لفظن جي خوشبو جو وارث

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏20 آڪٽوبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    لفظن جي خوشبو جو وارث
    احسان دانش جي ڪتاب ”لفظن جي خوشبو“ جو اڀياس
    فياض لطيف
    احسان دانش منهنجو انتهائي عزيز ۽ پيارو دوست آهي ۽ سٺا دوست زندگيءَ جي اهڙي حسين ۽ اَمُلھ پونجي هوندا آهن، جنهن جو قدر ۽ قيمت نوٽن جي انبارن تي ڳِجھن جيان مارو ڪري ويٺل پيسي جي پوڄارين بدران فقط اهي ماڻهو ئي ڄاڻندا آهن، جن جو من احساسن جي دولت سان مالامال هوندو آهي ۽ جن جون دليون محبتن جي ديوانگيءَ سان ڌڙڪندڙ هونديون آهن. هُن ۽ منهنجي دوستي جو سفر سالن تي محيط آهي ۽ انهن انيڪ سالن جي سفر ۾ هِن ماسڪ پاتل مصنوعي چهرن واري معاشري ۾، جتي تعلق ۽ رشتا هڪ ڪچي تند جيان گھڙي پل ۾ ٽُٽُي ڇيهون ڇيهون ٿي وڃن ٿا، اتي اسان جون محبتون سلامت ۽ دوستيءَ جا تعلق اڳي کان وڌيڪ مضبوط، پڪا ۽ پختا ٿيا آهن. اڳ انهن جا بنياد، جيڪي صرف جذبات ۽ جوش تي مشتمل هئا، انهن ۾ ذهني هم آهنگي ۽ روحاني سُٻنڌن جي سندرتائن شامل ٿي، انهن کي ويتر موهيندڙ ۽ محبوب بڻائيو آهي.
    احسان ۽ منهنجي طبيعتن ۾ توڙي جو کوڙ هڪجھڙايون آهن، پر اها به حقيقت آهي ته اسان جي مزاجن ۾ ڪافي differences به آهن ۽ شايد انهن ٻنهي متضاد حسناڪين سبب ئي اسين هڪٻئي سان سلهاڙيل ۽ سُٻنڌي آهيون. احسان انتهائي شرميلو ۽ خاص ڪري ڇوڪرين جي معاملي ۾ صوفي ۽ سنت ماڻهو آهي، جڏهن ته ان لحاظ کان منهنجو من پوپٽ جيان ماندو ۽ وجود سونهن لاءِ سراپا ويراڳي رهيو آهي. آءٌ عمر ڀر سونهن جي صحرائن ۾ ڀرئي بادل جيان برسيو آهيان، پر منهنجي روح جو ٻاٻيهو پنڇي پوءِ به پياسو ئي رهيو آهي. احسان جي مزاج ۾ ٺهراءَ آهي ۽ مون ۾ بيچيني. هن ۾ ميانه روي آهي ۽ مون ۾ روڪ ٽوڪ چئي ڏيڻ واري بي ڊپائي، جيڪا ڪيترن موقعن تي مون لاءِ مصيبت ۽ اهنج جو سبب پڻ بڻي آهي، پر پوءِ به مون کي پنهنجي ٻين کوڙ خوبين جھڙي خامين جيان عزيز آهي. احسان گھڻي قدر تخيل ۽ تخليقاتي دنيا جي سحر ۽ سندرتائن ۾ رهيو آهي، انهي ڪري هن جي پهرين محبوبه سندس تخليق ۽ تحرير ئي آهي. سندس چواڻي: ”مون پنهنجي زندگيءَ ۾ لکڻ کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني آهي. قلم سان منهنجو عشق آهي. ڪتاب منهنجي زندگي آهن. لفظ مون لاءِ پناھ گاھ آهن“. (ص10)
    اکـڙيـن تـي ڪـرڻـن جي بـارش، لفظن تي جذبن جي بارش
    ڪائي ڪوتا سرجيان ٿو مان، ذهن مٿان سوچن جي بارش
    احسان عمر ڀر ٿڌي ڇانو جو گھڙو رهيو آهي ۽ آءٌ ڪنهن رولاڪ بادل جيان، پنهنجي پوري زندگي آزمائشن جي جھنگ ۾ پنهنجو پاڻ کي ئي وڃائيندو ۽ ووڙيندو رهيو آهيان. پائي وڃائڻ ۽ وڃائي پائڻ وارو جنون منهنجي جيون ۾ ازل کان آهي. علمي ۽ تخيلي احساس کان وڌيڪ مون عملي تشنگي ۽ تڙپ مان گھڻو ڪجھ پِرايو ۽ پُرجھيو آهي. آءٌ جيون سفر ۾ جڏهن به ٽُٽُو آهيان، شاعري هر ڀيري ڪنهن سچيت وينگس وانگر منهنجي جيءَ جي چاڪ دامن کي سبيو آهي، پر آءٌ اهو اعتراف ٿو ڪريان ته، مون هر ڀيري شاعريءَ سان بي وفائي ڪري، ڪنهن بي وفا نازنين سان وفا پئي ڪئي آهي (شاعري هڪ اهڙي ساڙيلي عورت وانگر آهي، جيڪا بي وفائي ڪڏهن به برداشت نه ڪندي آهي. يووتيشنڪو) نتيجي ۾ شاعري عرصي کان وڇوڙي جو ڏهاڳ ڏئي مون کان ڏور هَلي وئي آهي...! ۽ منهنجي حافظي جي هٿ تريءَ تي رهجي ويا آهن، رسول حمزه توف جا هي خوبصورت ۽ سبق آموز احساس...
    I have been sluggish and hasty, I have been recless driver, I have had accidents, but now I shall be careful and resolute. I must drive the car of life carefully, because in it I bear the precious burden of my old and true love, a burden of recollections, emotions and joys. I now feel an immense responsibility to every one and to myself for poetry and for all the beauty it contains.(Rasul Gamzatov, selected poems,1974, p 20)
    جنسِ نازڪ، جيڪا اڪثر تخليقارن جي روح جي روڳن ۽ راحتن جو ڪارڻ رهي آهي، احسان انهيءَ سامونڊي وير ۽ خوبصورت خدائي مخلوق کان وونئون ويندو آهي. جيڪڏهن ٻير جي ڊنگھري وانگر ڪائي سندس پويان پئجي ويندي آهي ۽ موبائل تي هن جي تعاقب ۾ رهندي آهي، ته هو ڪنهن کي پنهنجي موبائل ڏئي پنهنجي جان ڇڏائڻ ۾ ئي عاقبت سمجھندو آهي. ائين به ڪونهي ته، هو حسن ۽ حقيقتن جو انڪاري آهي. هن جو من ته ان وينا وانگر آهي، جنهن جي تار کي هڪ آڱر جو ڇهاءُ ئي ”مي رقصم“ بڻائي ڇڏيندو آهي، پر احسان جو فطري مزاج ۽ طبيعت ئي ڪجھ اهڙي نرالي ۽ عجيب آهي، جنهن تي هڪ نئون ماڻهو صرف ”حيران ۽ پريشان“ ئي ٿي سگھي ٿو. ثوم رس، سگريٽ ۽ ٻي هر لمحاتي خمارن جي جھان کان خائف هن جوان زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪو فروٽ نه کاڌو آهي. سنگت جي محفلن ۾ ٻيا دوست جتي زندگيءَ جي لذتن مان مدهوشين جا پيالا پيا پيئندا آهن، احسان اتي نمڪو ۽ ڪولڊرنڪ مان پيو مزا وٺندو آهي ۽ ڪنهن پڪنڪ پروگرام ۾ جڏهن سڀئي دوست صوفن،نارنگين، انگورن، ڏوڪن، انبن ۽ ٻي موسمي ميون مان پيا مزا وٺندا آهن، اتي هي يار پڪوڙن ۽ سموسن تي گذارو ڪندو آهي. هي سادو، سٻاجھو ۽ خاص ڪري دوستيءَ ۾ مون لاءِ محبوبن جھڙيون ادائون ۽ احساس رکندڙ منهنجو دوست سچ ته هن دورنگي ۽ دونمبري دنيا ۾ ڪنهن اهڙي اجري شيشي جيان آهي، جنهن جي اندر مان ٻاهر ۽ ٻاهر مان اندر آسانيءَ سان پَسي سگھجي ٿو.
    احسان سان دوستيءَ واري حوالي سان منهنجي يادگيرين جو من ته ڪنهن خوشبو جي بوتل جيان ڀريو پيو آهي، جنهن کي ڪنهن ٻي ڀيري کولي پيار ۽ محبتون ڪندڙن جو هينئون هڳاءُ ڪبو، پر هن وقت هتي مون کي احسان جي ادبي شخصيت تي ڪجھ ڳالهائڻو ۽ سندس ڪوتا ڪتاب ”لفظن جي خوشبو“ مان چند خوبصورت رنگ ۽ سڳنڌون کڻي اوهان پڙهندڙن تائين پهچائڻيون آهن.
    احسان دانش سنڌي ادبي کيتر ۾ ڄاتل سڃاتل ۽ پنهنجي هڪ الڳ شناخت رکندڙ قلمڪار آهي. هن وقت تائين سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ سوَن جي تعداد ۾ مضمونن، مقالن ۽ ادبي ڪالمن ڇپجڻ کان علاوه سندس هڪ ڪهاڻين جو ڳٽڪو ”بي سڪون خواب جو سچ“، تحقيق ۽ تاريخ جي سلسلي ۾ سهيڙيل ٻه ڪتاب ”لاڙڪاڻو تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو، ويل نه وسريام“ ۽ هڪ ڪوتا ڪتاب ”لفظن جي خوشبو“ منظر عام تي اچي چڪا آهن، جن مان تازو مارڪيٽ ۾ آيل سندس شاعري جي ڪتاب ”لفظن جي خوشبو“ جي حوالي سان آءٌ هتي پنهنجن احساسن جو اظهار ڪرڻ چاهيان ٿو.
    آءٌ احسان جي شاعري تي رڳو انهيءَ ڪري ڪونه پيو لکان، ته هو منهنجو دوست آهي، پر هن جي شاعريءَ تي ان ڪري به ڪجھ لکڻ چاهيان ٿو، ڇوته شاعري منهنجي روح جي راحت ۽ احساسن جي دنيا جو حسين استعارو رهي آهي.
    سچ اهو آهي ته احسان سان دوستيءَ کان اڳ هن جي تخليقن سان ئي منهنجي شناسائي ۽ گھرائي رهي آهي، جنهن اڳتي هلي احسان سان منهنجي قربت، محبت ۽ دوستيءَ جي رشتي کي استوار ڪيو ۽ جُوڙيو آهي، ان نسبت سان احسان جون ڪوتائون مون کي هن جيتريون ئي عزيز ۽ پياريون آهن.
    I arise from dreams of thee, in the first sweet sleep of night,
    When the winds are breathing low and stars are shining bright,
    I arise from dreams of thee……(SHELLY)
    احسان دانش جي شاعريءَ جو هي ڳٽڪو مختلف صنفن تي مشتمل آهي، جن ۾ غزل، نظمَ، وائيون، بيت، هائيڪا، چوسٽا ۽ سندس ئي تخليقيل نئين صنف ست رنگيون شامل آهن. احسان جي شاعراڻي ۽ تخليقي گرفت توڙي جو مذڪوره مڙني صنفن تي موچاري آهي، پر جڏهن سندس شاعراڻي اظهار جو گھرائيءَ سان جائزو وٺجي ٿو، ته هو غزل، نظم ۽ وائيءَ جو ڀرپور ۽ سهڻو سرجڻهار محسوس ٿئي ٿو.منهنجي ذاتي راءِ آهي، ته هو انهن صنفن ۾ پنهنجي اندر جي خوابن ۽ خوبصورتين کي فنڪارانه انداز ۾ اظهارڻ جي انوکي ڏات ۽ ڏانءُ رکي ٿو. هن جو غزل نه صرف نئين ترڪيبن، تشبيهن ۽ استعارن سان آراستا آهي، پر ان ۾ نئين ۽ اڇوتي احساسن ۽ اظهارن جا رنگ پڻ ملن ٿا، جن کي پسي غزل جو ناميارو شاعر اياز گل لکي ٿو: ”احسان دانش نئين غزل جي مزاج کي سڃاڻي به ٿو ۽ سمجھي به ٿو، تڏهن ئي هن نئين سنڌي غزل جي گھرجن مطابق، غزل رچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. رديف جي سهڻي استعمال سان ڊگھي ۽ ننڍي ٻنهي بحرن ۾ ڪاميابيءَ سان غزل لکڻ، احسان دانش جي تخليقي سگھ کي ظاهر ڪري ٿو“.
    درد وندن جا ڪِري پيا ڳوڙها
    دل جي زخمن جا ڪري پيا ڳوڙها.
    وارَ ناريءَ جا ويا چاندي ٿي،
    ڪيئن درپن جا ڪري پيا ڳوڙها.
    ماڪ ترڪي جو پئي شاخن تي،
    ڄڻ ته گلڙن جا ڪري پيا ڳوڙها.
    شاعري جيئن ته اڻ ڇهئي احساسن ۽ اڻ ڏٺي منظرن جو اهڙو مظهر آهي، جنهن کي لفظن جي قدرت سان هڪ قلمڪار نه صرف تخليقي ٿو، پر ان ۾ پنهنجي تخليقي آرٽ ذريعي جيئرا جاڳندا اڌما ۽ احساس پڻ اوتي ٿو ۽ احسان جي غزلن ۾ سچ ته اها نزاڪت ۽ نفاست موجود آهي، جيڪا پهرين نظر ۾ ئي من کي موهي به وٺي ٿي، ته اندر جي احساسن ۾ اُٿل پُٿل به پيدا ڪري ٿي. سندس غزل جون هي سٽون پڙهي ڏسو، جن ۾هڪ حساس من جي احساسن ۽ اڌمن جي ڪهڙي نه جيئري جاڳندي تصوير چِٽيل آهي.
    وقتَ ٻيڙيءَ تي تري ٿو ماڻهو،
    ميڻ بتيءَ جان ٻري ٿو ماڻهو.
    ريت ذري کي خدا جي دعوى
    ڪيئن هوائن ۾ تري ٿو ماڻهو.
    جي ٻڏي سج ويو ته ڇا ٿي پيو،
    هڪڙو ڏيئو ته ٻري ٿو ماڻهو.
    مٿئين غزل ۾ ”وقت ٻيڙيءَ تي ترڻ، ميڻ بتيءَ جيان ڳرڻ، هوائن ۾ ترڻ ۽ ماڻهو ڏيئو ٿي ٻرڻ“ واريون ترڪيبون ڪهڙيون نه سهڻيون ۽ سيبائتيون آهن. انهن ۾ نه صرف پنهنجو هڪڙو معنوي حسن آهي، پر اهي حسيت جي نرالي اهڃاڻن ۽ عڪسن کي پڻ پيش ڪن ٿا.
    هن جي غزل ۾ تغزل به آهي، ته دل کي ڇهي ويندڙ عڪس ۽ احساس به. هو لفظن ۾ خوشبوئن جا احساس اوتڻ ۽ احساسن ۾ دلين جون ڌڙڪنون سمائڻ جا اهي سارا هنر ۽ حسناڪيون ڄاڻي ٿو، جيڪي شاعريءَ کي ساحريءَ جا سوز ۽ سندرتائون عطا ڪنديون آهن.
    چيم ته تنهنجي نظر ۾ قتل جو آ سامان،
    چيائين عشق ۾ جانان ڪُسڻ ضروري آ.
    چيم ته زلف ٿا تنهنجا لڳن زنجيرن جيان،
    چيائين حسن جو باندي ٿيڻ ضروري آ.
    چيم ته تنهنجي وڇوڙي جي باھ ساڙي ٿي،
    چيائين آڳ جي کوري پچڻ ضروري آ.
    جديد ۽ نئين شاعريءَ جي هڪڙي وڏي خوبي اها آهي، ته اها اجائي مبالغي بدران زندگي جي اجتماعي حسناڪين ۽ حقيقتن جي عڪاس آهي. ان ۾ داخليت ۽ خارجيت جا روايتي ماڻ ۽ ماپا اجائي ۽ بي معنى ٿا ڀاسن.
    بقول ممتاز مهر: ”نئين شاعري بنيادي طرح هن دور جي ڏکويل انسان جي اندر جي پياس، روحاني پيڙا ۽ ذهني اضطراب جي شاعري آهي. اها هڪ طرف خواب ۽ حقيقت ۽ ٻئي طرف وقت ۽ موت جي قوتن جي وچ ۾ لٽڪيل ۽ زندگي جي معنويت جي تلاش ۾ سرگرمِ عمل آهي. هيءَ زندگيءَ جي اصلي چهري کي، جيئن اهو غم ۽ خوشيءَ جي گھڙين ۾ نظر اچي ٿو، سڃاڻڻ جي ڪوشش آهي. غم ۽ خوشي جي گھڙين ۾ جيڪي ڪجھ محسوس ڪيو ۽ ڏٺو وڃي ٿو، تنهن کي نئين شاعري جيئن جو تيئن بيان ڪري ٿي.“ ( ويچار ص56 )
    احسان دانش جا نظم جديد زندگيءَجي ڪرب جو آئينو به آهن، ته معصوم محبتن جو عڪس به. هن جي شاعريءَ ۾ دل کي ڇهندڙ رومانوي رنگ به آهن، ته پنهنجي دور جي ڪربناڪ صداقتن جو ادراڪ به. هن جي نظمن جي ٻولي سادي، سليس، روايتي شاعراڻي تصنع ۽ تڪلف کان آجي آهي. هو پنهنجي اظهار ۽ خيالن کي اجائي لفظن جي منجھيل سُٽَ ۾ اُلجھائي پيش نه ٿو ڪري، پر هن جو اندازِ بيان تُزُ ۽ پُر تاثير آهي. هن جي خيالن ۾ ڪٿي عقاب جي اُڏار آهي، ته ڪٿي تتر جي ڀڙڪي جھڙو تيز تخيل. هو پنهنجن احساسن ۽ اڌمن کي ڪٿي اشاريت جي رمزن سان عيان ٿو ڪري، ته ڪٿي پنهنجن خيالن ۽ خوابن کي سندر روپي رنگن سان رنگي ڪاغذ جي ڪئنواس تي کڻي اچي اڳيان رکي ٿو. هن جي احساسن ۽ اڌمن جي اظهار ۾ تاڙي جي تنوار جھڙي تڙپ به آهي، ته مور جي رقص جھڙو آنند ۽ اطمينان به. احسان جي نظمن جي وڏي خوبي ۽ خوبصورتي، انهن جي سادگي ۽ بي ساختگي آهي. هن جي خوبصورت نظمن ۾ ”حسن، اها رات، ڪا اک نه آلي آءٌ ڏسان، محبت، ۽ زندگي“ جي نالن سان سرجيل نظم شامل آهن، پر هتي آءٌ سندس هڪ نظم ”اسان جا خواب اڃا ساڀيان رسيا ناهن“ جو خاص طور تي ذڪر ڪرڻ چاهيندس، جيڪو فڪر توڙي فن جي حوالي سان سندس شاهڪار نظم آهي.
    اسان جا خواب اڃا ساڀيان رسيا ناهن
    هي درد غم جا ڪڪر اڃا هٽيا ناهن
    اڃا ڳلن تي ڪريل نير ڀي سڪيا ناهن
    اڃا بهار جي هوندي به گل ٽڙيا ناهن
    اڃا اندر ۾ اسان جي گھڻي اداسي آ
    اڃا به من جي سپي پيار جي پياسي آ
    اڃا هزار اميدن جا گل ڪومايل
    اڃا آ تڙپ، اڃا ڪيئي روح هن گھايل
    اڃا سنڌوءَ جا ڏسو چپ ڪيئن سڪل آهن
    اڃا هي جيئرا ماڻهو به ڄڻ مئل آهن
    اڃا دکي ٿي پئي ڳوٺ ڳوٺ چرٻيلي
    اڃا به نار جي نڪ ۾ وڌل آ ناڪيلي
    اڃا ته بوءِ ٿي بارود جي اچي ڪيڏي
    اڃا امن جي ڪبوتر تي اک آ ٽيڏي...
    اڃا به شهر شهر خودڪشين جا حملا هن
    اڃا به چوڏسا چچريل هزارين لاشا هن...
    اڃا به ٽياس تي ٽنگجي رهي آ سچائي
    چوان پو ڪيئن محبت جي آهي رُتِ آئي!
    مٿيون نظم، جنهن جي ابتدا ”اسان جا خواب اڃا ساڀيان رسيا ناهن“ جي سري سان سرجيل اهڙي سِٽَ سان ٿئي ٿي، جيڪا سٽ هن نظم جو نه صرف عنوان آهي، پر ان سٽ ۾ هن سڄي نظم جو روح سمايل آهي. حقيقت ۾ هيءَ هڪڙي سٽ ئي پنهنجي وجود ۾ ڄڻ ته هڪ پورو نظم آهي، جنهن ۾ هڪ صدا آهي. هڪ سُڏڪو آهي. هڪ درد آهي. هڪ دانهن آهي.... سينوارجي ويل گدلي سماجي ريتن ۽ روايتن جي تصوير ڪشي آهي. معصوم نيڻن ۾ لڙي آيل لڙڪن ۽ بهارن ۾ خزائن جي موسمن جي المياتي ڪٿا آهي. اڻ پوري خوابن جا دنڌلا عڪس آهن ۽ خوبصورت خوابن جون حسرتون.... خواب، جيڪي اکين جي عاشقي هوندا آهن. جن سان دل جي دنيا جون ساريون حسناڪيون ۽ حقيقتون وابسته هونديون آهن، جيڪي جياپي جي حسين راهن جا ڏس ۽ پتا ڏسيندا آهن، جن سان جيءُ ۽ جياپو سڦل ۽ سڳنڌ ڀريو ڀاسندو آهي.
    هي نظم پنهنجي فڪري تاڃي پيٽي ۽ احساساتي اُڻت ۾ هڪ ئي وقت ٻئي خوبيون ۽ خوبصورتيون رکي ٿو يعني حسين خوابن جي تڪميل جي معصوم اميد به ڏيکاري ٿو (جنهن لاءِ سخت جدوجهد ۽ جستجو گھربل آهي) ته سماج جي ڪهنه ناسورن جا لونءَ ڪانڊاريندڙ عڪس ۽ اولڙا به پُسائي ٿو. حقيقت ۾ شاعر ۽ سرجڻهار پنهنجي ڪوتائن ۾ احساسن جون دريون کوليندا آهن ۽ دنيا انهن مان پنهنجا من پسند مطلب ۽ منظر پسڻ ۽ پائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ۽ احسان جو هي نظم به هڪ اهڙي دريءَ مثل آهي، جنهن جا تاڪ جيئن ئي کلن ٿا، ان مان موهيندڙ ۽ محبوب منظر، دل کي تسڪين ۽ اکين کي تراوت بخشيندڙ نظارا نظر نه ٿا اچن (جيئن اڄ جي اڪثر نوجوان شاعرن جي شاعري پنهنجي سماجي حالتن ۽ تهذيبي قدرن کان لاتعلق، رڳو گل ۽ گل پرين جي ذڪر ۽ فڪر سان ڀري پئي آهي) پر غم جا ڀيانڪ بادل، بارود جي بوءِ، بم بلاسٽ ۾ چچرجي ويل معصوم ۽ بي گناھ ماڻهن جي ماس جا ٽڪرا، ڳلي ڳلي ۾ امن جي ڪُٺل ڪبوتر جي رت جا ريلا، موجيلي مهراڻ جا اُجڙيل ڪنارا ۽ اڏامندڙ واري، ماڻهن جي چهرن تان اُڏامي ويل مرڪن ۽ بيوسي مان لڙندڙ لڙڪن جي منظرن تي نظر پوي ٿي، جن کي پَسي هينئون هڄي وڃي ٿو.... نظم جون سٽون ناهن، ڄڻ ته ڪُٺل ڪونج جون پُڪارون آهن...!
    نظم ابتدا کان پنهنجي ڪلائميڪس تائين نه صرف فڪري حوالي سان ڀرپور تاثر ڇڏيندڙ آهي، پر فني حوالي سان به ان ۾ نيون ۽ نراليون ندرتون ملن ٿيون. غزليه هيئت ۽ نظماڻو روح ۽ رڌم رکندڙ هي نظم سچ ته احسان جي شاعراڻي ڪمال جو مظهر آهي. روان قافين جي جهجھائي، مترنم لفظن جي سنگ ۽ ”اڃا“ لفظ جي سهڻي ورجاءَ کان علاوه نظم ۾ جيڪو فڪري ۽ احساساتي رچاءُ آهي، اهو انگوري رس جيان اندر ۾ لهي، روح کي گرمائي ڇڏي ٿو.
    وائي سنڌي شاعريءَ جي انتهائي نج ۽ نفيس صنف آهي. اها پنهنجي گھاڙيٽي کان وٺي فڪري ۽ احساساتي اظهار ۾ نه صرف منفرد ۽ نرالي آهي، پر ان جي ٻوليءَ جو رس ۽ چس ئي پنهنجو آهي. ان جي ورلاپن ۾ جيڪو سوز ۽ گُداز آهي، اهو ڪنهن ٻي صنف ۾ ورلي ملندو ۽ اها ئي خوبي وائيءَ کي ڪوتا ڪاڪ ۾ يڪتا ۽ الڳ وقعت عطا ڪري ٿي. وائي جيءَ جھرڻي مان آبشار ڌارائن جيان ڦُٽي نڪرندي آهي، ان ڪري هن صنف سان اهو سرجڻهار ئي انصاف ڪري سگھندو، جنهن جو من محبتن جي موجن ۽ مجذوبين سان موجزن هوندو آهي. احسان جي وائين ۾ احساساتي اُڇل سان گڏوگڏ اندازِ بيان جي سٻاجھڙائي ۽ سندرتا ملي ٿي، جيڪا ڪٿي ٻار جي معصوم ٻاتڙي ٻولن جيان سادي ۽ وڻندڙ آهي، ته ڪٿي ان ۾ پرينءَ جي پهرين نگاھ جھڙو سرور ۽ سڪون آهي.
    پيار ڪرڻ گھرجي
    سونهن پَسڻ گھرجي،
    جيون ٿورو آ.
    منزل ماڻڻ لئه
    پنڌ ڪرڻ گھرجي،
    جيون ٿورو آ.
    نفرت کان نفرت
    يار ڪرڻ گھرجي،
    جيون ٿورو آ.
    روئندڙ جي ڳل تان
    لڙڪ اُگھڻ گھرجي،
    جيون ٿورو آ.
    احسان جتي پنهنجي وائين ۾ اندر جي سڏ ۽ پڪارن کي سمائي ٿو، اتي هو هڪ چترڪار وانگر انهن ۾ مختلف احساسن جي رنگن جو روح به اوتي ٿو، جن کي پسڻ کان پوءِ هڪ طرف ماندي نيڻن جي آترويلا ماٺي ٿئي ٿي، ته ٻي طرف اندر ۾ هڪ اَڄاتي پياس جو احساس به پيدا ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو عادل عباسي هن جي وائين تي لکندي چوي ٿو: ”احسان دانش جون وائيون ان گھاٽي ڪڪر جيان آهن، جيڪو اونهاري جي جھولن دوران گرميءَ جي حدت ۾ ڪي پل آسيس ڏي ٿو، پر اها به حقيقت آهي، ته وائين جي ڪن رس دوران اندر جي تاس گھٽجڻ بدران ويتر وڌي ٿي.“ (ص109)
    شاعريءَ جو وڏو ڪمال ئي اهو آهي، ته اها لفظن ۾ تصويري ۽ عڪسي روپ رچڻ جي قدرت رکي ٿي.
    ڪاغذ تي ڪِرڻا
    منهنجن لفظن سان،
    راند پيا کيڏن.
    چترڪار سڀئي ڏسو
    ڪيئن نه رنگن سان
    راند پيا کيڏن.
    ٻار گھٽيءَ جي موڙ تي
    مٽيءَ ذرڙن سان،
    راند پيا کيڏن.
    مٿئين صنفن کان علاوه احسان چوسٽا، هائيڪا ۽ بيت به سرجيا آهن. هن جا بيت موضوع توڙي اندازِ بيان جي حوالي سان هڪ جدت ۽ پنهنجي انفراديت رکن ٿا. بقول سعيد ميمڻ: ”احسان دانش جي بيت ۾ انوکا رنگ، نوان عڪس ۽ نفيس شاعراڻو ادراڪ ملي ٿو، جيڪو سليس ٻولي ۽ نرم لهجي ۾ بيان ٿيل هڪ اهڙو دلڪش اظهار آهي، جيڪو پڙهڻ کان پوءِ ڏاڍو پنهنجو پنهنجو ۽ سندر لڳي ٿو. هن جي بيتن ۾ جتي دلڪش رومانوي عڪس پسجن ٿا، اتي موجوده دور جو ڪرب به ڪروٽون کائيندي محسوس ٿئي ٿو... سندس شاعري ڄڻ رستو سونهن نگر جو آهي، جنهن سان ويندي اکيون هر پاسي ڏاڍا سهڻا نظارا ڏسن ٿيون.“ (ص97)
    تنهنجي مرڪڻ سان پرين، ٽڙي پيا هن گل
    خوشبو خوشبو هر ڳلي، شهر سڄي ۾ هُل
    او منهنجي مومل، سڀ ڪجھ مُنڊي تو ڇڏيو.
    تنهنجي ياد اندر ۾، ائين آ سرتي
    ڄڻ ڪا ميڻ بتي، اونداهي ۾ ٿي ٻري.
    وڻجاري جي ونين جون، اکيون هن آليون
    ياد ڪري روئن ٿيون،ماضيءَ جون ڳالهيون
    رُتيون جھڙاليون،جھوري وين جييئڙو.
    هئي هئي ايڏو انڌ، ساحل تي اوسرتيون
    هاڻي ڏکيو پنڌ، ٿي ويو هن حيات جو.
    احسان دانش جي هائيڪن ۾ نه رڳو تخليقي حسن، حقيقت نگاري ۽ منظر نگاري آهي، پر انهن ۾ داخلي احساسن ۽ جذبن جا موهيندڙ ۽ محبوب نقش به ملن ٿا. تاج جويو چواڻي: ”هائيڪو هڪ پل جو عڪس ۽ هڪ لمحي جو احساس آهي. ٽن سٽن ۾ زمان ۽ مڪان، حد ۽ لاحد جا سنڌا ۽ سيڙها ميٽڻ.... سادا احساس، سادن لفظن ۾، سادي انداز ۽ سادي هيئت ۾ لکڻ هن صنف جو ڪمال آهي. خاص ڪري اختصار ۽ اشاريت هن صنف جو حسن آهي. هڪ پل جي ڪهاڻي، هڪ لمحي جو درد، هڪ کن جو احساس ۽ جذبي کي لفظن جي لباس ۾ سمائڻ ئي ڪامياب هائيڪي جي تخليقي جوهر کي ظاهر ڪري ٿو. احسان دانش جي هائيڪن جو اڀياس ان سموري پسمنظر کي اکين آڏو آڻي بيهاري ٿو.“ چند هائيڪن جي حُسناڪين مان اوهان به محظوظ ٿيو.
    چوڌاري مهڪار
    واٽون ڦلن ڇانئيون
    آتا ٻانهن هار
    ڪارونجھر جي ڪور
    ٿر جي نارين جي ڏسو
    مورن جھڙي ٽور
    ڪيڏي سرد هوا
    اڌ اگھاڙو آدمي
    پاري ۾ پيو آ
    احسان دانش ”ست رنگي“ نالي هڪ نئين صنف پنهنجي هن ڪوتا ڪتاب ۾ شامل ڪئي آهي، جيڪا هيئت توڙي اظهارِ بيان جي حوالي سان سنڌي شاعري ۾ هڪ نئون تجربو آهي. ست هم قافيه سٽن جو سنگم، پر هر سٽ پنهنجي وجود ۾ هڪ الڳ ۽ مڪمل معنى رکندڙ... ڄڻ ڪوزي ۾ سمنڊ سمائڻ جي ڪوشش، پر شاعري ته اها آزاد ۽ اڻ جھل وير آهي، جنهن کي ڪوشش جو ڪوئي ڪنارو ڪونه ٿو هجي. احسان پنهنجي شاعراڻي احساس جي حوالي سان هڪ ڪوشش ڪئي آهي. لفظن کي ست رنگي روپ عطا ڪيو آهي، جيڪو فڪر ۽ خيال جي بي ساختگيءَ سبب ڪٿي موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي، ته ڪٿي ججھي هنر ۽ حرفت جي آميزش ڪري، اهو رواجي ۽ روايتي هُجڻ جي ڏِکَ پڻ ڏي ٿو.
    مان نه ڄاڻان ته سکي ڇو آ رٺي
    سنڌ ڄاوا نه سنڌ کي ڏي پٺي
    وڏ ڦڙي سان وري برسات اٺي
    بي سري ساز کان آ سينڍ سٺي
    نار پنهنجن جي هٿان آهي ڪٺي
    زندگي زهر هجي پو به مٺي
    طنز جي ڇيت لڳي ڪنهن نه ڏٺي
    مٿين ستن سٽن ۾ احساسن ۽ خيالن جون ست مختلف ڌارائون آهن، جيڪي توڙي جو هيئت جي هڪ ئي ڌاڳي ۾ ڪنهن مالها وانگر پوئيل آهن، پر انهن مان هر هڪ ۾ خيال ۽ خوبصورتي پنهنجي پنهنجي آهي. ڪنهن سٽ ۾ لوڪ ڏاهپ جو رنگ آهي، ته ڪائي سٽ شاعراڻو تخليقي احساس ۽ ادراڪ رکندڙ آهي. ڪا سٽ دل جي ننڊاکڙي نيڻن کي جاڳائي وجھي ٿي، ته ڪنهن سٽ ۾ عام رواجي ۽ مڙئي ڀراءُ هجڻ وارو احساس به محسوس ٿئي ٿو. ان جو وڏو سبب شايد هن صنف جي هنراڻي ۽ پيچيده هيئت ۽ قافئي جي جبري ٽنب ٽاڻ آهي، جنهن ۾ سُگھڙاڻي وکر وانگر ست مختلف خيالن جون ورجيسون ورتائيون ويون آهن. سٽن ۾ لوڪ دانش جا سهڻا نقطا ۽ زندگيءَ سان لاڳاپيل کوڙ سچائين جا کرا احساس ۽ اولڙا ته موجود آهن، پراحسان جي ٻين شاعراڻي صنفن ۾ جيڪا احساساتي روح ۽ رمزيت شامل ۽ فنڪارانه حسيت موجود آهي، جنهن کي پڙهڻ ۽ پُرجھڻ کان پوءِ روح ريشم ٿي وڃي ٿو. اها تخليقي ڏات ۽ احساس جي بي ساخته اُڇل سندس هن نئين صنف ۾ گھٽ نظر اچي ٿي.
    احسان دانش جي شاعريءَ جو هي مجموعو، جيڪو 144 صفحن، چار ڪلر رنگين ٽائيٽل ۽ پڪي بائينڊنگ تي مشتمل آهي، جنهن کي ڏاهپ پبليڪيشن ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، سو نه صرف پنهنجي ٻاهرين ڏيک ويک ۾ جاذب ۽ موهيندڙ آهي، پر ان ۾ مواد جي چونڊ کان وٺي، شاعري جي مختلف صنفن ۽ انهن تي مختلف سرجڻھارن، تاج جويو، ايازگل، مقصود گل، سعيد ميمڻ، عادل عباسي، حبيب ساجد ۽ ياسر قاضي جي راين تائين جا رنگ سچ ته پنهنجي سٽاءَ ۾انتهائي ڀرپور ۽ سھڻا ٿا ڀاسن. گيٽ اپ ۽ لي آئوٽ ۾ حسين لڳندڙ هي شاعريءَ جو ڳٽڪو پنهنجي اندرئين ورقن ۾ به ايترو ئي پُر معنى ۽ پيارو آهي. لفظن جي خوشبوئن ۾ ويڙهيل هي ڪوتا ڪتاب حساس ۽ پُر بصيرت دلين لاءِ سچ ته هڪ تحفي جيان آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مان نه ڄاڻان ته سکي ڇو آ رٺي
    سنڌ ڄاوا نه سنڌ کي ڏي پٺي
    وڏ ڦڙي سان وري برسات اٺي
    بي سري ساز کان آ سينڍ سٺي
    نار پنهنجن جي هٿان آهي ڪٺي
    زندگي زهر هجي پو به مٺي
    طنز جي ڇيت لڳي ڪنهن نه ڏٺي
    احسان دانش ، منهنجو دوست ۽ محسن آهي۔ احسان سان جڏهن به ملبو آهي ته پيار ۽ پنهنجائپ جو احساس ٿيندو آهي۔ احسان کان هميشه ڪجهه سکڻ لاء مليو آهي، هو هڪ بهترين شاعر ، ڪهاڻيڪار ۽ هاڻي هڪ سٺو تحقيق ڪندڙ ٿي ويو آهي۔
    سندس شاعري واقعي خوشبو جهڙي لڳندي آهي، سولا لفظ ۽ انهن جي جوڙجڪ به دل کي ڪشش ڪندڙ لڳندي آهي۔ فياض لطيف جو جائزو تمام سهڻو لڳو۔
    رياضت سائين لک قرب ، اوهان انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ذخيري ۾ مسلسل اضافو ڪري رهيا آهيو۔​
     
  3. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    مهرباني ادا سليمان وساڻ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو