شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ عڪس نگاري

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏19 آڪٽوبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ عڪس نگاري
    فياض لطيف
    حقيقت ۾ شاعري، جذبات ۽ احساسات جي اڻ ڏٺي ۽ اڻ ڪٿي دنيا آهي، جنهن کي هڪ شاعر پنهنجي فني ۽ فڪري اظهار ذريعي بيان ڪرڻ ۽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڪنهن به مادي شيءِ کي ڏسڻ ۽ ڏيکاري سگھڻ آسان آهي، پر جذبا ۽ خيال، ڪيفيتون ۽ محسوسات، جن جي ڪائي مادي شڪل ڪونه آهي، تن جي صورتگري جي ڪماليت فقط شاعرن وٽ ئي ٿئي ٿي ۽ بلاشبه شيخ اياز اهو سگھارو تخليقڪار آهي، جنهن پنهنجي شاعري ۾ ڪمال فن ۽ فڪر سان، نه رڳو انسان جي جذبن، خيالن ۽ ڪيفيتن جي تصويرڪشي ڪئي آهي، پر هن پنهنجي ڪوتائن ۾، زندگي ۽ فطرت جي حقيقتن ۽ حسناڪين جا حسين رنگ ڀريا آهن. هو پنهنجي اظهار ۽ انداز ۾ هڪ مصور شاعر آهي.
    پهريون پهريون لفظ خدا جو
    ڪُن فيڪون
    شاعر، موسيقار، مصور
    سڀ ۾ ساڳيو جوش جنون.
    هن جي شاعري پڙهي، اهو شدت سان احساس ٿئي ٿو، ته هو نه رڳو لفظن ذريعي اندر جي خوابن ۽ خوبصورتين کي بيان ڪرڻ جي سگھ رکي ٿو، پر هن وٽعڪسن (Images)، اهڃاڻن (Symbols)، موسيقيت (Music)، تشبيھ (Simile)، استعاري (Metaphor) ۽ حسي رنگن ذريعي شاعريءَ ۾، مصوراڻي سونهن ۽ سچائيءَ کي پينٽ ڪرڻ جيڪمال ڏات پڻ آهي.
    هڪ مصور وٽ پنهنجي اظهار لاءِ مختلف رنگ ٿين ٿا، جن جي مدد سان هو پنهنجي ڪيفيتن ۽ احساسن کي ڪئنواس تي اُتاري ٿو. ”مصور وانگر شاعر به رنگن کان اهڃاڻي ڪم وٺندا آهن. مصوريءَ توڙي شاعريءَ ۾ مختلف رنگ مختلف جذبن توڙي نظرين جي اهڃاڻ طور استعمال ٿيندا آهن. هر مصور ۽ شاعر کي پنهنجا پنهنجا مرغوب رنگ ٿيندا آهن. هر مصور ۽ شاعر انهيءَ مرغوب رنگ جو بار بار استعمال ڪندو آهي. ڪائنات انيڪ رنگن ۽ روپن سان ڀري پئي آهي. شاعر ۽ فنڪار لاءِ، ڪائنات جا رنگ سونهن سوڀيا به آهن، ته اشارا به. ڀيڄ ڀني، اڀرندڙ سج، چمڪندڙ چنڊ، نيرو آسمان... اهي سڀ شاعري ۽ مصوريءَ لاءِ پنهنجي روپ کان اونهي معنى رکن ٿا.“ (1)
    هر رنگ کي پنهنجو هڪ تاثر هوندو آهي ۽ تاثر، جذبن ۽ احساسن کي جنم ڏيندا آهن. ”يُنگ جي نفسياتي ڇيد موجب، نيرو رنگ آسمان ۽ ڇڊي وايومنڊل جو آهي ۽ سوچ جو اهڃاڻ آهي. پيلو رنگ سج جو رنگ آهي ۽ وجدان ۽ روشنيءَ جو اهڃاڻ. ڳاڙهو، رت ۽ باھ جو رنگ آهي ۽ اوچائيءَ لاءِ ڪتب اچي ٿو. سائو، ساوڪ ۽ زندگي آهي، ان ڪري احساسن جو رنگ آهي.... گھاٽو نيرو، سمنڊ، رات ۽ طوفان جو اهڃاڻ. ڪارو رنگ، اُپائيندڙ زمين لاءِ ڪتب اچي ٿو، ته سونهري سج جو صوفياڻو پهلو آهي. هندستان ۾ ديوي ماتا (Mother Goddess) جو رنگ ڳاڙهو آهي ۽ اهو تخليق جي رنگ طور ڪتب آيو آهي. اڇو رنگ نرملتا ۽ نجپڻي جو رنگ آهي.“(2) اهڙيءَ ريت ٻيا اهڙا انيڪ رنگ آهن، جن ذريعي هڪ آرٽيسٽ پنهنجن خيالن ۽ احساسن کي اظهاري ٿو، پر شاعر ان حوالي سان وڌيڪ امير ۽ خوشنصيب انهيءَ ڪري آهي، ڇو جو هو پنهنجي اندر جي خوابن ۽ خوبصورتين ۽ خارجي مظهرن کي بيان ڪرڻ لاءِ، لفظن ۽ احساساتي رنگن کان علاوه مذڪوره بيان ٿيل فني ذريعن يعني عڪسن، اهڃاڻن، تشبيهن ۽ استعارن کان پڻ ڪم وٺي ٿو، جن کي تنقيد جي اصولي زبان ۾ ”علم ترتيب“ چيو وڃي ٿو.
    شاعريءَ جي اڀياس جا ته ڪيئي طريقا آهن، پر عام طور تي فني لحاظ سان ان جي ڪٿ ۽ پرک ٻن طريقن سان ڪئي ويندي آهي. هڪ علم عروض ۽ ڇند جي، ڇيد يا تقطيع جو طريقو، جنهن ۾ بحرن، وزنن، آوازن ۽ پدن کي اهميت حاصل هوندي آهي، جڏهن ته ٻيو طريقو ”علم ترتيب“ آهي. ”علم ترتيب ۾آوازن ۽ لفظن بدران ٻوليءَ جي سونهن، شاعراڻي انداز، خيال جي ادائگيءَ ۽ لفظن جي هڪٻئي سان موزون ۽ مناسب لاڳاپي تي زور ڏنو ويندو آهي.“(3)
    ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو علم ترتيب جا چار عنصر، استعارو، عڪس، اهڃاڻ، اندروني معنى ۽ موسيقي ڄاڻائي ٿو، جڏهن ته ڪتاب ”Appreciation of poetry“ جو مصنف ”P.Gurrey“ مٿئين عنصرن کان سواءِ شاعراڻي جذبي، خيال، تجربي ۽ اظهار کي به ان ۾ شامل ڪري ٿو.
    شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ جمالياتي سونهن، فڪري تاثريت ۽ تازگي پيدا ڪرڻ لاءِ تمام گھڻين فني ۽ فڪري ندرتن کان ڪم ورتو آهي، انهن مڙني جي، هن مختصر آرٽيڪل ۾ اُپٽار ممڪن نه آهي. انهن تي تفصيلي طور ڪنهن ٻي ڀيري قلم کڻڻ جي ڪوشش ڪبي، هتي ”علم ترتيب“ جي فن سان لاڳاپيل فقط هڪ نقطي عڪس نگاري (Imagery) جي حوالي سان مختصر معلومات ڏيڻ کان پوءِ اياز جي شاعريءَ ۾ عڪس نگاريءَ جي حسن جي جھلڪ پَسڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
    شاعريءَ ۾ عڪسيت جي تحريڪImagery movement) ) جي باقاعدي ابتدا ته مغرب کان ٿي، پر ان جا اهڃاڻ مشرق جي مختلف ٻولين جي شاعريءَ ۾ ملڻ سان گڏوگڏ اسان جي لوڪ، اساسي ۽ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ پڻ ججھا ملن ٿا. عڪسي شاعريءَ کي غلام محمد شهواڻي ”محڪات“ ۽ ڪلياڻ آڏواڻي ”لفظن ۾ تصويرون“ جي نالن سان سڏن ٿا. شاهه سائينءَ جي سموري شاعري عڪسن سان ڀري پئي آهي. خاص ڪري سندس سُر سارنگ، سُر سهڻي، ڪاموڏ، کنڀات، سامونڊي، سُر سريراڳ، ڪاپائتي، مارئي، سسئي ۽ سُر مومل راڻو ۾ ڀٽ ڌڻيءَ جيڪي عڪس چٽيا آهن، اهي سيبتي شاعر سان گڏ سندس مصوراڻي خوبي کي ظاهر ڪن ٿا. لطيف جون اهي عڪسي تصويرون ايتريون ته ڀرپور ۽ اثرائتيون آهن، جو انهن مان جيئرا جاڳندا نظارا ۽ منظر اکين اڳيان چرندي پرندي محسوس ڪري سگھجن ٿا. رڳو ايترو ئي نه، پر ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ چٽيل عڪسن مان خوشبو جو واس به محسوس ڪري سگھجي ٿو. فڪر، احساس ۽ جذبي سان ٽمٽارعڪس هڪ پُرجھو ۽ حسن شناس شاعر ئي تخليق ڪري سگھندو آهي.
    ڊاڪٽر تنوير عباسي عڪس بابت چوي ٿو، ”عڪس ايترا پراڻا آهن، جيتري شاعري پراڻي آهي.... عڪس شاعريِءَ ۾ پهريان ئي موجود هئا، نقاد انهن جي باري ۾ خبردار گھڻو پوءِ ٿيا ۽ انهن جي باري ۾ لکڻ شروع ڪيائون.“(4)
    مغرب ۾ عڪسي شاعري جي تحريڪ جو امام ازاراپائونڊ آهي، ان کان علاوه ايف ايس فلنٽ، رچرڊ آر لنگٽن، آرچي بالڊ وغيره جا نالا شامل آهن، جن نه صرف ان تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو، پر عڪسي شاعريءَ جي نون پهلوئن کي اجاگر پڻ ڪيو.
    سنڌيءَ ۾ عڪسي شاعريءَ ۾ لطيف ڪمال ڪيو آهي، پر شيخ اياز لفظن کي تصويري روپ ڏئي، جيڪا مصوري ڪئي آهي، اها به پنهنجو مثال پاڻ آهي. ”اياز سموري زندگي حسن جي تلاش ۾ گذاري آهي، پوءِ اهو حسن، فطرت ۽ ڪائنات جي رنگينين ۾ موجود رهيو آهي يا زندگيءَ جي لقائن ۽ پَرتون ۾ پنهان رهيو آهي... اياز هن رنگ ۽ بوءِ جي ڪائنات ۽ انسان کي، ايڏي ته محبت ۽ حيرت سان ڏٺو ۽ پنهنجي شاعريءَ جي سِٽن ۾ سرجيو آهي، جو انسان ۽ فطرت يڪ وجود بڻجي پيا آهن. سندس شاعريءَ جو ڳانڍاپو حسن ۽ تخليقي سونهن سان رهيو آهي. حسن جو عام تذڪرو ته هر شاعر ڪري ٿو، پر حسن جي مظهرن ۾ تخليقي حسناڪي ڀرڻ، ڀٽائي ۽ اياز جي پايي جي شاعرن جي ڪارستاني آهي.“(5)
    شاعريءَ ۾ عڪسيت ۽ ان جي اهميت تي ڳالهائيندي، لِيوِس (Lewis) چوي ٿو:
    “An image is that by means of which the poet is able to create the mental picture of an idea. A picture similar to what can be seen by the natural eye. In its simplest terms, it’s a picture made out of words. An epithet, a metaphor, a simile may create an image, or an image may be presented to us in a phrase or a passage on the face of it purely descriptive to our imagination something more than the accurate reflection of an external reality” (6).
    هڪ تخليقڪار، پنهنجي من جا احساس ۽ اُڌما، جيڪي ٻين ماڻهن سان اورڻ چاهيندو آهي، انهيءَ لاءِ کيس پنهنجي محسوس ڪيل خيالن، خوابن، خوبصورتين ۽ خوشبوئن جي دنيا ٻيهر تخليقڻي پوي ٿي. هو پنهنجا جذبا، تجربا ۽ محسوسات ٻين تائين منتقل ڪرڻ لاءِ اظهار جا ڪيترائي ذريعا استعمال ڪري ٿو، جن مان عڪس به هڪ بهترين ۽ اثرائتو ذريعو آهن، جنهن بابت پي گُري لکي ٿو:
    “Imagery is all important, and the true poet has at his disposal imagery belonging to many diverse fields of experiences, and the greater the poet is, possibly the more fields in the affairs of life will be at his immediate disposal from which to draw his imagery, and the greater number of cross associations from one field to another are likely to be detected in his poetry” (7).
    ”عام طرح سان عڪس ٻن قسمن جا ڄاڻايا ويا آهن. هڪڙا معنوي (Figurative) ٻيا ظاهري يا لفظي عڪس (Direct or Literal images). عڪس، ڪنهن شعر ۾ موجود شاعراڻي معنى کي سمجھڻ جا اهم وسيلا آهن، ان ڪري عڪسي تجربن واري شاعري ئي بهتر ۽ خوبصورت چئي سگھجي ٿي.(8)
    ازرا پائونڊ، عڪس کي جادوئي بتي چوي ٿو. ڪولرج عڪس کان سواءِ شاعريءَ کي اجايو ٿو سمجھي. اسٽين مين ان کي ذهني خاڪو سڏي ٿو، جڏهن ته آئيسڪس جي نظر ۾ عڪسَ لفظي مصوري آهن.
    شيخ اياز جي سموري شاعري دل جي صدا جو آواز ۽ قدرت جي حسن ۽ حقيقت جو عڪس آهي. ”هن سنڌي شاعريءَ کي نه رڳو زنده جاويد ثقافتي ورثي سان ڳنڍيو آهي، پر پنهنجي دور جي ٻوليءَ جي اهڙي خوبصورت تخليق ڪئي آهي، جيڪا صدين تائين ايندڙ سرجڻهارن کي نه رڳو اتساهيندي رهندي، پر سندن رهنمائي ڪندي ۽ نين معنائن جي نئين روشني به پکيڙيندي رهندي.“(9) اياز سنڌي شاعريءَ جي پراڻي صنفن، بيت ۽ وائيءَ ۾، نه فقط احساس ۽ جذبي جو نئون روح اوتيو آهي، پر ان ۾ فڪر ۽ فن جي نئين گھڙت، لفظن جو نئون رِدم، ڪيفيتي ۽ عڪسي نواڻ جو حسن پڻ سمايو آهي.
    گھاڙوءَ گھڙيو ڪونه، ڳهڻو تنهنجي ڳل جئين
    سورٺ! توتان ڇو نه، ور ور مان واريو وڃان.

    (ڪپر ٿو ڪن ڪري، ص75)

    ــــــــ
    ڇاتيءَ تي ميهار جي، سهڻيءَ ڇڙيل وار،
    جھر جھر هوا جھنگ جي، اونده انڌوڪار،
    پَسائي ٿي پيار، ڀر تي دکي باهڙي.

    (ص، 125)

    حقيقت ۾ اياز هڪ مصور شاعر آهي. هو ڪنهن به احساس ۽ ڪيفيت کي بيان ڪرڻ لاءِ پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙا منظر ۽ عڪس چٽي ٿو، جيڪي لفظن ۾ اظهاريل ڪيفيت ۽ احساس کي وڌيڪ چٽو ڪن ۽ پُرتاثير بڻائين ٿا. هو لفظن سان جذبن جي ڳالھ ڪرڻ جو فن به ڄاڻي ٿو، ته فن سان جذبن جون تصويرون تراشڻ جي ڏات به رکي ٿو.مٿئين بيتن مان پهرين بيت ۾، پرينءَ جي ڳل کي ڳهڻو ڪوٺڻ ۽ ان جي حسن تان واريو وڃڻ جو احساس ڪو عام ۽ رواجي نه آهي، پر غير روايتي ۽ غيرمعمولي آهي، ڇو ته پرينءَ جي ڳل کي اهڙي حسين ڳهڻي سان تشبيھ ڏنل آهي، جنهن جھڙو سهڻو زيور اڄ تائين ڪو سونارو ٺاهي نه سگھيو آهي. سونو زيور پنهنجي جاءِ تي سهڻو، پر ان کان وڌيڪ حسين ۽ اَمُلھ پرينءَ جو ڳل، شاعر ان تي فدا رڳو ان ڪري نه آهي، ته اهو سهڻو آهي، پر ان تي ور ور وارجي انهيءَ ڪري ٿو، ڇو ته اهو ڳل حسين سان گڏ اَملھ ۽ بي مثل آهي. اياز جي بيت جي پهرين سِٽَ، ”گھاڙوءَ گھڙيو ڪونه، ڳهڻو تنهنجي ڳل جئين“ هڪ مڪمل احساساتي عڪس آهي، جنهن ۾ سُون وانگر سورٺ جي سونهن جَرڪي ۽ جَھلڪي رهي آهي.
    ٻي بيت ۾ اياز هڪ ئي وقت گھڻ پهلوئي عڪسن (Complex images) ذريعي سهڻي ۽ ميهار جي ملاقات ۽ محبتن جو اهڙو نقش چٽيو آهي، جيڪو نه فقط ڏسڻ ۾ جاذب آهي، پر ان ۾ جذبي ۽ احساس جي اُڇل به موهيندڙ ۽ من ۾ لهرون پيدا ڪندڙ آهي.
    لفظ جو باطن تخليقڻ، شاعراڻي رمز پيدا ڪرڻ، معنوي ۽ لفظي عڪسن سان شاعراڻي حساسيت جو حسن پَسائي سگھڻ، هر شاعر جي وس جي ڳالھ نه آهي، پر اياز پنهنجي ڪمال ڏات ۽ فن سان اهو سڀ ڪجھ ڪري ڏيکاري ٿو. ميهار جي ڇاتيءَ تي سهڻيءَ جا وکريل وار (غير متحرڪ عڪس،Static image )، هوا جا زوڪٽ (ٻڌڻ جو عڪس Auditory image)، چوڏس اونداهي (انتقالي عڪسSynaesthetic image ) ۽ ڀرسان ٽمڪندڙ باھڙي (ڏسڻ جو عڪس Visual image). هڪ ئي بيت ۾ چارئي عڪس ملي، هڪ انوکي فڪري ۽ احساساتي خوبصورتيءَ کي جنم ڏين ٿا.
    اياز جي سموري شاعري انساني حسن جي جَلوَنِ ۽ فطرت جي موهيندڙ مظهرن سان ڀري پئي آهي. هو حسن جو ايترو ته مشتاق ۽ متوالو آهي، جو هن جي اک زندان جي جھروڪي مان به چانڊوڪيءَ جو آبشار پَسي وٺي ٿي.
    آءُ زندان جي جھروڪي مان نهار،
    ڪهڙي پياري رات آ.
    آسمانن مان ڪري ٿو آبشار،
    ڪهڙي پياري رات آ.
    هيءَ هوا، هي هيجُ، هي سامهون کجورين جي قطار،
    ڪهڙي پياري رات آ.
    (ڀونر ڀري آڪاس، ص92).
    رات، جيڪا اونداهي ۽ بدزيبائيءَ جي علامت آهي ۽ زندان، جيڪو قيد، مجبوري ۽ اداسي جو اهڃاڻ آهي، جتي روشني ۽ خوشبو جو ڪوئي رهگذر ڪونهي، اياز پنهنجي سٽن ۾ ان اونداهي رات ۽ قيد جي ڪوٺڙيءَ جو عڪس پَسائي ٿو. زندان، جتي زندگي، پَرَ ڪٽيل پرندي جھڙي آهي. جتي آزادي ۽ اُڏام سلب ٿيل هجي ٿي. جتي سج رڳو ديوارن کان ٻاهر ٿو اُڀري ۽ چنڊ جي چانڊوڪي فقط جيل جون ڇتيون ئي ڏسن ٿيون. هڪ ڀيانڪ عڪس. ساھ مُٺِ ۾ ڪري ڇڏيندڙ تصور. پر ٻي سِٽَ ۾ اياز زندان جي جھروڪي مان ٽپي ايندڙ چنڊ جي چانڊوڪيءَ جي آبشار ڌارائن جو، جيڪو عڪس چٽيو آهي، اهو ايترو ته حسين ۽ موهيندڙ آهي، جو سياھ رات ۽ جيل جي سلاخن جو قبيح تصور به گھڙِي پل لاءِ وسري وڃي ٿو.
    اياز وٽ محبوب جو تصور خوشبو جي احساس جھڙو آهي. هو هر حسين شيءِ ۾، ان جي ئي حسن ۽ جمال، ان جي ئي خوبين، ان جي ئي محبت ۽ محبوبيت کي تلاشي ٿو ۽ پرينءِ جي درشن ۾ ئي سنسار جي سونهن پَسڻ جو اظهار ڪري ٿو:
    چاندي راتين ۾ ڪنهن رابيل جي ٻوٽي جيان،
    ڄڻ تون هئينءَ.
    يا سڳنڌن ۾ ڀريل ڪنهن واءُ جي جھوٽي جيان،
    ڄڻ تون هئينءَ.
    تون ملينءَ مون کي ته سارو جڳ مليو، ٻيو ڇا کپي!
    منهنجي سکي!
    (راج گھاٽ تي چنڊ، ص183)
    اياز جي شاعري، مٽيءَ جي خوشبو سان واسيل آهي. هن جي شاعريءَ ۾ سنڌ، هڪ جاگرافيائي سرحدون رکندڙ ديس نه، پر هڪ ڌڙڪندڙ دل آهي. سونهن ۽ عشق جو استعارو آهي. محبت جو معجزن سمنڊ ۽ جذبن جو بي انت بحر آهي. ”توهان هن جي شاعري پڙهي هڪ مڪمل سنڌ سان ملي سگھو ٿا. هڪ اهڙي سنڌ، جيڪا فقط لڪيرن وسيلي دنيا جي گولي تي ڪڍيل نقشو نه آهي، پر هڪ ڪبوتر جي دل ۽ عقاب جي اک به آهي. جيڪا مور جو پَر به آهي ۽ رڃ ۾ هرڻ جي ڊوڙ به آهي. جيڪا پاڻياريءَ جي مٿي تي ٻيلهڙو آهي ۽ دور کان نظر ايندڙ اُٺن جو قافلو آهي. سنڌ، جيڪا ڪڏهن تاڙي جي تنوار ۽ ٻاٻيهي جو ٻول آهي، ته ڪڏهن ڪاريهر جو وِھُ ۽ واگھ جي گُھورَ آهي. اها ئي سنڌ، هن جي شعرن ۾ ساونوڻ جي سِنڌوءَ وانگر اُٿلون کائيندي، ڏسي سگھجي ٿي.“(10)
    توکي ڪهڙي ڪل
    جيءَ نه اچي جھل،
    مون کان سنڌ نه وسري.
    تون ڇا ڄاڻين اوپرا
    توکي ڪهڙي ڪل،
    مون کان سنڌ نه وسري.
    ــــــــــ
    ڪنڊيءَ سايون سڱريون، پُسيءَ ڳاڙها گُلَ،
    مٿان وَسيون مينهن جون، بوندون موتيءَ تُلَ،
    ڪهڙا مٽيءَ مُلَ، گھوري جند ملير تان.

    ايازکان جتي سنڌ جون رونقون ۽ راحتون، سنڌ جون سندرتائون، گل ۽ گلزاريون، بارشون ۽ بارشن کان پوءِ مٽيءَ جو هڳاءُ نه ٿا وسرن. ان جي خوبين ۽ خوبصورتين جا ڳڻ ڳائيندي سندس جيءُ نه ٿو ڍاپي، اُتي هُن کان سنڌ ۽ سنڌ واسين جا بُک ۽ بدحالي سبب ويران ٿيل وجود ۽ اهنجن ۽ عذابن جي لُکَ ۾ لهساٽيل چهرا به ڪونه ٿا وسرن، جن جو عڪس هئين پيش ڪري ٿو.
    آ گدري جي ڦار امان!
    اڄ پورو ناهي چنڊ، اسان کي بُک به ڏاڍي آ!
    ڏاڙهونءَ ڪڻِ چوڌار امان!
    هي تارا تارا منڊُ، اسان کي بُک به ڏاڍي آ!
    ڏٿ به ڏونرن ڏار، امان!
    تون پينهين خالي جنڊُ، اسان کي بُک به ڏاڍي آ!
    هي چنڊُ امان! هي منڊُ امان!
    پر سڀ کان ڳورو جنڊُ، امان!
    هي تنهنجو ڪورو جنڊُ، اسان کي بُک به ڏاڍي آ!
    ــــــــــــــ
    ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو،
    سائو نه سلڙو، ڇانگو نه ڇيلڙا، مارو اڪيلڙا!
    پنڊيءَ نه ڳڀڙو، وِھُ وات ويلا،
    منهنڙا به ڀيلا، ڳوڙها ڳهيلڙا، مارو اڪيلڙا!
    ساري سيارو ٿي ماٺ ماري،
    سومر، اڱاري، ماڻهو نه ميلڙا، مارو اڪيلڙا!
    ٿا جيءُ جُھورنِ ۽ روھ رولن،
    جنهن وقت ٻولن، ڪڻڇي ڪُويلڙا، مارو اڪيلڙا!
    مارو اڪيلڙا!
    اياز جا مٿيان ٻئي نظم خوشحال سنڌ جي بکئي ۽ بدحال ماڻهن جو چٽو پٽو عڪس آهن. پيڙهيل ۽ پورهيت ماڻهن جو هنن نظمن ۾ جيڪو احساساتي درد اوتيل آهي، اهو هڪ حساس دل ماڻهوءَ جي لونءَ ڪانڊاري ڇڏي ٿو. نظمن ۾ موجود تصويري عڪس، شاعر جي دلي ڪرب ۽ ذهني اضطراب کي ظاهر ڪري ٿو، ته ساڳي وقت انهن ۾ ٻولي ۽ خيال جي تاثريت ۽ لفظي مصوريءَ جو ڪمال پڻ موجود آهي. ائين ٿو لڳي ڄڻ وان گوگ، پال گوگين يا پڪاسو جي ڪائي پينٽنگ هجي، جنهن جا رنگ روئي ڳالهائيندا هجن. اياز لفظن کان جيڪو رنگن جو ڪم ورتو آهي ۽ انهن رنگن ۾ جذبن ۽ احساسن جو، جيڪو روح ڀريو آهي، اهو سچ ته سندس مصوراڻي حس ۽ ڪمال ڏات جو ڏس ڏئي ٿو.
    اياز لاءِ ساري سنڌ ته پرينءَ جو پاڇو هئي، پر خاص ڪري ٿر سان هن جو عجيب انس ۽ عشق هو. ٿر، جنهن جو فطري حسن، مٽيءَ جي سڳنڌ سان مهڪيل ماحول، ان جا گل، ٻوٽا، ڀِٽون، ڏهر، مور، مارو، ڪارونجھر، مطلب ته اياز جي شاعري، ٿر جي صبح ۽ سانجھين جي حيرتن ۽ حسناڪين سان رنڱيل آهي. سندس سموري شاعري ۾ ٿر جي سونهن ۽ سندرتا جھلڪي ٿي ۽ ان جي جيوت جا عڪس ملن ٿا. خاص ڪري سندس شاعريءَ جا مجموعا، ”اَڪن نيرا ڦُليا، وِڄُون وَسڻ آئيون ۽ جُھڙ نيڻان نه لهي“ ٿر جي موضوع ۽ ماحول جي پسمنظر ۾ سرجيل آهن. ٿر، جنهن کي هُو خدا جي خوبصورت ۽ شاهڪار مصوري سڏي ٿو، ان جي سونهن، ثقافت ۽ ماحول جا سندس شاعريءَ تي اڻ مِٽ اثر آهن، جنهن جو هو پاڻ اعتراف ڪندي پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکي ٿو: ”ٿر خدا جي مصوري آهي. خدا جيڪو عظيم ترين مصور آهي ۽ پوري ڪائنات هن جو ڪئنواس آهي. مون کي سارو ٿر تصوير وانگر نظر آيو، جنهن مون تي ۽ منهجي شاعريءَ تي، اَمٽ ڇاپ ڇڏي آهي. هاڻي جڏهن مان تصور ٿو ڪريان ته، مون کي مِٺيءَ جا گھر پڪاسو جي ڪيوبسٽ تصويرن وانگر ٿا لڳن.... ٿر ازلي نقاش جو حقيقي نقش آهي. ازلي مصور جي مصوري آهي. ازلي صنم تراش جا ٺاهيل سڊول جسم آهي، جي هزارين لينارڊو ڊاونچي گڏجي پيدا ڪري نه سگھندا. ٿر ازئڊورا ڊنڪن ۽ نيروفيف جو رقص آهي ۽ اهي لوڪ گيت آهي، جن تي خود يوناني ديوتا ڊايوني سس به رقص ڪري ها ۽ جي شِوُ ڏسي ها ته، هو جنگ بدران امن جو رقص ڪري ها.“(11)
    اياز لاءِ ٿر، وجودِ ذات جو استعارو ۽ انڪشافِ ذات جو هڪ مسلسل عمل آهي، جنهن ۾ شاعر آد جڳاد کان سفر ۾ آهي. هي سفر شاعر جي ذات اندر جاري آهي، ليڪن ردعمل طور سندس انڪشافات، مادي دنيا سان ٽڪرائجن ٿا ۽ سندس ان ذات جي سفر جا اولڙا (Reflections) ئي سندس شاعريءَ جو تاڃي پيٽو جوڙين ٿا.... اياز جي ”ٿر“ ۾، حسياتي لحاظ کان ڪٿي ڪٿي ٽي ايس ايلئٽ (T. S. Eliot) جي مشهور نظم (The Waste land) جون ساروڻيون ملن ٿيون، بلڪه ائين چئجي ته اياز ان جي ڪئنواس ۾ ڪيترائي اضافا ڪيا آهن.“(12) ته ان ۾ ڪوبه مبالغو نه ٿيندو.
    اياز جي شاعريءَ ۾ گھڻ رنگي حسناڪي ۽ دلفريبي آهي. هن فطرت ۽ انساني سونهن جي سنگم سان پنهنجي شاعريءَ جي تاڃي پيٽي ۾ جيڪا حسين صورتگري ۽ صنم تراشي ڪئي آهي، اها قابلِ تعريف ۽ قابلِ رشڪ آهي.
    سَر تي نِوڙيون سومريون، جھُٻا ڏين نه جھل،
    جھومڪ جھومڪ پاپڙيون، جھرمر، جھرمر ڳل،
    جرڪي پيا جھاجھ ۾، کائي انگ اُٿل،
    ڇا ڇا پيارا پل، وارياسي جي واٽ ۾.

    ــــــــــــــــــــــــ

    ڏيئا منجھ ڏهر، چونري چونري چمڪيا،
    آڌيءَ واءُ اتر جي، ٿر ۾ آھ ٿَهر،
    تو بن پوھ پهر، سوَ ساروڻيون سيءَ ۾.

    مٿئين بيتن ۾ اياز نه رڳو ٿر جي قدرتي نظارن ۽ نسواني حسن جي مصوري ڪئي آهي، پر انهن ۾ ٻوليءَ جي سونهن، اظهار جي ندرت، لهجي جي نرملتا، احساس جي نفاست ۽ جذبن جون حسناڪيون به ڪمال جون اوتيون آهن. انهن ۾ موجود احساساتي ۽ عڪسي سونهن نه صرف نيڻن کي موهي ٿي، پر خيال ۽ تصور جي نزاڪت پڻ دل جي دوار تي دستڪ ڏئي ٿي. سَر تي نوڙيل ناريون، اُڇلون ڏيندڙ انگ، ڪنن ۾ جرڪندڙ جھومڪ، گلابي ڳل، هوا ۾ لهرائيندڙ لباس، ڏهرن ۽ چونرن ۾ ٽمڪندڙ ڏيئا، آڌيءَ اتر واءُ، ٿر جي ٿڌي رات ۽ پرينءَ بنا ساه ۾ سرجندڙ سوين ساروڻيون، ڪيڏيون نه لفظن ۾ جامع تصويرون ۽ مڪمل عڪس آهن.
    شاعر جي عڪس نگاري، فوٽوگرافيءَ کان انهيءَ ڪري مختلف ۽ منفرد آهي، جو ان ۾ منظر جامد، نه پر متحرڪ ۽ جيئرا جاڳندا محسوس ٿيندا آهن. هر منظر ۾ هڪ ڪيفيت، هڪ احساس، هڪ رنگ ۽ روح هوندو آهي. اهڙي رنگ ۽ روح سان ڀرپور اياز جو هي عڪسي اسڪيچ ڏسو، جنهن ۾ رنگ ۽ منظر هڪ ئي وقت رلي ملي روح کي عجيب راحت ۽ اکين کي انوکي تراوت آڇي رهيا آهن.
    اڪن نيرا ڦليا، مٿان مينهن وسن،
    سارو ڏينهن گسن، ڪارونجھر سان ڪڪريون.

    ضروري ناهي ته سڀ عڪس رومانوي هجن يا سونهن سوڀيا جو احساس ڏيارين. شاعر جو ڪم آهي حقيقت نگاري. هن ڪائنات ۾، جيڪو ڪجھ هن جي دل ۾ جذبي کي جاڳائي، ان کي شعر ۾ چٽي، پوءِ اهو خوبصورت هجي يا سادو سودو. ڪمال رڳو 'سهڻي تصوير' چٽڻ ۾ ناهي، پر' تصوير چٽڻ' ۾ آهي. اهڙي تصوير جيڪا پڙهندڙ يا ٻُڌندڙ جي آڏو خود بخود اُڀري اچي.(13) اهڙي ئي ڪراچي شهر جي هڪ تصوير، جنهن ۾ اياز، ان صنعتي ۽ سرمائيداري شهر جي جيوت جو نقش چٽيو آهي. وڏا وڏا بنگلا، وڏيون وڏيون گاڏيون، اڻ کٽ دولت، عياشي، پر مشيني زندگي، کوکليون خوشيون، موت جي ڊپ ۾ ويڙهيل هر پل، نمائشي محبتون، رڳو دونهون ئي دونهون، ايتري پاليوشن، ايتري گدلاڻ، جو ماڻهو ته ماڻهو پر چنڊ جو ساھ به منجھڻ ٿو لڳي.
    ناهي ڪو آڪاس،
    ڪراچيءَ ۾!
    دونهون دونهون سارا ماڙا،
    چورنگي ڇا چاڪي واڙا،
    چنڊ کڻي ڪيئن سواس،
    ڪراچيءَ ۾!
    ڍڳ ٿيو آ ڪارو ناڻو،
    ڪاڻو راڻي اگھ وڪاڻو،
    مومل ڇاهي؟ ماس،
    ڪراچيءَ ۾!
    (چنڊ چنبيليءَ ول، ص63)
    ــــــــــــــــ
    بابو بندر روڊ تي، سانجھيءَ وير هشام،
    اينگھي ٿي انگريز جي،اڃان تائين ٽرام،
    جھرمر جھرمر شام، ماڻهو پاڇا موت جا.

    (ڪپر ٿو ڪن ڪري، ص289 )

    حقيقت ۾ اياز جي شاعري، اهڙو رنگ رتو آڪاس آهي، جنهن ۾ انيڪ تاثر ۽ تصور جون دلڪشيون آهن. هن جي شاعري جماليات ۽ تصورات جو هڪ اهڙو حسين محل آهي، جنهن جي هر دري ۽ دروازي مان سونهن ۽ سندرتا جھلڪندي محسوس ٿئي ٿي. هن جي شاعريءَ کي روح جي گھرائيءَ سان پڙهڻ ۽ پُرجھڻ کان پوءِ اها سُڌ پوي ٿي، ته هو واقعي هڪ مصور شاعر (Imagist Poet) آهي ۽ هن جي شاعري، حُسن ۽ حيرت جو انوکو جزيرو آهي.
    حوالا
    1. عباسي تنوير، ”شاھ لطيف جي شاعري“، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1989ع، ص309.
    2. ايضا، ص110.
    3. جويو تاج، ”نيڻ مهٽي خيال جاڳيا“، روشني پبليڪيشن حيدرآباد، 1993ع ،ص23.
    4. عباسي تنوير، ”شاھ لطيف جي شاعري“، ص88.
    5. جويو تاج، (مقالو)، ”شيخ اياز حسناڪ شاعر“، (مهڪ چنبيلي ول جي، ايڊيٽر: ادل سومرو)، شيخ اياز چيئر، شاه لطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس، 2004ع، ص87.
    6. Cecil Day Lewis, “The poetic image”, p:4.
    7. P. Gurrey, “The Appreciation of Poetry”, oxford university press London, 1955, p: 49.
    8. جويو تاج، ”نيڻ مهٽي خيال جاڳيا“، ص33.
    9. جويو تاج، ”مان ورڻو هان، مان ورڻو هان“، مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ، 2000ع، ص70.
    10. سميجو اسحاق، (مقالو) ”اياز جي بغاوت“ ماهوار پرک ڪراچي، (ايڊيٽر: نثار منصور)، ڊسمبر 2011ع، ص13.
    11. شيخ اياز، ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافرـــ1“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس حيدرآباد، 1995ع، ص، 68، 88.
    12. چانڊيو امير علي، ”شيخ اياز جي شاعري هڪ مطالعو“، ماهوار سهڻي اياز نمبر، مارچ 1990ع، ص100.
    13. عباسي تنوير، ”شاھ لطيف جي شاعري“، ص92.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,265
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    توکي ڪهڙي ڪل
    جيءَ نه اچي جھل،
    مون کان سنڌ نه وسري.
    تون ڇا ڄاڻين اوپرا
    توکي ڪهڙي ڪل،
    مون کان سنڌ نه وسري.
    ــــــــــ

    شيخ اياز جي شاعريء ۾ ڪمال جي عڪسبندي ٿيل آهي۔ اياز ڌرتيء جي چوٽيء جي شاعرن مان هڪ آهي ، جنهن شاعريء کي سونهن بخشي آهي۔ فياض لطيف جو ڪيل جائزو سچ ته سهڻو ۽ بهترين لڳو۔
     
    عبدالغفار ڀٽي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو