• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سرڪار پاران ڏڪار سٽيل ٿر ۾ اميراڻي راند ”ٿر ميراٿن ريس“ ڪرائڻ جو فيصلو

رسول بخش جوڻيجو

سينيئر رڪن

سنڌ سرڪار پاران ڏڪار سٽيل ٿر ۾ اميراڻي راند ”ٿر ميراٿن ريس“ ڪرائڻ جو فيصلو

مٺي)ن ڪ) سنڌ حڪومت پاران ڏڪار جي لپيٽ ۾ آيل غريبن جي جهوپڙن واري علائقي ٿر ۾ 18 نومبر تي اميراڻي راند جيپن جي ڊوڙ ميراٿن ريس ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميا ٿرپارڪر طرفان ڪالهه درٻار هال مٺي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ڊائريڪٽر نيشنل موٽر اسپورٽس، پوليس ۽ رينجرز جي عملدارن
سميت ضلعي جي مختلف کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت جي هدايت تي ضلعي ٿرپارڪر مٺي ۾ 18 نومبر 2012ع تي ٿر ميراٿن ريس (ٿر ڊيزرٽ چئلينج) منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ 50 گاڏيون حصو وٺنديون، ريس لاءِ مٺي شهر جي باءِ پاس کان 100 ڪلوميٽر جو مفاصلو رکيو ويو آهي، 15 نومبر 2012ع کان ڊي سي آفيس مٺي ۾ گاڏين جي رجسٽريشن ٿيندي، هر گاڏي تي 20 هزار رپيا رجسٽريشن فيس رکي وئي آهي. واضح رهي ته سنڌ حڪومت طرفان ٿر کي ڏڪار سبب آفت سٽيل علائقو قرار ڏئي 10 مهينا ڏڪار متاثرن کي سستي اگهه تي ڪڻڪ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، جنهن تي عمل نه ٿي سگهيو آهي، ڪڻڪ جي پهرين مهيني جي ڪوٽا اڌ ۾ بند ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري مارو ماڻهن جي ٿر مان بئراجي علائقن ڏانهن ٻيهر لڏپلاڻ جاري آهي، ساڳي طرح سنڌ حڪومت طرفان هن ڀيري بجيٽ نه رکڻ سبب حب الوطني جي عظيم ڪردار مارئي جو سندس جنم ڀومي واري ڳوٺ ڀالوا ۾ نومبر جي پهرئين هفتي ۾ روايت موجب هر سال لڳندڙ ميلو به نه رٿيو ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت طرفان ٿر جي غريبن جي جهوپڙن واري علائقي ۾ اميراڻي راند جيپن جي ڊوڙ ڪرائڻ واري فيصلي کي ٿر جي ساڃاهه وندن طرفان ٿرين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ ۽ انهن سان مذاق ڪرڻ برابر قرار ڏنو وڄين...ڪاوش

 
ٿر ميراٿن ريس اڳ به ٿي هئي ۽ شايد ڪجهه سالن کان هلندي اچي ۔۔۔۔۔ ان ۾ ڀلا برائي ڪهڙي آهي۔
 
Back
Top