اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها....!

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏19 آڪٽوبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها....!
    فياض لطيف

    شيخ اياز سنڌي ادب جي زنده تاريخ آهي. هو سنڌ ۾ ڀٽائيءَ کان پوءِ اهو سرجڻهار آهي، جنهن جي سٽن ۾ صدين جون صدائون ۽ صدائن ۾صدين جي جوت ۽ جياپي جو ساهس آهي. هو سنڌي ڪويتا کيتر جو اهو قلمڪار ۽ ڪوي آهي، جنهن جي فڪر ۽ فلسفي، نه صرف سماجي تحرڪ ۽ تبديليءَ ۾ نمايان ۽ موثر ڪردار ادا ڪيو آهي، پر هن جي شاعراڻي ڏات ۽ فني ندرتن سنڌي شاعريءَ کي اظهار جو انوکو افق ۽ ڪمال جو تخليقي ڪئنواس به ڏنو آهي. قومي جاڳرتا هجي يا ترقي پسند فڪر جو ڦهلاءُ، آزادي، اخلاقيات ۽ آجپي جي اپٽار هجي يا شاعراڻي فن جون نفاستون، شيخ اياز جو قلم ۽ ڪردار معجزانه محبوبيت جو حامل رهيو آهي، پر بدقسمتيءَ سان هر جينئس وانگر اياز عمر ڀر متنازع رهيو. ائين جيئن افلاطون ۽ سقراط، پئبلونرودا ۽ مينڊل اسٽام، دوستوفسڪي ۽ ماياڪوفسڪي، گليلو ۽ ڪنفيوشس، لينن ۽ مارڪس، ۽ ٻيا اهڙا انيڪ سڄاڻ ۽ سُچيت ماڻهو متنازع رهيا آهن.
    اياز سان فڪري ۽ نظرياتي اختلاف رکڻ جو حق، هر باشعور ۽ سڄاڻ فرد جو سماجي ۽ فڪري حق آهي، ڇو ته صيحتمند اختلاف ئي سگهاري سوچ کي جنم ڏيندا آهن، پر افسوس جو، اياز کي سدائين انتهائن جو شڪار بڻايو ويو. هن سان فڪري ۽ نظرياتي اختلاف رکي سرت ۽ ساڃاه جي راهه اپنائڻ بدران ذاتي بغض ۽ وير پاڙِيا ويا. ڇسي انائن ۽ هٺ ڌرمي جي جنگ جوٽي وئي. تنقيد جي آڙ ۾ کيس لوئيو ويو. تهمتن ۽ الزامن جي تيرن جي بارش برسائي وئي. سندس هيرن جھڙين ڪوتائن کي نظر انداز ڪري، سطحي قسم جي بهتانن جي بازار گرم ڪئي وئي.
    ”هيرا ته ڏسو ڪنڪر نه هڻو، ڪجهه ڏات ڏسو پوءِ بات ڪريو، هي شور اجايو آ پيارا....“
    اياز سان ان جي زندگي کان وٺي مرتئي ۽ اڄ تائين جن ڌرين اختلاف رکيا آهن، انهن جو جيڪڏهن تجزيو ڪنداسين، ته اهي مجموعي طور تي ٽن قسمن جا ماڻهو آهن. هڪڙا اهي آهن، جن کي اياز جي شاعريءَ جو فڪر ۽ فلسفو، جرئت ۽ جدت پنهنجن طئي ٿيل محدود معيارن ۽ ماپن سان مطابقت رکندڙ محسوس نه ٿي، نتيجي ۾ انهن پنهنجي تنگ نّظري ۽ رجعت پسندي جو مظاهرو ڪندي، اياز تي غير اسلامي، ديش دروهي، باغي، ملحد ۽ ڪافر هجڻ جون فتوائون مڙهيون. ٻيا اهي قومپرست ۽ ترقي پسند چوائيندڙ ۽ مختلف تحريڪن سان لاڳاپيل ماڻهو آهن، جن کي اياز جي شاعري جي سڏ ۽ پڙاڏي، شعوري وسعتن کان وٺي روح جي گھرائين تائين ڇهيو ۽ متاثر ڪيو. انهن لاءِ اياز جي شاعري اهو مچ هئي، جنهن تي ڪنهن وقت انهن پتنگن جيان رقص ٿي ڪيو. جنهن وقت اياز جي ٻولن ”مان ڏوهي ها، مان ڏوهي ها، ۽ سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار او يار...“ جي گونج ٿي گونجي، ان پل سموري سنڌ جي ماڻهن ۾ ڄڻ ته منصوري روح ٿي جاڳي پيو.
    سٺ واري ڏهاڪي ۾ شيخ اياز تي بنياد پرستن جيڪا باهوڙ ۽ بهتان بازي ڪري، اقتداري حلقن جي آشيرواد سان سندس ڪتابن ”ڀونر ڀري آڪاس، ڪلهي پاتم ڪينرو ۽ جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ تي بندشون وجھرايون ۽ کيس جيل ياترا ۽ شهر بدر ڪرايو. ان وقت ان عمل جي قوم پرست، ترقي پسند ۽ مڙني سڄاڻ ادبي ۽ ساڃاه وند ڌرين ڀرپور مزاحمت ۽ مذمت ڪئي. غلام محمد گرامي ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ جھڙو پرمغز مقالو لکيو، ته رسول بخش پليجو ”انڌا اونڌا ويڄ“ جھڙو ڪتاب لکي، بنياد پرستن کي اهڙو آئينو ڏيکاريو، جنهن سان سندن ٺپ ئي ٺري ويا. ان کان علاوه ابراهيم جويو، رشيد ڀٽي ۽ ٻين کوڙ قلمڪارن اياز جو فڪري دفاع ڪري ساڻس ساٿ نڀايو.
    ايوب جي مارشالا هجي يا ون يونٽ واري تحريڪ، اياز جي شاعري باهه تي پيٽرول وارو ڪم ۽ ڪردار ادا ڪيو آهي. جنهن جو اعتراف ڪندي عبدالواحد آريسر پنهنجي هڪ ليک ۾ لکيو آهي، ”اها اياز جي مزاحمتي شاعري هئي، جنهن مون جھڙي ڪمزور ماڻهوءَ ۾ فولادي سگھ پيدا ڪئي. اها ئي شاعري ان کان اڳ هزارين نوجوانن کي ميدان ۾ آڻي، ون يونٽ جو قهري ڪوٽ ڪيرائي چڪي هئي. اياز جي مزاحمتي شاعريءَ جو ڪمال اهو آهي، ته ان ۾ پُرجوش لهجي، خوبصورت لفظن ۽ بي پناه آهنگ سان گڏ نفيس ۽ نازڪ جماليات به آهي، جنهن سنڌ جي قومي تحريڪ کي انارڪيءَ کان روڪيو. اها حقيقت پنهنجي جاِ تي آهي، ته سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ انتشار ۽ ڪرائيم جو زور انهن سالن ۾ وڌيو، جن سالن ۾ اياز کي قومي تحريڪ کان الڳ ڪيو ويو“.
    اهي ماڻهو، جيڪي اياز کي فڪري طور پنهنجو مرشد ۽ روحاني رهبر چوندا هئا ۽ محفلن ۾ سندس اٿي آڌرڀاءُ ڪندا ۽ سندس چرنن ۾ ويهڻ پنهنجي سعادت سمجھندا هئا، انهن اڳتي هلي اياز تي الزامن ۽ تهمتن جي بوڇاڙ ڪئي. بقول جامي چانڊيو، ”اهو شيخ اياز، جيڪو قومي تحريڪ جو روح سمجھيو ويندو هو، جنهن بغاوت جا گيت ڳاتا هئا، جنهن جي لفظن ۾ ايتري سگھ هئي، جو اهي بند اسيرن جا ذهن کولي ٿي سگھيا ۽ سندن ضميرن جا زنگ ٿي لاٿا، اهو باغي اياز، جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿيو، ته قوم پرستاري مٿس ڪاوڙجي پئي ۽ هو سندن عتاب جو شڪار ٿيو”.(سنڌي ادب ۾ تنقيد ص14)
    اياز جي ڏات، پورهئي ۽ شاعراڻي فڪر ۽ فلسفي کان نه رڳو منهن موڙيو ويو، پر پنهنجي انوکي فڪر ۽ فن جي شاعراڻي اظهار جي گلن سان سنڌي ادب جا جھول ڀريندڙ هن سرجڻهار کي ڪيترين ئي تهمتن جو نشانو بڻائي کيس تنها ۽ اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
    ”اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها، آزاد هوا ڇا ٿيندي آ.
    اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها، پرواه بنا پر ڪيئن هوندا،
    آزاد هوا ڇا ٿيندي آ....!“
    دنيا جي ٻين انيڪ ڏاهن ۽ من موجي ماڻهن جيان اياز جو الميو به اهو هيو، ته هو لڪير جو فقير نه، پر ڀٽائيءَ جي سٽ ”لوڪ وهي لهوارو، تون وهج اوڀار“ جو عملي ۽ فڪري پيروڪار هو.
    پهرين دور ۾ ملاڻڪي انتهاپسندي سندس اظهار، احساس ۽ شاعراڻي جماليات جي ويري رهي، ته ٻي دور ۾ قومي تحريڪ ۽ سن جي سائين جي ڏنگا ٻار چوائيندڙن جي اٻهرائي ۽ انتهاپسنديءَ اياز کي ايذائيو. جيڪڏهن رجعت پسندن اياز جي ڪتابن تي بندش وجھرائي کيس قيد ۽ بند تائين رسايو، ته قوم پرست جيالن سندس شخصيت ۽ ذات کي لوئي سنڌ جو قومي ترانو سڏجندڙ وائي، ”سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نمايان مان“ تي نه فقط بندش وجھرائڻ جهڙو ڀورڙائيءَ جو ڪم ڪيو. پر ان جي نعم البدل لاءِ استاد بخاري، نياز همايوني، ابراهيم منشي ۽ راشد مورائيءَ کان ”سنڌ جو قومي ترانو“ لکرائڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي، جيڪا ڪوششن جي باوجود بي سود رھي.
    ٻي طرف کاٻي ۽ ترقي پسند ڪوٺائيندڙ ڌر، جنهن اياز جي دفاع ۽ سندس شاعري جي تشريح ۽ ترويج ۾ ڪنهن وقت ۾ پاڻ موکيو، پر ايازجي شاعراڻي احساس جي اٿل جڏهن پاسو بدلايو، تڏهن اهي رفيق ئي سندس رقيب بڻجي پيا. اهو اياز، جنهن جي شاعري جي فڪري، فني ۽ جمالياتي قدرن جي تشريح جي حوالي سان وڏيون ويهڪون، مذاڪرا ۽ سيمينار منعقد ڪيا ٿي ويا. جنهن کي انقلابي، عوامي ۽ باغي شاعر چئي، ”لطيف ثاني“ جا لقب ڏنا ٿي ويا. ان ئي شيخ اياز جي شاعريءَ کي مدي خارج، مصلحتي ۽ ملائيت جو پرچارڪ ڪوٺي مسترد ڪيو ويو. اياز کي اياز بڻائڻ جون دعوائون ڪيون ويون. ڪوڙي انائن جي تسڪين خاطر اياز سان ڀيٽا ڀيٽي جو سلسلو شروع ڪيو ويو.
    ”پوپٽ پرڙا مينهن ۾ ڀڄي پون جيئن، آزادي ۾ تيئن، ڏک نه ڌکن وانگيان.“
    اياز سان اختلاف رکندڙ ٽيون سندس اهو همعصر اديب ۽ شاعر لڏو آهي، جيڪو پروفيشنلي ساڻس حسد ۽ ساڙ رکندڙ ۽ ذاتي طور تي کانئس رٺل هو ۽ مٿانئس وقت بوقت پٿر وسائيندو رهيو. چوندا آهن، ته سونهن پنهنجا مداح ۽ چاهيندڙ پيدا ڪندي آهي، پر اها به حقيقت آهي، ته اها ئي سونهن پنهنجا دشمن ۽ ويري به پيدا ڪندي آهي. اياز جي شاعري پنهنجا عاشق ۽ واهرو به ٺاهيا، ته پنهنجا دشمن ۽ ويري به.
    شيخ اياز ڪٿي لکيو آهي، ”جي هڪ اديب جو همعصر، هن جيترو هم اثر نه آهي، ته هو انهيءَ اديب جو دشمن ٿيندو“. ۽ اياز جا همعصر، جيڪي ادبي کيتر ۾ هن جيترا هم اثر ۽ سگھارا نه هئا، انهن سندس خلاف خوب زهر اوڳاچيو.
    شيخ اياز هڪ سگھاري شاعر سان گڏ هڪ انسان هو. انساني ناتي هن ۾انيڪ خوبيون به هونديون، ته منجھس کوڙخاميون به، فڪري ۽ نظرياتي حوالي سان ساڻس اختلاف ڪري سگھجي ٿو، پر مختلف ڌرين طرفان وقت بوقت هن سان جيڪي تنازعا ۽ تضاد ٿيا، انهن جو بنياد سچ ته آدرشن ۽ اصولن کان وڌيڪ هٺ ڌرميون ۽ انائون هيون. اياز ان روئداد کي پنهنجي هڪ شعر جي سٽ ۾ ڏاڍي سيبتائي ۽ جانداريت سان هن ريت سمايو آهي، ”هو چون ٿا هيئين چئه، آءٌ چوان ٿو ائين نه چوندس..“! اياز جي هيءَ سٽ نه رڳو سندس فنڪارانه اندر جي پُر درد پڪار آهي، پر ان سٽ جي احساساتي فڪر ۽ فلسفي ۾ برصغير جي مني صديءَ جي سياسي ۽ فڪري الميئي جو احساس به سمايل آهي.
    مان جو تنهنجي دور جو آئينو آهيان،
    ڪيڏو ٿو چاهيان، مون ۾ ڏسين پاڻ کي.
    شيخ اياز گھڻ پڙهيو ۽ گھڻ رخيو شاعر ۽ سرجڻهار هو. هن جي ڏات ۽ حيات ڍنڍ جي بيٺل پاڻيءَ بدران آبشار وانگر سدا شفاف، تازي ۽ متحرڪ هئي. اهو ئي سبب آهي، جو ڀٽائيءَ کان پوءِ اهو شيخ اياز ئي آهي، جنهن نه صرف پنهنجي پوري همعصر ادبي لڏي تي پنهنجا فني ۽ فڪري اثر چڏيا، پر ان سان گڏوگڏ ايندڙ نوجوان ٽهيءَ تي پڻ پنهنجي ڇاپ چڏي اٿائين.
    جيئن آبشار ڌارائون پنهنجا گس ۽ پيچرا پاڻ ٺاهينديون آهن، تيئن سرجڻهار ۽ فنڪار به پنهنجي اندر جي آبشار ڌارائن ۾ پُرڪيف ۽ يگانو ٿيندو آهي. ڀٽائيءَ جي سموري شاعري مختلف ڪيفيتن، ڪردارن، فلسفن ۽ فڪرن جا عڪس ۽ اولڙا پيش ڪندڙ آهي. ان ۾ محبت به آهي، ته بغاوت به. وحدانيت به آهي، ته وجوديت به. تصوف به آهي، ته انقلابيت به. ويڳاڻپ به آهي، ته واهر ۽ ڀرجھلائي به. ساڳي ريت اياز جو شاعراڻو فڪر ۽ فلسفو به مختلف موضوعن ۽ ڪردارن جي ڪيفيتن جي گوناگونيت سان مالامال آهي. اهو هڪ ئي وقت، فلسفي ۽ فڪر جي جدت رکندڙ به آهي، ته باڪمال فن ۽ انوکي احساساتي اظهار جو مظهر به. پر الميو اهو آهي، ته سندس شاعريءَ جو گھڻي قدر فڪري ۽ نظرياتي مطالعو ته ڪيو ويو آهي، ليڪن هن جي شاعريءَ جي فني ۽ جمالياتي پاسي تي بنھ ئي، نه جي برابر ڪم ٿيو آهي. هڪ طرفي تجزئي ۽ تعريف، اڌوري چنڊ ڇاڻ ۽ ڌريائتي تاويلن ۽ تشريحن جو نتيجو اهو نڪتو آهي، جو اياز کي ڪن ڪڏهن پنهنجو فڪري رهبر بڻايو آهي، ته ڪڏهن ڪن وري نظرياتي اختلافن سبب کيس مسترد پئي ڪري ڇڏيو آهي.
    ان حوالي سان نور احمد ميمڻ پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو، ”پنهنجي زندگيءَ جي سڄي سفر ۾ شيخ اياز ٻني طرفن کان انتهائن جو شڪار بڻيو. پهرين دور ۾ ملاڻڪي انتها پسندي، سنڌ ۾ انسانيت نوازي جي انهن صدائن ۽ سچائين کي سڃاڻي ڪونه سگھي ۽ ٻي دور ۾ ترقي پسندن جي انتها پرستي هن جي فطرت نوازي ۽ خدا پرستي کي برداشت ڪري ڪونه سگھي. شيخ اياز جو پهريون دور اديب (تخليقڪار) جو آهي ۽ پويون دور عالم ۽ مفڪر واري حيثيت جو آهي. ٻنهي دورن ۾ سماج سان اٿاھ وابستگي ۽ فطرت جي ترجماني ڇوليون هڻندڙ آهي. هو پهرين دور ۾ اديب (تخليقڪار) جي حيثيت ۾، فطرت ۽ زندگيءَ جو اهڙو مبصر هو، جيڪو ڪنهن به فڪر جي ڳئون بڻجي ڌرتي کي پنهنجن سڱن تي کڻڻ بجاءِ فطرت ۽ زندگيءَ کي ڀرپور نموني اظهاريندو رهيو، بعد واري دور ۾ هن پنهنجو قدم اڳتي وڌائي عالم ۽ مفڪر واري حيثيت ۾، هڪ ويچارڪ ۽ سڌارڪ بڻجي سنڌ جي صوفياڻي شعور سان رشتو جوڙي ورتو. هن فطرت سان گڏوگڏ زندگيءَ جي ابديت واري پهلوءَ کي به نروار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح سالن جي محسوسات واري سفر جي سڀني حاصلاتن کي سامهون رکي زندگيءَ جي اصل منزل کي نشانبر ڪيو. ڪوتاھ بين ماڻهن پنهنجي ئي سوچ جي دائري ۾ رهي شيخ اياز جي انهيءَ عمل کي واپسي (فڪر جو زوال) سمجھڻ شروع ڪيو ۽ فتوى جي اهڙي اٻهرائيءَ وقت ايتري تڪليف به نه ورتي، جو هو اياز جي انهيءَ عمل کي سنڌ ۾ صدين کان سرجندڙ صوفياڻي شعور سان ڀيٽ ڪري وٺن“ (سنڌي ادب ۾ تنقيد ص4)
    ادب توڙي زندگيءَ ۾ فڪر ۽ نظرئي جي اهميت ۽ افاديت کان ڪوبه انڪار ڪري ڪونه ٿو سگھي، پر اهو به سچ آهي، ته ادب کي آرٽ ئي حقيقي دوام بخشيندي آهي. شِخ اياز جي شاعري، جيڪا پنهنجي وجودي جوهر ۾ فن ۽ فڪر جو حسين سنگم ۽ شاهڪار ٿي هجي، جڏهن اسان ان تي مطالعاتي نگاھ وجھون ٿا، تڏهن ان جي فڪري ۽ نظرياتي پهلوئن تي ته ججھو اڀياس ۽ تنقيدي مواد ملي ٿو، پر سندس شاعريءَ جو فني ۽ جمالياتي پاسو جھڙوڪر وساريل ۽ نظر انداز ٿيل ٿو محسوس ٿئي. ان جو سبب اهو آهي، ته ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي ۾ ۽ ان کان پوءِ به اڪثر ڪري سندس شاعري کي نظرياتي پسمنظر ۾ ڏسڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن قوم پرستن اياز جي شاعريءَ کي پسند ڪيو آهي، ته گھڻو ڪري قومي ۽ انقلابي انداز ۽ آواز سبب، ۽ جيڪڏهن ترقي پسندن سندس شاعريءَ کي اپنائيو آهي، تڏهن به صرف فڪري لاڙن ۽ رجحانن ڪارڻ. جيڪڏهن بنياد پرستن اياز جي شاعري جي ڪڏهن مخالفت ۽ ڪڏهن حمايت ڪئي آهي، تڏهن ان جا ڪارڻ به نظرياتي ۽ فڪري رهيا آهن. نتيجي ۾ اياز جي شاعريءَ جا نظريا ۽ فڪر ته ڪنهن حد تائين نروار ۽ اجاگر ٿيا، پر سندس فني سگھ ۽ سندرتا تنقيد ۽ تجزئي جي پرک ۽ پروڙ کان محروم رهي، ان لاءِ قصوروار ڪنهن کي ڪوٺجي؟
    ان حوالي سان ڊاڪٽر فهميده حسين پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي لکي ٿي، ”انهيءَ (نظرياتي) ويڙھ ۾ دشمنن (مخالفن) ته ٺهيو، پر دوستن به اياز جي انهيءَ قوت (فني سونهن) کي ڪونه پرکيو. ان جو پورو احساس رکندي به ان جي مڃتا ڪانه ڪئي ۽ نه ئي ان کي اجاگر ڪيو ۽ ائين هو ”نظرياتي شاعر“ واري ترڪيب مان به صرف ”نظرياتي“ وڃي بيٺو، ”شاعر“ پسمنظر ۾ هليو ويو. اهو نقصان مخالفن جو ڪونه هو، پر سندس پنهنجو ۽ پنهنجن دوستن جو هو، جن کيس محض پنهنجن نظرين کي اڳتي وڌائيندڙ جي حيثيت ۾ وڌيڪ ٿي ڀانيو، پر جڏهن هو انهن جي نظرين خلاف ڳالهائڻ لڳو، ته سندس مخالفت ڪيائون.“ (ڪلاچي 1999ع ص145)
    شيخ اياز پنهنجي علمي پختگي، تجرباتي بصيرت ۽ شاعراڻي وجدان سبب سدائين پنهنجي راهن ۽ رندن جو مسافر رهيو، نتيجي ۾ عمر ڀر ٻه طرفي انتهائن، عداوتن ۽ اختلافن سان کيس منهن مقابل ٿيڻو پيو. پنهنجن جي بي رخين، حالتن جي ستم ظريفين ۽ زندگيءَ جي ٻين انيڪ تلخين اياز جي ابابيلن جھڙي دل تي ڪنهن لمحي اهڙي دکائڪ احساس کي جنميو، جيڪو سندس لفظن جي نيڻن مان ڪنهن لڙڪ جيان لڙي پوي ٿو.
    آءٌ اڪيلو سامهون سٿ، خنجر خنجر ڪيئي هٿ
    سنڌ جي ايڪويهين صدي جي تخليقڪارن مان شيخ اياز، اهو سرجڻهار آهي، جنهن جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي تمام گھڻو لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي، پر اهو به سچ آهي، ته کيس نظرياتي فڪر جي حوالي سان ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو، اعجاز منگي، رشيد ڀٽي ۽ جامي چانڊيو جھڙا سياسي ۽ نظرياتي فهم رکندڙ سڄاڻ شارح ته مليا، جن اياز جي شاعريءَ جو، سياسي، سماجي، تاريخي ۽ نظرياتي پسمنظر ۾ چڱو تجزيو ۽ اڀياس ڪيو آهي، ”اياز جي شاعري ۾ انسانيت، ترقي پسندي ۽ تصوف جا پهلو ته ڳوليا ويا آهن، پر انهن کي پيش ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ اعلى فن، فني تجربا، ڊڪشن جي سونهن، عڪس ۽ علامتون ڳولڻ جي ڪوشش اڃان ڪونه ڪئي وئي آهي.“ (فهميده، ڪلاچي ص146)
    اياز بحيثيت جينيس ۽ جمالياتي تي تمام گھٽ قلم کنيو ويو آهي. سواءِ غلام محمد گرامي، امير علي چانڊيو، آغا سليم ۽ چند ٻين علم پرورن جي، باقي اياز جي نقاد سڏائيندڙ اڪثر قلمڪارن اياز جي شاعريءَ جو هڪ طرفو تجزيو ۽ مطالعو ڪيو آهي ۽ نتيجي ۾ سياسي ۽ سماجي، فڪري ۽ نظرياتي اٿل پٿل جي خيال کان اياز جي شاعريءَ جا رخ ۽ پهلو ته پڌرا ٿيا آهن، پر فطرت، آرٽ، حسن، فن ۽ احساساتي حسيت، جن سان اياز جي شاعري ڏٽي پئي آهي، تنهن تي ڪو ذڪر جوڳو ڪم ٿي نه سگھيو آهي.
    حَقيقت ۾ سنڌ ۾ اياز سان عشق ۽ انس رکندڙ اهڙن ماڻهن جي آهي، جن اياز جي ان فڪري ۽ شاعراڻي صداقتن کي ته کُلي دل سان اپنايو آهي، جيڪي سندن نظرياتي، فڪري ۽ ذاتي تجربن جي اظهار ۽احساس سان لاڳاپيل آهن، پر اهو اياز، جيڪو پنهنجي شاعري۽ جي جمالياتي نزاڪتن ۽ نفاستن ۾ نرالو ۽ فني ندرتن ۾ سراپا ”فنا في الفن“ آهي، جنهن ٻولي جي جھوليءَ ۾ سوين چنڊ ستارن ۽ ڪهڪشائن جون حسناڪيون ۽ حيرتون اوتيون آهن. انهن جي فني ۽ جمالياتي پرک ۽ پروڙ لاءِ فٽزجيرالڊ ۽ ايڇ ٽي سورلي جھڙن سچيت ۽ حسن شناس نقادن جي ضرورت آهي.
    هر ڏاهي جيان اياز متضاد ۽ اختلافي انهيءَ ڪري به هو، جو هن نه صرف دنيا ۽ ديس جي حالتن کي شعوري ۽ سجاڳ اک سان ڏٺو ٿي، پر هن زندگي جي احساس ۽ آواز کي هينئن سان هنڊائي، روح جي زبان سان اظهاريو ٿي. اياز جو آواز صدين جي صدا ۽ هن جو فن، مور جي رقص جھڙي مجذوبي ۽ محبوبيت رکندڙ هو. شيخ اياز جي شاعري اهو سچ ۽ سون آهي، جنهن کي وقتي، عارضي ۽ انائيت جي دز ڪڏهن به ڌنڌلو ڪري ڪونه سگھندي. منهنجو اهو وشواس آهي، تهجيئن جيئن وقت گذرندو، اياز جي گونان گون فن ۽ فڪر جون سندرتائون، سج جي ڪرڻن جيان پنهنجي پوري جوت ۽ جمال سان وڌيڪ نکرنديون ۽ جرڪنديون.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    رياضت سائين تمام سهڻو ليک ونڊ ڪيو اٿو۔

    شيخ اياز سنڌي ٻوليء جو اهو شاعر آهي جنهن شاعريء کي نوان رخ ۽ نوان لاڙا ڏنا آهن۔ هو سنڌ جو آواز آهي، هو شاعريء جو آواز آهي۔ هو عظيم آهي۔ شيخ اياز ڪٿي پاڻ ئي چئي ويو آهي:

    - مون اوهان کي شاعريءَ ۾ ڀٽائي، سچل، سامي به ڏنو آهي ته ايڪويهين صدي به ڏني آهي.
     
  3. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اي ڪاش اهو تون ڄاڻي ها !
    بهترين مضمون، وقتائتو ۽ معلوماتي آهي ۔ جنهن شخصيت تي لکيل آهي ۔اها گهڻ پاسائي ۽ گهڻ رخي هجڻ ڪري ان کي چاهيندڙ ۽ نه چاهيندڙ به ته اوترائي ٿي سگهن ٿا ۔ ان تي ڳڻتي ڪرڻ جي ڪا ڳاله نه آهي ۔ اهوئي ته سندس شخصيت جو ڪمال آهي ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو