پيار جو مرڪز

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏18 آڪٽوبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    پيار جو مرڪز
    (رياضت ٻرڙي جي ڪتاب ”ديوانِ رياضت“ جو مهاڳ)
    سرمد چانڊيو

    ديوان-رياضت“ هڪ مڪمل ديوان آهي. بندي جي نظر مان جيڪي به اردو، فارسي ۽ سنڌي ديوان گذريا آهن، هي ديوان انهن کان وڌيڪ پابندين سان سنواريو ويو آهي. اڪثر ديوان، مقفا ۽ مردف غزل جو چرٻو رهيا آهن. مير تقي مير کان وٺي جگر مراد آباديءَ تائين اردو جا ديوان به اهڙي نموني جا آهن. سنڌي ديوان ته بلڪل هڪ مڪسچر جيان آهن، جن ۾ ”ديوان-گل“ کان وٺي ”ديوان-راشد“ تائين سڀئي ديوان ايئن ئي آهن. ويندي اهو به ڏٺو ويو آهي ته انهن ۾ ”۾“ جو انڊو، جيڪو ميان ابوالحسن ايجاد ڪيو هو، اهو به ميم واري باب ۾ ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ان انڊي جو اچار نونَ واري باب ۾ ڏيڻ گهرجي، جيئن ”ديوان-رياضت“ ۾ آهي.
    تاريخي طور تي سنڌ جون حالتون انگريز دَور کان وٺي اڄ تائين سڌريون ناهن، اڃا به وڌيڪ خراب ٿيون آهن. ان هوندي به هن خطي جي نوجوانن فڪر توڻي فن کي گڏي هلائڻ جو جتن هٿان نه ڇڏيو آهي. موجوده وقت ۾ خاص ڪري سنڌي ادبي سنگت شاخ قنبر جي دوستن ته علمي ۽ ادبي ڪمن ۾ پاڻ کي بلڪل نرالو رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    ديوان-رياضت“ مردف غزل جو ديوان آهي. عروضي پابندين جو خاص خيال رکيو ويو آهي، جنهن جي ڪري هن ديوان جو قدر قيمت وڌي وڃي ٿي.
    اسان جو نوجوان دوست، صاحب-ديوان، محترم رياضت ٻرڙو پنهنجي ادبي حلقي ۾ ننڍي ڄمار کان وٺي کاهوڙي رهيو آهي، جنهنڪري هن وقت (2005-2004) سنڌي ادبي سنگت مرڪز ۾ جوائنٽ سيڪريٽري جي اعلى عهدي تي رسيو آهي، نثر توڻي نظم تي چڱي چوکي هٿ پهچ اٿس.
    ديوان-رياضت“ فن توڻي فڪر جو هڪ اهڙو شاهه پارو آهي، جيڪو محققانا نظر جو ضرور من پسند رتبو ماڻيندو، ڇو ته صاحب-ديوان جان ڇڏائڻ واري انداز ۾ هي ديوان ناهي لکيو. ڪن شاعرن ته غزل بدران ڪو قطعو يا فرد ڏيئي جند ڇڏائي آهي، پر ”ديوان-رياضت“۾ اوهان کي اها ڳالهه بنهه نظر نه ايندي.
    ديوان-رياضت“ ويهن بحرن جي مختلف وزنن تي رچيو ويو آهي. الف بي وار ان ۾ 52 رديف ۽ ڪيترن اکرن ۾ اڃا به وڌيڪ رديف ڏنا ويا آهن. رديف جي چونڊ ۾ به هن نوجوان جو ادبي ذوق پڙهندڙن لاءِ ضرور اتساهه جو سبب بڻبو.
    سنڌي غزل جي ڄمار کي ڏيڍ صديءَ جو چڱو عرصو گذري چڪو آهي. ان عرصي ۾ غزل جو سماجي ڪارج هر هڪ دَور ۾ مؤثر رهيو آهي. پهريون دَور خليفي گل کان هلي مرزا قليچ بيگ تي پهتو. ٻيو دَور شيخ اياز کان هلي اياز گل تي پهتو. ٽيون دَور، جيڪو هلي رهيو آهي، هاڻوڪن نوجوانن جو دَور آهي. هن دَور کي ادبي حوالي سان گهڻين مشڪلن جو مهاڏو آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا کان وٺي ادبي بيگاني جو به هن دَور تي وڏو اثر پيو آهي، تنهن جي باوجود به سرجڻهار پنهنجي ادبي پورهئي ۾ مشغول آهن. جتي قومي سوال هڪڙي ڪوهيڙي جي ور چڙهيل هجي ۽ نسل پرستي پنهنجي عروج وارن ڏاڪن تي بيٺي ڏنگي رهي آهي ۽ سرمايو سرحدون ٽوڙي مختلف ملڪن ۾ پنهنجي طور تي سرمائيدار جا هٿ مضبوط ڪندو ٿو رهي، اُتي وطن دوستي، ايمانداري ۽ جفاڪشي چريائپ جو ڏيک ڏيئي رهيا آهن، تڏهن به سچ ۽ سونهن جا سرجڻهار پنهنجي الستي عشق ۾ مگن نظر اچن پيا. ان محب وطن مستن جو واحد مورچو ادب آهي، جيڪي پنهنجي ان الستي عشق جو ساٿ نڀائيندا نظر اچن پيا.
    ديوان-رياضت“ جي فڪر کان پهريان ڪجهه فني ڳالهيون ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. ان فني سٽاءَ ۾ پهريان ڪجهه چونڊ رديف ڏيڻ ضروري آهن:
    مون کي به مٺي، رات اُها ياد رهي آ،
    تو کان جا ملي مـات، اها ياد رهـي آ.
    رات ۽ مات جي ياد وارو هي رديف ڪيڏو نه پيارو ۽ ياس جو پيڪر آهي! مفائيل فعولن تي آڌاريل ٻه رڪني رديف گائڪيءَ ۾ ڪافيءَ ۽ وائيءَ جي اولاڻي کان گهٽ ناهي. ايئن الف ممدوه جا چار رديف هن ديوان جي زينت آهن ۽ ان کان بعد الف مقصور جو هي رديف ڏسو:
    جــا صـديــن کان ڦـري ٿـي دنيا ۾،
    لـفــظَ اهـــڙِي پـڪــارَ ڳــولـــــن ٿـــا.
    هن غزل ۾ ”پڪار“ قافيو ۽ ”ڳولن ٿا“ رديف آهي. ڇهه رديف الف مقصور جا هن ديوان ۾ آيل آهن.
    باءِ جي رديف وارا ٻه غزل آهن. ڏسو هي رديف:
    آءُ! جـوڙيــون حيـات جـو قـالـب،
    هـڪ نـئـيـن ڪـائـنـات جـو قالب.
    فڪري طور تي هن ديوان جو مواد جديد کان جديد تر آهي ۽ فني طرح وري پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. رديف جڏهن قافئي جو ساٿ ڏيئي ٿو ته جهڙوڪر ڪنهن محبوبا جي ٻانهن جو هار عاشق جي ڳچيءَ ۾ امر زندگيءَ جو اهڃاڻ بڻجي وڃي ٿو.
    قافئي جي سلسلي ۾ به رياضت جي چونڊ پنهنجي طور تي هڪ لاثاني شاعر واري آهي. ڏسو هن غزل جو سرو، جنهن جو ثانوي قافيو مُک قافئي کان مٿاهون ٿو ڀاسجي:
    گهـوري گهـوري گهـور تکـيءَ سان، چئه ته رسيلا گيت،
    بُت ۾ پــئـجـــي ســاهه وڃــي، ڪَـن نــاچ نـچــيـــلا گـيــت.
    لفظ ”رسيلي“ سان ”نچيلو“ قافيو شاعر جون ڪيفيتي ماجرائون ظاهر ڪندي نظر ٿو اچي.
    جديد سنڌي غزل جو هي ديوان جنهن نموني رچيو ويو آهي، اهو فن ۽ فڪر جو ميل پڙهندڙن لاءِ وڏي رهنمائيءَ جو سبب بڻبو.
    سنڌي غزل جي نزاڪت جداري آهي، ڇو ته ٻولي ۽ ڌرتي هن غزل جي جان آهن ۽ فڪري پختگي غزل جو جسم آهي.
    پــيــار جِـي ڳالهه آ، پـيـار سـان ئـي ڪــنـــــدس،
    ٻي طرح جي ڪيان، تنهن کان بدتر نه ڪجهه.
    هي سٽون حقيقت نگاريءَ جو بهترين نمونو آهن. سچ جو سڌو اظهار تخليق جي حسن ۾ چار چنڊ لڳائي ٿو ڇڏي. رياضت علي جي غزل ۾ محفل جا رنگ به آهن، ته حقيقت جا مجسما به.
    زندگيءَ منجهه ٻيو رکيو ڇاهي-
    عـاشـقــيءَ کان سـواءِ، جــانِ مــن!
    حسن سان عشق جو سڌو سنئون اظهار مٿين سٽن ۾ امرت جل جيان دائمي زندگي بڻجي وڃي ٿو.
    دنيا ۾ ڪينَ دلـڪـش،
    تو جان حسينَ دلڪش.
    عورت ۽ مرد جي آمهون سامهون گفتگو غزل جو افادي جواز بڻجي ٿي، جنهنڪري رياضت علي جو هي سڌو اظهار هن غزل ۾ هڪ اُٿل جان نظر ٿو اچي، جنهن ۾ حضرت عشق ٽٻيون ڏيندي ٿو ڀاسجي.
    خاموش ئي خاموش هئاسين، نه رناسين،
    تـو کي بـه ڇــا بـرسـات اُهــا، يــاد رهِــي آ!
    اها بيساختگي غزل جي تغزل جي نشاني آهي، جيڪا شاعر کي به امر ٿي بڻائي، ته تخليق به امر ٿي بڻجي وڃي.
    اڃا بـيـتـاب جـنـم جــا پــنــڌ،
    اکيون بي آب، جنم جا پنڌ.
    هيءَ بيساختا ڪيفيت تسلسل ۽ ڳولا ۾ بي نياز بڻجي جتن ڪرڻ جو اڻ کٽ اڏول جذبو رکي ٿي.
    سـڄـي آهه ٻِي سُرمـئـي ڪـائــنــات!
    اوهان جي دڳن جو، گلابي آ رنگ.
    جيئن ڪوئي سلو ڌرتيءَ کي ڦاڙي ٻاهر نڪرندو آهي، مٿيون سٽون ايئن نمودار ٿيل آهن. جديد سنڌي غزل ۾ جيئن جوانيءَ ۽ محبت جا انوکا انداز چٽيا ويا آهن، تيئن ٻوليءَ جي خوبصورتي به سمايل آهي.
    جيت ميدان ۾ گذاري سي،
    هار شمـشان ۾ گذاري سي.
    چنڊ جي انتظار ۾ رهنـدي،
    رات وجـدان ۾ گذاري سي.
    هيءَ وجد ۽ ڪيف واري منظر نگاري ”ديوان-رياضت“ جي جان آهي.
    ڪٿ جوش، ته ڪٿ نوش، ته ڪٿ درد-انا هئي،
    رنـــگــيـــن خــــرابــــات اهـــــــا، يـــــــاد رهـــــــــي آ.
    محبت جي دنيا ۾ خرابات جو رنگين هجڻ، جوش، نوش، انا ۽ درد، اهي سڀ گڻ غزل جي مواد ۾ نکار ۽ ڪيف بڻجي وڃن ٿا. اها رنگين مزاجي ڪنهن ڪنهن سرجڻهار وٽ هوندي آهي، سڀ ڪنهن کي اهڙو اندازِ بيان ڪو نه ٿو ملي. ”ديوان-رياضت“ ۾ اهي پرڪيف بهارون اسان کي هڪ درخشان ۽ مهڪاريل باغ جيان نظر اينديون. اهو ئي ته فصيح ڪلام جو نمونو آهي.
    تنهنجي سرمستيءَ جو، رياضت!
    گـيـــت فـــضـــا ۾ گــونــــجـــايـــو آ.
    اها سرمستي حسن جي هجي يا عشق جي، پر غزل جي دنيا ۾ ان سرمستيءَ جو مقام ڪنهن وڏي کان وڏي فنڪار کي ورلي نصيب ٿيندو آهي.
    تون به ٻوٽن جيان جهڪي ڌرتيءَ کي،
    ڏي ته طـوفـان ۾ چـمــي، ڌرتـــيءَ کــي.
    هن ڌرتيءَ تي ڪيئي مسلسل طوفان هلندا ٿا رهن. هن ڌرتيءَ کي چمي ڏيڻ مان مراد، وچن ڪرڻ آهي، ته اي ماتا! تو سان اهو وچن آهي ته جيسين زنده آهيون، تنهنجي قدم بوسي ڪندا رهنداسين. اهو وچن غدار جي منهن تي ابتي چماٽ مثل آهي.
    اجرڪ جا سڀ جهنڊا ٺاهي، نڪتا سپنا هن،
    آزاديءَ ڏي، رستا! هـلندين يا نه، ٻـڌائين ها!
    آزادي فطرت جو اهو ثمر آهي، جيڪو حيوان به نه ٿا وساري سگهن. ڀلا هڪ آدرشي انسان اها آزاد زندگي ڪيئن وساريندو، جيڪا کيس فطرت طرفان وديت ٿيل آهي!
    هڪ مريد شاهه ڪريم جن کان پڇيو هو ته خواب ڇاهي؟
    شاهه ڪريم جن فرمايو هو:
    جاڳندي من ۾ جي، ستي پڻ سيئي،
    مـن پـريان نـيئـي، پـڳهيو پاڻ ڳـري!
    آزاديءَ جا سپنا به اهي آدرشي انسان لهندا آهن، جن کي صبح شام، اٿئي ويٺي غلاميءَ کان نفرت هوندي آهي. ”ديوان-رياضت“ ۾ جديد غزل جا نڪورا خيال ۽ قديم فن جا گوناگون اصول هڪ هنڌ سمايل نظر ايندا.
    تو کي مليو منهنجو پيار، مون کي ملي تنهنجي تانگهه،
    سارو ڏنم جو سنسار، خـوش ٿـي کلـي تـنـهـنجـي تــانگهه.
    اهو فصيح ڪلام گهڻ رخي معنى جو مالڪ آهي. نه رڳو فصاحت پر بلاغت جو مجسم به آهي. اُهي علم معاني جا ماهر جيڪي پنهنجي ٻوليءَ تي قلم کڻندا، ته پوءِ هي ديوان انهن لاءِ مشعلِ راهه بڻجي اڳتي ايندو. سطحي مطالعي وارا شايد اهڙي ڪلام مان اهو حظ حاصل نه ڪري سگهن، جيڪو عالم حضرات حاصل ڪندا.
    هير آڻي ڏني، سـاهه کـي جـا سـڳـنـڌ،
    چنگ چاهن پيا، چاهه کي سا سڳنڌ.
    ديوان-رياضت“ جو هي غزل فني طور هڪ شهڪار غزل آهي، جنهن ۾ ٻه قافيا ۽ ٻه رديف آهن. ”ساهه“ ۽ ”چاهه“ جا قافيا مُروي قافيا آهن، جيڪي حرف روي تي آڌاريل آهن. ”جا“ ۽ ”سا“ وارا قافيا مردف قافيا آهن، جيڪي رَدَفَ تي آڌاريل آهن. اهڙن قافين کي ڪن ”لُنڊا قافيا“، ته ڪن استادن ”آوازي قافيا“ سڏيو آهي. هي قافيا جڏهن سندن ڇيد ۾ نه آيا، ته ”آخ ٿُو کٽا“ جي مصداق ڇڏي ڏنا ويا. هنن قافين جو ڇيد هي آهي: جَــ + آ، سَــ + آ ڏيئي پوءِ مد کي حزف ڪبو، ته ”جا“ ۽ ”سا“ جا اچار پڌرا ٿيندا. ”سَ“ قافئي جو اساس ۽ ”آ“ قافئي جو ردف آهي. ايئن ئي ”چاهه“ ۽ ”ساهه“ کان بعد آيل رديف ”رديف حاجب“ آهي. هن رديف کي عروض جي دنيا ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. ”سڳنڌ“ معروف رديف آهي.
    بندو ان مغالطي کي نه ورجائيندو، ته ”تاريخ پنهنجو پاڻ ورجائي ٿي“، پر جديد دَور ۾ ”ديوان-رياضت“ جي تخليق فن جي اها آبياري آهي، جيڪا هڪ بنجر ۽ ويران باغ کي ٻيهر آباد ڪرڻ جي مصداق آهي.
    سنڌي ادبي سنگت شاخ قنبر جي دوستن فڪر ۽ فن کي شاعريءَ جو روح ڪري پيش ڪيو آهي. فڪر کي هٿان ڇڏبو ته شاعري صرف عروض جي بي معني اپٽار جو مخروطو بڻجي ويندي. جيڪڏهن فن کي ترڪ ڪبو ته شاعري ڊڪشن جي ڍير بنا ٻيو ڪجهه نه هوندي! سنڌي ادبي سنگت شاخ قنبر کي جيڪڏهن دبستانِ قنبر سڏبو ته بيجا نه ٿيندو، جنهن جو سنڌي ادب جي دنيا ۾ هڪ اهڙو نالو آهي، جو ان نالي کان سواءِ سنڌ جي ادبي تاريخ اڻ پوري ڀاسبي.
    هن آئـيـنـي سمايو يار کـي هــو،
    آئينو هي يار جهڙو خوبصورت.
    هي غزل ”ديوان-رياضت“ ۾ علامت نگاريءَ جو شهڪار آهي. آئينو، جيڪو پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ جي علامت کان سواءِ محبوب جي خوبصورت اهڃاڻ طور آندو ويو آهي. عاشق ۽ معشوق هن غزل ۾ فعال آهن ۽ آئينو تمثيل آهي. جيئن اسم ربي ”غفار“ فعال آهي ۽ ”مغفرت“ غفاري جي اعلى تمثيل آهي.
    ديوان-رياضت“ علم بيان ۽ عروض جو اهو دستاويز آهي، جيڪو استاد ۽ شاگرد لاءِ هڪ درسي ڪتاب کان گهٽ ناهي. استادن کي هي ڪتاب پڙهائڻو آهي ۽ شاگرد حضرات کي هي ڪتاب پڙهڻو پوندو.
    تار ترندو رهان ٿو شفق ۾، پرين!
    نيڻ تنهنجا رکن ٿا نـدي جو مزاج.
    باک ڦٽڻ جو ٽاڻو هجي يا سج لهڻ ويل سنڌيا جو منظر ــــــــــــ عاشق فضا ۾ اڏامي معشوق جي اکين ۾ اها رنگارنگي اوتڻ چاهي ٿو، جيڪا هن شفق ۾ ڏٺي آهي، اها لعل ورني لاک باک جي هجي يا سندر شام جي، پر پيغام جي صورت بڻجي معشوق جي نيڻن ۾ لهڻ گهرجي. عاشق پنهنجو پاڻ کي محبوب جي اکين ۾ اوتڻ واري تمثيل چِٽيندي ڪيڏي ته شفاف خياليءَ جو اظهار ڪيو آهي. انهن لفظن کي ڪلام جي پاڪيزگي جو امرت ڪوٺجي، ته غلط ناهي. هوڏانهن نيڻ هڪ ندي جي علامت طور آندا ويا آهن. پنهنجي طور تي هي ترڪيبون علامت نگاري جي اعلى پد جو نمونو آهن. هيڏانهن عاشق پنهنجو پاڻ کي اها ڊسٽ (dust) ڪري پيش ڪيو آهي، جيڪا صرف ۽ صرف هلڪي روشني وسيلي پسي سگهجي. اها بيان جي جماليات آهي، جيڪا ٻوليءَ کي امر بڻائڻ ۾ شاعر جو خيال بڻجي ڪاغذ تي چٽجي، ادب جي تاريخ بڻجي وڃي ٿي.
    هڪـڙِي چاهـت ۽ ٻِي رياضت، تو کـي ارپــڻ لاءِ،
    لفظ وفا کان گهرندا رهندا، منهنجيءَ دل جا نيڻ.
    هي بحر سنڌي عروض جي باب ۾ سردار گل محمد خان ”زيب“ مگسي صاحب داخل ڪري فارسي، اردو ۽ سنڌي ٻولين تي احسان ڪري ويو، جنهن کي موصوف ”اختراءِ زيب“ جي نالي سان عروض جي باب ۾ شامل ڪيو، جيئن جديد غزل جي اوسر ۾ ڪي بحر آندا ويا آهن. ”ديوان-رياضت“ جو هي غزل پاڪيزه خيالي جو مجسم آهي. لفظ جيڪي زبان سان اچارڻ گهرجن، پر شاعر ماحول ۾ گدلاڻ ڦهلائڻ نه ٿو چاهي. انهن لفظن کي هُو اشارا ۽ ڪنايا بڻائي بيان ڪرڻ جو حق ادا ڪري ٿو. اها پاڪيزه چاهت جيڪا سجدن ۾ ادا ڪرڻ جي لائق آهي، پر شاعر سجدي ۾ به پاڪيزگي ڀري، ان کي اکين سان ادا ڪرڻ جو قائل آهي، متان محبوب کي عاشق جو سجدو ڳرو ڀاسجي، تنهنڪري محبوب کي محبوبي نظر سان چمڻ جو قائل آهي. عاشق جي عبادت ۽ رياضت جو نيم ئي نرالو آهي. اڃا هڪ ڳالهه رهجيو ٿي وڃي سا آهي شاعر جي ريختا بياني. ڪيئن نه رياضت پنهنجي اسم ۽ جسم کي رياضت يعني محنت ۽ ڪسرت جو معنوي روپ ڏيئي پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. هن ترڪيب ۾ رياضت ٻرڙي عبادت ۽ رياضت بڻجي ريختا بياني جو مثال قائم ڪيو آهي.
    اک سجدو، دل مصلو، رياضت!
    نِــوڙيـــو پــنـهــنــجـــو آئــيــنــــو آ.
    عبادت ۽ بندگي، جيڪا محبت ۾ ڪرڻ گهرجي. رياضت ان عبادت لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو آهي! پنهنجو پاڻ کي آئينو بڻائي ڪيئن نه جهڪايو آهي! هي ابلاغ جو اهو نمونو آهي، جيڪو معنوي تصور کان سواءِ مڃڻ ۾ نه اچي. آئيني جهڙي ٽاڪمي چيز جو جهڪڻ وارو تصور ته آئيني کي ڀورا ٿيندو ڏسي ٿو. آئينو ڪو ٻٻر جو چهو ناهي، نيٽ جو لڪڻ ناهي، پر جڏهن اک سجدو بڻجي ۽ دل مصلو هجي ته آئيني کي به رڪوع ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو وڃي. ابلاغ جي اها صورت ۽ پاڪيزگي جو اهو نيم صرف محبت جي ميدان ۾ ئي ممڪن آهي. هي دَور مؤجزن ۽ ڪرامتن جو ته بلڪل ناهي، پر شاعر جا لفظ اهڙا مؤجزا بڻجي ٿا وڃن، جو دل مڃڻ لاءِ ۽ ذهن قبولڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا.
    جسم جي پياس کي سهي ويندس،
    روح جــــي اُڃ اُجهـــاءِ، جــانِ مــــــن!
    جڏهن ٻه ناڪاري فقرا ورجائبا، ته هڪ هاڪاري جملو ٺهي پوندو آهي. عاشق جي جسماني ۽ روحاني پياس جو هاڪاري اسم آهي ”جانِ من“. جسماني لذتن جو انڪار ڪري، رياضت عليءَ روحانيت جو علم ايترو اوچو ڪري ڇڏيو آهي، جو اُڀ سان گسي رهيو آهي. پاڪ ۽ پوتر جذبا شاعري جي معيار کي هيڪاري اُتاهون درجو ارپن ڪن ٿا. اهو آهي پاڪيزگي جو اعلى ترين بيان، جيڪو ”ديوان-رياضت“ جي اهميت ۽ افاديت کي نروار ڪري ٿو، اڃا به پروار ڪري ٿو.
    پـيــار جـــي ڳالـهه آ، پــيـار سـان ئــي ڪــنــدس،
    ٻي طرح جي ڪيان، تنهن کان بدتر نه ڪجهه.
    هي بيت مٿي به اچي چڪو آهي، پر هتي صرف پاڪيزگي جي حوالي سان آندو اٿم، توڻي جو هي بيت به گهٽ نه آهي:
    سوين سونهن کي مون به سجدا ڪيا،
    نـئـيـن آ صــدي، بــنــدگـــي جــو ســفـــر.
    جتي غزل ڪيف ۽ وجد جي عڪاسي ڪري ٿو، اتي پاڪيزگي جو اهڃاڻ به آهي.
    جديد سنڌي غزل جي دنيا ۾ ڪيترا ئي تجربا به ٿيا آهن. غزل جي اڻت ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ مصرع ٽن رڪنن تي ملي ٿي، پر سنڌي غزل گو شاعرن ان جو ”حشو“ وارو رڪن ڪڍي، مصرع کي ٻن رڪنن تي بيهاريو. ان ٻه رڪني مصرعن جي گائڪي وري وائي ۽ ڪافي وارو روپ ڌاري ورتو. اڳي غزل جي فارم ۾ رچيل ڪافيون ٻڌيون هيون سين، پر وائيءَ ۽ ڪافيءَ جي گائڪيءَ ۾ اهي نوان سنڌي غزل ڳايا ويا، جيڪي ٻه رڪني مصرع يا چار رڪني بيت رچيل آهن. مثال طور، ڏسو اياز گل جو هي غزل:
    دک جي نه پڄـاڻي آ،
    هر شخص ڪهاڻي آ.
    هن غزل جي گائڪي بلڪل وائيءَ جي گائڪيءَ واري آهي. اهڙا تجربا پڻ ”ديوان-رياضت“ ۾ ٿيل آهن:
    اڃــا بـيـتـاب جـنـم جا پــنـڌ،
    اکيون بي آب، جنم جا پنڌ.
    ديوان-رياضت“ جو هي غزل، جيڪو ”صدر“ ۽ ”عروض“ جي رڪنن تي آڌاريل آهي، پر پوءِ به ان جي گائڪي غزل واري برقرار رهي ٿي، توڻي ٻنهي غزلن جو بحر ساڳيو آهي. اهڙا ڪيئي تجربا پنهنجي طور تي شاعرن ڪيا آهن، جيڪي ادبي دنيا جا شهڪار آهن.
    آءٌ پنهنجن پڙهندڙن کان معذرت خواه آهيان، جو ڊيگهه جي خوف کان ”ديوان-رياضت“ جو مهاڳ اتي پورو ڪريان پيو، نه ته اڃا گهڻيون ڳالهيون ڪرڻيون هيون. آخر ۾ ”ديوان-رياضت“ جو هي غزل ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو:
    اوهانجيدلمانڌڪار، کانپو، مليونهمونکيڪوپيار-مرڪز،رُلـي پـيـس مـان نـهـار، کـان پـو، مـلـيو نه مون کي نهار-مرڪز.

    جنم جنم ۾ صنم صنم جي، پُڪار ڪئي سي سجود ٽوڙي،وجـودُ ٽـوڙي وفــا ڇــڏيــو پــر، هــوا ۾ آهــي پـڪـار-مــرڪــز.

    اوهين ته آهيو دلين جا راڻا، اسان جا ليڪن ڪٿي ٽڪاڻا!
    پڇـن پـيـا پـنــڌ، درد-هـاڻــا: ”اڃـا به اڳـتـي، ڇـا يـار-مـرڪز؟“

    وڏن گهرن ۾ ننڍا گهراڻا، ۽ جهوپڙن ۾ وڏا گهراڻا،
    عـجـيـب طـبقـاتـي سـلـسـلـو آ، نه جـنـهن ۾ آ اخـتـيار-مرڪز.

    نه فلسفي مان، نه فلسفي تون، عجيب ڳالهيون هي زندگي جون،نـه عـاشـقـي آ، نـه بـي رُخـي آ، فـقــط فـقــط اعــتـبار-مـرڪز.

    جڏهن به تصوير جي اکين ۾، خمارُ من جو ڏٺوسي، رياضت!
    تـڏهن وڃـائـي سـڃـاڻ پـنـهـنـجي، لــڌوسي ڳولي تنـوار-مـرڪز.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تو کي مليو منهنجو پيار، مون کي ملي تنهنجي تانگهه،
    سارو ڏنم جو سنسار، خـوش ٿـي کلـي تـنـهـنجـي تــانگهه.

    رياضت سائين اوهان جي شاعري تمام سهڻي آهي ۽ پيش ڪيل جائزو به وڻيو۔ مسلسل ادبي جدوجهد ۽ لڳاتار ڪاوشن تي اوهان کي واڌايون ڏيان ٿو۔ مونکي اهڙا دوست ڏسي اڪثر شيخ اياز جي ڪتاب ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر جو ٽائيٽل ياد رهندو آهي۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    مهرباني ادا وساڻ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو