زرداري صا حب جي سياست۔ (”تنهنجو مسئلو ڇا آهي!، توکي ڇا گهرجي؟“)

'مختلف موضوع' فورم ۾ جاويد حسين طرفان آندل موضوعَ ‏20 آڪٽوبر 2012۔

  1. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد
    صدر آصف علي زرداريءَ جي هڪ سڄڻَ ڪجهه هفتا اڳ، صدر صاحب جي ڪاميابيءَ جو راز ٻڌائيندي چيو هو :” زرداري صاحب هڪ سياستدان نه پر مڪمل طور ڪاروباري آهي. هو سياسي اختلافي معاملن ۾ پوَڻ بجاءِ مخالف سان سڌي ڳالهه ڪري ٿو، ”تنهنجو مسئلو ڇا آهي!، توکي ڇا گهرجي؟“- ۽ شايد پنهنجي اقتدار جي پوڻن پنجن سالن دوران، هو سنڌ ۾ پنهنجي سڀ کان وڏي ” اتحادي دشمن“ جي هر ڀيري ڪاوڙجڻ تي، کائنس ساڳيو ئي سوال ڪندَي، سنڌ جي وسيلن ۽ انتظامي اختيارن کي ”تين وال“ ڪندو رهيو آهي ته :”تنهنجو مسئلو ڇا آهي! توکي ڇا گهرجي!؟“. ايئن صدر صاحب جي پوڻن پنجن سالن جي ”ڪامياب اقتدار“ جي ”قيمت“، سنڌ لڳاتار ڦرجڻ، لٽجڻ ۽ هاڻي” سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012 “ جي نالي ۾، انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائجڻ بعد، اڄ سنڌي سماج کي به عملي طور ”ٻن حصن“ ۾ ورهائي، هڪ ٻئي جي ايئن آمهون -سامهون آڻي بيهارڻ جي شڪل ۾، ايئن ادا ڪري رهي آهي جو، ڏينهن ۾ ڏ هه ڀيرا،” سنڌ گهرو ويڙهه جي ور چڙهي وڃڻ“ جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ پڙهڻ لاءِ پئي ملي…!!.



    عوامي آواز نيوز پيپر تان ورتل ۔
     
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي ته ڇا چوجي۔ ڪهڙي راءِ ڏجي۔ سنڌ ۽ سنڌين سان محبت آهي (نه ته به سکني دعوى ته سڀني وٽ آهي)۔ هڪ نه پر سوين سنڌي اقتدار ۾ آهن۔ جن کي چونڊرائڻ وارا هزارين وڏيرا آهن جيڪي هنن اقتدار ڌنين وٽ ۽ اسان جا ووٽر وري انهن وڏيرن سان ٻڌل آهن۔ ووٽ اسان ڏيون ڪونه۔ ليڊر اسان کي وڻن ڪونه۔سنڌ خلاف پرايو ڪري ته ڪاوڙ پنهنجو ڪري ته ڏُک۔

    ڏيئي وٺي پاڇي ۾ هڪ بي اثر احتجاج آهي۔ يا رد عمل جي آخري درجي جو اهو عمل۔

    هاڻي مسئلو اهو ته اهي احتجاج اهي لعنتاڻا اهي دانهون ڪي اڄ ڪلهه جي ڳالهه ناهن پر ڪيئي ڏهاڪن کان هلنديون اچن۔ ووٽر ساڳيو۔ ٽرن اوور ساڳيو۔ بس جي مَٽيو آهي ته قرف اقتداري دور مَٽيو آهي۔ انهي ۾ به اڪثريت ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ ساڳي چهرا بار بار۔ پوءِ اهي اليڪشن بعد اتحادجي صورت ۾ هجن يا وري اليڪشن کان اڳ ئي انهي پارٽي جو پاسو وٺي بيهڻ جنهن جو سج چڙهندو نظر ايندو هجي۔ ووٽر وري وري انهي کي ووٽ ڏي ٿو۔ ۽ جيڪو نه ٿو ڏي اهو به ووٽرن جيترو ئي ڀوڳي ٿو پر دانهن سوائي ڪندو آهي۔

    نيٺ ڇا ڪجيئ نيٺ ڇا ٿئي؟ اهي سوال انتهائي اهم آهن۔ سڀني وٽ پنهنجي راءِ آهي۔ پر مون کي ايترو ويجهو ڪجهه به ٿيندي نظر نه ٿو اچي۔ بهتر اهو ٿيندو پنهنجي هصي جو هڪ ڪم بهتر نموني ڪجي ته وس آهر تعليم لاءِ ڪوشش وٺجي۔ گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ نسل جو ووٽر ڪنهن سوچ سمجهه ۽ ساڃاهه وارو هجي۔
     
  3. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بابا سائين سنڌ جيڪڏهين زرداريءَ کي پيار هجي ته ڏک ٿئيس ،هي ته ان کي ٽڪرا ، ٽڪرا ڪري ورهائي وڏو حصو پنهنجي کاتي ۾ جمع ڪرائڻ ٿو گهري، لٺ لڳي ته ڀڄي جان ڇڏائيندو ،باقي رلندا هن جا دادلا ڇيلڙا ، سنڌي سدائين سورن ۾ ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو