قاتل ۽ شهيد

'مختلف موضوع' فورم ۾ جميل احمد طرفان آندل موضوعَ ‏19 آڪٽوبر 2012۔

  1. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    هابيل ۽ قابيل اڄ هن عارضي دنيا ۾ ظاهري طور تي ته زنده نه آهن،پر ڏسو ڪهڙي ڪهڙي تاريخ رقم ڪري ويا.فاتح ڪير؟ مفتوح ڪير؟ هرڪو ڄاڻي.آخرت جو معاملو ته وڏو آهي.پر هن دنيا ۾ ئي گھڻي ڏسوته شهيد ناهن مرندا پر انساني دلين ۾ هميشه لاءِ زنده رهندا آهن.قاتل به ناهن مرندا،پر انسانن جي دلين ۾ هميشه سڪرات واري حالت ۾ رهندا آهن.نه مرڻا ته نه جيئڻا.هن دنيا ۾ انسانن جي دلين ۾ هنن لاءِ جيڪا نفرت آهي جي خبر پوين ته اها خواهش ڪن ته ڪاش! اسين هر ڪنهن کي وسري وڃون،مٽجي وڃون ۽ ڪنهن کي به ياد نه رهون.مرڻ ۾ برابر مهڻو ناهي،پر ڪنهن کي ناحق مارڻ ۾ مهڻوآهي.اهو هڪ تمام وڏو ڏوه آهي هڪ انسان جو ناحق قتل ساري انسانيت جي قتل جي برابر آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    أَنَّهُۥ مَن قَتَلَ نَفْسًۢا بِغَيْرِ نَفْسٍ أَوْ فَسَادٍۢ فِى ٱلْأَرْضِ فَكَأَنَّمَا قَتَلَ ٱلنَّاسَ جَمِيعًۭا وَمَنْ أَحْيَاهَا فَكَأَنَّمَآ أَحْيَا ٱلنَّاسَ جَمِيعًۭا ۚ

    ترجمو؛ جيڪو ڪنھن جان جي عوض يا زمين ۾ فساد وجھڻ (واري) کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي ڪُھندو تنھن ڄڻڪ مڙني ماڻھن کي ڪُٺو، ۽ جنھن اُن کي بچايو تنھن ڄڻڪ مڙني ماڻھن کي بچايو،
    سورت المائده آيت 32

    جزاڪ الله ادا جميل احمد بهترين ونڊ ۽ سمجهاڻي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو