ڪير ٿو چئي ته اهي بکيا بگهڙ سنڌ جا سياستدان آهن،انهن محترمه بينظير صاحبه جي رت سان هولي ملهائي آهي ۽ خوشيون ڪيون آهن ته هاڻي اسان جو وارو آيو آ هاڻي لٽيو جيڪو لٽي سگهو ٿا،جن جو اڳواڻ مسٽر 10 پرسينٽ هجي اهو سياست ما ڇا ڄاڻي ،جيڪو پنهجي وزيراعظم کي ان صورت ۾ لهڻ تي مجبور ڪري ته ملڪ مان لٽيل دولت جو ڪير نالو نه وٺي۔ هي اهي راڪاس آهن جن محترمه کي شعوري طور قتل ڪيو آهي ۽ ان کي مئل هاٿي کان وڌيڪ ڪا به اهميت ڪو نه ڏني آهي۔هاٿي جيئرو ته لک ،مري ته ڏيڍ لک جي مترادف هنن هر ان احساس کي لٽيو آهي،ماڻهن جي ان بيلوث محبت سان ويساه گهاتي ڪئي آهي جيڪي پنهجي محبوب اڳواڻن لاء سر ڏيڻ کان به ڪو نه ڪيٻائيندا آهن۔اڄ به ان جي نالي جو مزاڪ اڏائي ۽ ان ملڪ کي لٽي رهيا آهن جن جي لاء هنن سر ڏنا۔هي سڀ ڪٽي کائڻ وارا مجنون آهن جيڪي مال تي موڳا لڳا پيا آهن۔هنن جو ڪنهن به آرتديننس سان ڪو به سروڪار ڪونهي ڇو ته انهن چند نوابن کي هتي رهڻو ئي ڪو نهي،انهن کي خبر آهي ته انهن جا آقا جيڪي انهن جي هر ڪفر ۾ ساٿي بنيل آهن انهن جو ساٿ ڏيندا۔پر تاريخ گواه رهي آهي ته اهڙن آقائن وقت نڪرڻ کان پوء انهن غدارن جا سر پاڻ ئي قلم ڪيا آهن۔پر انهن کي ان وقت تائين هوش ڪو نه هوندو آهي جيسائين انهن نام نهاد آقائن جو پٽو انهن جي ڳچيءَ ۾ پيل هوندو آهي۔هاڻي ته هنن پاڻ رواج وڌو آهي ته جيڪو رستي جي رڪاوٽ بنجي ان کي هتايو ۽ رستو صاف ڪيو۔شهيدن جي رت سان مزاڪ هڪ مقرر وقت تائين ڪري سگهن ٿا ۔جيستائين هنن جو تڪبر ڪمال تي پهچي ۔ان کان پوء ئي انهن کي قدرت ڪنڌ ڀر ڪيرائيندي ۽ ضرور ڪيرائيندي۔۽ اهو ڪرڻ وڏا وڏا ارغون ترخان هلاڪو ۽ چنگيز خان ڀڳتي چڪا آهن۔ هي انڌ جي گهوڙي تي سوار وقت جا وزير نه پر گبرسنگه ڏاڙيل جيان ڏيک ڏئي رهيا آهن جنهن کي پنهجي عمل تي ڪو به پڇتاء ڪونهي۔۽ نه ئي انهن ما ڪا اميد رکجي سگهي ٿي۔ پيپلز پارٽي هيٺين سطح تان انهن کي کڻي آئي ته جيئن انهن ۾ پنهجي قوم جي ماڻهن جو احساس پيدا ٿئي پر چوندا آهن ته نسل جو اثر ضرور ٿيندو آهي ان جي ڪري ئي شوقين مزاج جڏهن ڪنهن ڪڪڙ يا ڪتو پاليندا آهن ته ان جو نسل ڏسندا آهن پوء ئي ان جو ٻج يا ٻچو ڌاريندا آهن۔هنن جي نسلن ۾ ڪو به اهڙو ڪونهي جنهن کي ملڪ جي يا قومن جي نزاڪت جي خبر هجي هي ته تڪريبن ڦوس ما فتح خان بنجي وڃڻ وارا سياستدان آهن جن جي پنهجي ڪارڪردگي هميشه ڪرپشن رهي آهي۔۽ هميشه محترمه ۾ لڪل هوندا هئا۔جيڪا اڪيلي پنهجي من جي مذهب ۾ سياست ڪندي ملڪ جي ماڻحن جي دلين تي راڄ ڪندي هئي۔هنن جو ڪردار هميشه کان مشڪوڪ رهيو آهي ۔هاڻي ته وائکا ٿي چڪا آهن۔ هنن مان ڪا اميد رکندو !!!!!!!!!! ۽ هاڻي جيڪي هنن جي چوڻ تي نعرا هڻي رهيا آهن اهي پنهجي اندر ۾ خود خوفزده آهن پر بيهيائي جو ٽڪر انهن جي پيٽ ۾ پيل آهي جنهن جي ڪري اڪثر جا منهن بند آهن باقي ڪي ته معصوم اڃان به شهيد جي نالي تي پنهجي ٻچن جو سودو ڪرڻ لاء تيار آهن۔ وقت ٻڌايندو ته ڪي سنڌي نسل جا بگهڙ ڪيئن پنهجي ذات کي کائي ويا۔ ۽ پنهجو جوُءِ گدڙن جي حوالي ڪري ويا۔ ويا مور مري هنج نه رهو هيڪڙو ۔انهن آکيرن تي ويٺا چٻ چڙهي وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪائينرن جو ڳجهن کي ڍونڍ کپي بس هنن کي اهو مليو آهي هنن جو ڪنهن سان به ڪو مطلب ڪونهي۔هاڻي انهن جا اثر ويهي ڏسجو جيڪي انقريب ظاهر ٿيندا ۔ اسان ماڻهو ان سزا جي لائق ئي آهيون ،ڇو جو اڪثريت اسان ۾ بغير ڪنهن محنت جي مال ڪمائڻ جا خواب ڏسندي رهي آهي ۽ هاڻي ته اهيا عادت وڌي ويئي آهي ۔هاڻي نظر ايندو ڏوڪڙن جو ڪمال۔ هڪڙا ڏڪڙن تي وڪندا ،هڪڙا ڏاڍ تي جيڪي بچيا سي لتاڙيا ويندا۔ جي ڪري سگهو هن قوم کي متحد ته ڪيو ڪوشش۔اڃان اميد باقي آهي۔ جي نه ته غلامي کان پوء آزادي ملندي ضرور پوء جڏهن ملي۔
منهنجا محترم سائين اهي گدڙ نسل جا انساني ڀيد ۾ لڪل ڳِجهه جن کي سنڌي به سڏڻ ڄڻت سنڌيت جي سونهن تي ڪارڪ ملڻ جي برابر آهي۔ اهي سنڌي به نٿا ٿي سگهن۔ جن رت ملهائي، پنهنجون جوانيون ارپيون، بقول توهان جي اڄ به ٻچن سميت مرڻ لاءِ آتا آهن۔ اهي ئي سنڌ جا حقيقي، حلالي ۽ نسلي پُٽ آهن۔ اِهي ڪم نسل ڀاڙيا ڀوتار آهن۔ جن مان بُغض ۽ ڀڙوت جي بوءِ ايندي رهي ٿي۔ اهڙن مان ڪهڙي چڱائي۔ اهڙن لاءِ سوچڻ به وقت وڃائڻ آهي۔ پنهنجي ڏاهپ جي سگهه کي ڪنهن مستقبل جي بهترين آئيندي لاءِ ڪم آڻيون ته اڳتي اسان کي ڪهڙي ريت بهتري آڻڻي آهي۔ ڪي سهڻيون صلاحون ڏيو۔
هي اهي راڪاس آهن جن محترمه کي شعوري طور قتل ڪيو آهي بلڪل صحيح اوهان جي پوري تحرير جي جان هي لفظ آهن ۔پر سائين هي قتل ڪندڙ قاتل به ائين ئي بچي ويندا جيئن ذوالفقار علي ڀٽو کان بينظير تائين سڀني جا قاتل بچي ويا ۔ها آزادي ملندي ضرور پر في الحال ان جا حقيقت هڪ خواب کان وڌ نه ٿي لڳي !!!!
سائين اوهان جي ڳاله ته حق بجانب آهي پر اسان جي بدقسمتي اها آهي ته تاريخ ۾ وڏي اڪثريت سان چونڊجي آيل هي راڪاس اسان جي نمائندگي ڪري رهيا آهن ۽ اهي ئي هن ملڪ ۽ قوم جا غدار ٿي پيا آهن بحرڪيف ڳاله کي اصل موضوع طرف آڻڻ جي ڪوشش ٿا ڪيون ته جيئن اسان پنهجو ڪم ڪري سگهون۔ اوهان فرمايو ته پنهنجي ڏاهپ جي سگهه کي ڪنهن مستقبل جي بهترين آئيندي لاءِ ڪم آڻيون ته اڳتي اسان کي ڪهڙي ريت بهتري آڻڻي آهي۔ ڪي سهڻيون صلاحون ڏيو۔ آءُ عرض ڪندس ته آءُهڪ عام آدمي آهيان ۽ ڏاهپ جي ڏال کان به واقف ڪو نه آهيان،باقي جيڪي جذبه هن وجود ۾ اڀرن ٿا سو اوهان دوستن جي اجازت سان پهرين ڏينهن کان ونڊڻ چاهيا آهن جن ۾ ڪو به بغض يا ڪينو رکيل ڪو نه آهي ،اندر جو آواز آهي خبر ناهي ته تلخ آهي يا تسڪين آميز،منهجي جيء کي جنجهوڙيندڙ آهي ۔افسوس جو پيش ڪرڻ جي هنر کان نا واقف هجڻ ڪري شايد متن هميشه اوجهل رهجي ويندو آهي، اوهان ڳاله ڪئي آهي ته مستقبل جي بهتري لاء ڪهڙي طرح اُپاءَ وٺجن، سهڻي صلاح ڏيو، سائين منهجي ننڍڙي ذهن ۾ ايندڙ ڪجه ڳالهيون جيڪي ڏاهن جي سامهون رکڻ ٿو چاهيان ڇو جو مون دنيا جو درد ڪو نه پرايو آهي ان ڪري گهڻين حقيقتن کان نا واقف آهيان ۽ ٿي سگهي ٿو منهجون اهي ڳالهيون منهجي بيوقوفي کي ظاهر ڪن،اوهان جي اصلاح ۽ نمائينگي ضروري سمجهندس۔ گهڻي ڊيگهه ۾ وڃڻ نه ٿو ڇاهيان مختصر طور ڪجهه نقتن تي ڳاله بيان ڪرڻ چاهيندس۔ مسئلو ڪشمور کان دادو تائين انڊس هائي وي وارو پاسو هڪ الڳ سنڌ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي،ته وري گڊو کان موري تائين الڳ پسمنظر ۔دادو کان ڪوٽڙي الڳ سنڌ آهي ڪوٽڙي کان ڪراچي الڳ موري کان مٽياري الڳ مٽياري کان ميرپورخاص الڳ،حيدرآباد الڳ ته هاڻي بدين ٺٽو الڳ ۔انهن تي مشاهدو ڪرڻ ضروري آهي ته اهيو سڀ ڇو آهي ۽ ڪهڙا ڪارڻ آهن جو هڪدم پنجاب جي سرحد مان نڪرندي ئي جيئن سنڌ ۾ داخل ٿجي ٿوته هڪ الڳ احساس جنم وٺي ٿو جتي جتي تنصيبات آهن ۽ غير سنڌين جي مداخلت آهي اهي علائقه محفوظ آهن ۽ انهن تي سخت سيڪيورٽي جا انتظام آهن ۽ هر فرد جيڪو غير سنڌي آهي محفوظ سفر ڪري ٿو جڏهن ته باقي مسافر روز ڦريا ۽ ماريا ويندا آهن، ذاتي دشمني جي هوا اهڙي ته گهولي ويئي آ جو هڪ طوفان جو رُکُ اختيار ڪري چڪي آهي جتي انهن جا ذهن اهڙي طرح ته متنفر ڪيا ويا آهن جو هڪ ٻئي جي رت وهائڻ کانسواء ٻو ڪجه ڄاڻن ئي ڪو نه ٿا،۽ انهن ۾ لکيا پڙهيا ڊاڪٽر انجنيئر به ان جنگ جو حصو لڳا پيا آهن۔ سبب منهجي سمجه ۾ فقط هڪ ئي سبب آهي ته مقامي ماڻهن کي انهن علائقن ۾ روزگار کان پري رکڻ آهي ڇو ته مصبوط معيشت جي پيداوار موجود آهي جن تي رياستي ادارن جا عير سنڌي ڪيتري ئي وقت کان قابض آهن جيڪي پنهجي ازلي دشمني نڀائيندا ٿا اچن۔ حل منهجي نظر ۾ جيئن ته مخالف رياستي اداري جي طرفان پيدا ڪيل آهي ان ڪري ان مسئلي کي حل به رياستي حڪمرانن جي ذريعي آسانيء سان ڪري سگهجي ٿو۔ جيڪا اان پاسي جي ماڻهن جي نفسيات آهي ان پٽاندڙ جيئن هن وقت حڪومت ۾ هڪ ئي ڌر جا ماڻهو اڪثريت ۾ آهن آسانيء سان حل ڪري سگهن ٿا۔مطلب ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاء اهڙي قسم جي قوت درڪار ايندي، فرض ڪريو جي ان ۾ ڪاميابي ملي ٿي ته پوء هڪ اهڙو گروپ هجڻ کپي جيڪو هڪدم انهن جا ذهن تعليم ۽ هنر ڏانهن موڙي ،جنهن ۾ جديد زرعي تقاضائون،سوشل زندگي،ديني زميواريون ۽ قومي يڪجهتي جو اظهار نمايان هجڻ کپي،۽ زاتيات جي بند مان ٻاهر ڪڍي قومي ايڪي ۾ شامل ڪجي جيئن ان جي اقليت اڪثريت ۾ تبديل ٿي وڃي ۽ سرداري خول مان آجو ٿي پنهجي زندگي کي سڃاڻڻ جي سگه ڌاري سگهي، اچو ٻئي پاسي نظر وجهون جتان انهنغير سنڌين جي رسدگاه آهي انهن رستن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيل آهي،اتي انهن جي غير سنڌي هٿياربندن جون سرڪاري ذميواريون آهن جيڪي تمام سهڻي نموني سان سرانجام ڏيندا آهن ۽ سنڌين جي لاء منشيات ۽ اسلحي جو بهترين ڪاروبار کوليون ويٺا آهن۔ انهن غير سنڌي رکوالن کي فورن هٽائي ان جي جاء تي مقامي ماڻهو ڀرتي ڪري انهن کي سردارن ۽هٿ سان ڌاڙيل بنايل ماڻهن جي چنگل ما آجو ڪري سگهجي ٿو۔۽ هي اڪثريت حاصل ڪندڙ ٽولو آسانيء سان ڪري سگهي ٿو۔ ڪاش اگر اهي انسان هجن ۽ سوچن ته،،،، مسئلو 2۔ روزگار سان لڳل ماڻهن جو ڪردار ۽ سنڌي ماڻهن سان رويو نوٽ( جاري آهي)
سائين مونکي ته زاهد شيخ جو هي گيت ياد ٿو اچي ۔۔۔۔ بد زوق جي هٿ ۾ باغ وريو هن منهجي چمن جو ڇا ٿيندو سو هي سڀ چور لٽيرا اچي گڏ ٿيا آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پي پي پي جي هن حڪومت ۾ جيڪي سنڌ سان ويساهه گهاتيون ٿيو آهن اهي پهريان ڪڏهن به نه ٿيو هيون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هي ته بينظير ڀٽو جي شهادت کي ڪيش ڪرائي پيا کائين بکيا آهن سنڌ به کپائي ويندا
مانوارا سائين اوهان جي اڳيان اسان اڃان سکڻ واري مرحلي مان گذري رهيان آهيون اسان کي ته اوهان جهڙن جي رهنمائي گهرجي۔ جهڙي ريت اوهان هن موضوع کي چٽيو آهي اها اوهان جي ڏاهپ جي سگهه ئي آهي ۔ اوهان جيڪو هيٺيون مسئلو پيش ڪيو آهي۔ وري ان جو جيڪو سبب ڄاڻايو آهي۔ ان کان پو اوهان حل به پيش ڪيو آهي۔ مسئلي کي جيڪڏهن پسجي ٿو ته ان مسئلي جو ڪارڻ اسان پاڻ آهيون، اهو هن ريت ته تعليم جا دشمن اسان پاڻ آهيون، پنهنجي ڳوٺن کان ٻاهر نڪرڻ کان لنوائيندا آهيون، پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳوٺن ۾ ڪي به بهتري جا اپا نه وٺندا آهيون، سستي، ڪاهلي اسان جي رڳن ۾ ويٺل آهي، اهي ڪامورا، اهي، وزير، اهي ايدمنسٽريٽر، اهي استاد، عام سنڌي ماڻهو، سڀ گڏجي اهو سڀ ڪري رهيان آهيون، هاڻ اسان کي ڪير زبردستي ته نٿو روڪي ته پنهنجي ڳوٺ کي نه سڌاريو، ڪير اسان جي ٻارن کي اسڪول وڃڻ کان ته نٿو روڪي، ڪو به بندوق جي زور تي استادن کي اسڪول وڃڻ کان روڪي ڪين ٿو، پر ڳالهه اها آهي ته اسان پاڻ کي هرو ڀرو مظلوم ڄاڻائي هميشه ڌارين کي سهولتن جي ڳالهه ڪري پنهنجو فرض پورو ڪري ڇڏيندا آهيون ته اسان جي وس ۾ ڪجهه به ڪونهي، توهان جيڪا مخالف رياستي ادارن جي ڳالهه ڪئي ته ڇا اسان جا پنهنجا انهن ادارن ۾ نه ويٺا آهن؟ اهي ڪير آهن انهن کي ڪنهن اتي رسايو آهي۔ پاڻ پنهنجا هٿ وڍرائيندا آهيون پو پِيرن سان ميڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ۽ نتيجتن اسان پاڻ کي معذور سمجهي خاموش ٿي ويهي رهندا آهيون۔ اڙي بابا سڀ ڪجهه توهان جي هٿن ۾ آهي، اهي مسئلا اسان پاڻ پيدا ڪيا آهن، انهن مسئلن جو ڪارڻ پاڻ آهيون، هاڻ حل به پاڻ کي ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن ڌاريا آيا ته اسان ۽ توهان جي وڏن مان ئي ڪنهن انهن کي جايون ڏنيون هاڻ جيڪڏهن اهي منظم ٿي ويا آهن ته اها ته انهن جي پنهنجي سياڻپ ۽ قوت ارادي آهي۔ جيڪڏهن اسان هن مهل تائين غلامي جي رسي ۾ ڦاتا پيا آهيون ته ان جو مطلب اهو آهي ته اسين پاڻ ان ڦندي کان آجا ٿيڻ ئي نٿا گهرون۔ ڪشمور کان دادو تائين انڊس هائي وي وارو پاسو هڪ الڳ سنڌ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي،ته وري گڊو کان موري تائين الڳ پسمنظر ۔دادو کان ڪوٽڙي الڳ سنڌ آهي ڪوٽڙي کان ڪراچي الڳ موري کان مٽياري الڳ مٽياري کان ميرپورخاص الڳ،حيدرآباد الڳ ته هاڻي بدين ٺٽو الڳ ۔انهن تي مشاهدو ڪرڻ ضروري آهي ته اهيو سڀ ڇو آهي ۽ ڪهڙا ڪارڻ آهن جو هڪدم پنجاب جي سرحد مان نڪرندي ئي جيئن سنڌ ۾ داخل ٿجي ٿوته هڪ الڳ احساس جنم وٺي ٿو