هابيل ۽ قابيل اڄ هن عارضي دنيا ۾ ظاهري طور تي ته زنده نه آهن،پر ڏسو ڪهڙي ڪهڙي تاريخ رقم ڪري ويا.فاتح ڪير؟ مفتوح ڪير؟ هرڪو ڄاڻي.آخرت جو معاملو ته وڏو آهي.پر هن دنيا ۾ ئي گھڻي ڏسوته شهيد ناهن مرندا پر انساني دلين ۾ هميشه لاءِ زنده رهندا آهن.قاتل به ناهن مرندا،پر انسانن جي دلين ۾ هميشه سڪرات واري حالت ۾ رهندا آهن.نه مرڻا ته نه جيئڻا.هن دنيا ۾ انسانن جي دلين ۾ هنن لاءِ جيڪا نفرت آهي جي خبر پوين ته اها خواهش ڪن ته ڪاش! اسين هر ڪنهن کي وسري وڃون،مٽجي وڃون ۽ ڪنهن کي به ياد نه رهون.مرڻ ۾ برابر مهڻو ناهي،پر ڪنهن کي ناحق مارڻ ۾ مهڻوآهي.اهو هڪ تمام وڏو ڏوه آهي هڪ انسان جو ناحق قتل ساري انسانيت جي قتل جي برابر آهي.