ بڻائي پيش ڪن ٿا. غلط فهمي کان بچڻ لاءِ اڳيان ’توهان جِي...‘ جهڙن لفظن جو اضافو به ڪريو ڇڏين.
ڪجهه ماڻهن جو ’گهرواري‘ لفظ تي گذارو ٿيو وڃي، ته ڪي وري انگريزي لفظ ’وائيف‘ جي استعمال ۾ پنهنجي عافيت سمجهن. اها پڪ ته ڪنهن به خيالِ بـَد جي اڏام ’ڊبليو‘ جي وڪڙن، ’آءِ‘ جي اوچائي، ’ايف‘ جي بيهڪ ۽ ’اِي‘ جي لاهيءَ تان لهندي، لهندي ڦهڪو اچي ڪندي! وڌيڪ حساس ۽ محتاط قسم جا ماڻهو وري زال کي ماڳهين ’ٻار‘ بڻايو ڇڏين. زال بيمار ٿي پوي ته چون: ’ٻارن جي طبيعت صحيح ناهي.‘ زال سوڌو ڪيڏانهن وڃن ته چوندا ’ٻارن سان پيو وڃان.‘
سنڌ ۾ لفظن جو رڳو عجيب و غريب ئي نه پر غلط استعمال به ٿئي ٿو. اسان وٽ ڪيترائي پهاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح مدي خارج ٿي ويا آهن. نوان اصطلاح، چوڻيون ۽ پهاڪا ٺهڻ وارو تخليقي عمل ڄڻ بيهجي ويو آهي... مثال طور، اڄ به اسان وٽ مائرون پنهنجي اولاد کي ڪو غلط ڪم ڪرڻ کان روڪڻ يا هوڏ تان لاهڻ لاءِ اهو چتاءُ ڏين ٿيون ته فلاڻو يا ٽيرو مٽيرو ڪم ڪيئي ته توکي پنهنجي ٿڃ نه بخشينديس...! ٿورو سوچيو، نئين دور جي جنهن ماءُ پنهنجي ٻار کي ٿڃ بدران دٻن وارا کير پياريا آهن، اها ويچاري پنهنجي اولاد کي ڪهڙي وارننگ ڏيندي؟؟؟ ’دٻي جو کير نه بخشيندي مانءِ...!!؟؟‘ اولاد کي وارننگ جاري ڪرڻ واري حق کان محروم ٿي ويل هنن مظلوم مائرن کي سندن بنيادي حق ڪير وٺي ڏياريندو؟ سنڌي لينگويج اٿارٽي کي ان مسئلي جو نوٽيس وٺندي فوري طور هڪ متبادل اصطلاح متعارف ڪرائڻ گهرجي!
هاڻي اچو ته ٻئي معاملي تي غور ڪريون. سنڌ ۾ ماڻهو قدرتي آفتن، حادثن يا فوتگين جي صورت ۾ بي اختيار دانهن ڪندا آهن ’گهوڙا ڙي...!‘ گهر ۾ ڏاڏي گذاري وڃي ته به گهوڙا ڙي، ڀِت ڪري پوي تڏهن به گهوڙا ڙي، ٻيو ته ٺهيو پير ۾ ڪنڊو لڳي ته به گهوڙا ڙي...! ٻار ويچارا پريشان ته: گهوڙن ڏاڏيءَ کي ڪيئن ماريو، گهر جي ڀت ڪڏهن ڪيرائي، پير ۾ ڪنڊو ڪيئن هنيو!
روزاني ڪاوش حيدرآباد جي مھرباني سان