جاويد حسين
سينيئر رڪن
صدر آصف علي زرداريءَ جي هڪ سڄڻَ ڪجهه هفتا اڳ، صدر صاحب جي ڪاميابيءَ جو راز ٻڌائيندي چيو هو :” زرداري صاحب هڪ سياستدان نه پر مڪمل طور ڪاروباري آهي. هو سياسي اختلافي معاملن ۾ پوَڻ بجاءِ مخالف سان سڌي ڳالهه ڪري ٿو، ”تنهنجو مسئلو ڇا آهي!، توکي ڇا گهرجي؟“- ۽ شايد پنهنجي اقتدار جي پوڻن پنجن سالن دوران، هو سنڌ ۾ پنهنجي سڀ کان وڏي ” اتحادي دشمن“ جي هر ڀيري ڪاوڙجڻ تي، کائنس ساڳيو ئي سوال ڪندَي، سنڌ جي وسيلن ۽ انتظامي اختيارن کي ”تين وال“ ڪندو رهيو آهي ته :”تنهنجو مسئلو ڇا آهي! توکي ڇا گهرجي!؟“. ايئن صدر صاحب جي پوڻن پنجن سالن جي ”ڪامياب اقتدار“ جي ”قيمت“، سنڌ لڳاتار ڦرجڻ، لٽجڻ ۽ هاڻي” سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012 “ جي نالي ۾، انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائجڻ بعد، اڄ سنڌي سماج کي به عملي طور ”ٻن حصن“ ۾ ورهائي، هڪ ٻئي جي ايئن آمهون -سامهون آڻي بيهارڻ جي شڪل ۾، ايئن ادا ڪري رهي آهي جو، ڏينهن ۾ ڏ هه ڀيرا،” سنڌ گهرو ويڙهه جي ور چڙهي وڃڻ“ جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ پڙهڻ لاءِ پئي ملي…!!.
عوامي آواز نيوز پيپر تان ورتل ۔
عوامي آواز نيوز پيپر تان ورتل ۔