مان محڪوم قوم جو مظلوم ڪردار آهيان، تون سمجهين ٿو مان ڪنهن وڏيري جو ڪمدار آهيان نه نه ! مان پنهجي وطن جو حبدار آهيان چوين ٿو مان سردار آهيان!وڏن محلن جو مالڪ ۽ زردار آهيان، چاهين ٿو هميشه جيان هن صديء ۾ به تون ڪرين قيد مونکي پر ٻڌي ڇڏ تنهجي دڙڪن ۾ مان خود اڄ يلغار آهيان مان هان طاقت جنهن تي ڪڏين ٿو مارو منهجو نالو مان ئي سرڪار آهيان ياد رک اها منهجي محبت جڏهن توکي چاهيو ته ڇا مان ڇا بنايو اڄ منهجو ديس وڪڻي تو پنهجو پاڻ لڄايو ڪندس تو تي تنگ ڌرتي هي منهجو وچن آ ناهي تنهجو ننگ جو ايئن ٿو کپائين هي منهجو وطن آ ونگاري ڏٺا مون جي تو ڏانهن وهن ٿا تنهجي ئي چوڻ تي منهجا ڀائر ڪهن ٿا منهجي جذبن ۾ آ رنڱجي ويو هر قطري جو حساب هاڻي مون آ کوليو هر قتل جو ڪتاب مون کي پڪ آ تون بزدل آهين، منهجي محبت کان تون ڊنل آهين، مان سنڌ سموري جو اسرار آهيان مان محڪوم قوم جو مظلوم ڪردار آهيان
سائين عتيق صاحب سلام اوهان جون سٽون ڄڻ ته اسان جي به اندر جا احساس آهن ۔۔۔ بهترين لکيو اٿو، اسان جي اڄوڪي ڪردارن جي جهلڪ پئي نظر اچي۔
وعليڪم اسلام سائين درد ساڳو آهي سائين ،هڪ منظر کي اگر هزار نظرون ڏسن،ته هر نظر جو پنهجو انداز هوندو آهي پر جي ڪنهن ظلم کي هزار نظرون ڏسن ته هر نظر هڪجهڙي هوندي آهي، اوهان جي رهنمائي ۾ پنهجي ايمان کي مضبوط ڀائيندس،اوهان جي محبت جو اوسيئڙو رهندو
محترم عتيق الرحمان کي هن فورم تي ڀليڪار ڪريون ٿا۔ ميمبر ٿيڻ شرط ڀا تي لازمي ٿي پيو آهي ته پنهنجي ٽهي کي به هي گس ڏيکارين ته جيئن ملي جلي ڪري اونداهين ۾ گهيرجي ويل سست، ڪاهل، پاڻ پڏائڻ واري قوم لا ڪو دڳ ڳولي ڪڍون ۽ پاڻ به حقيقي معنائن ۾ ٻين قومن وانگر هڪ سولائيزڊ قوم سڏجون جيڪا پاڻ پڏائي پاڻ کي ست هزار سالن جو وارث ته سمجهي ٿي پر عملي ميدان ۾ هڪ نانگ وانگر پنهنجو پاڻ پنهنجا ٻچا کائي ٿي۔ اهو سمجهڻ لا ڀا کي مُهنجو هي چُڀندڙ مضمون پڙهڻو به پوندو ۽ ٻين کي به دعوت ڏئي پڙاهڻو پوندو جنهن جي جواب جو آئون طلبگار آهيان۔ مضمون پڙهڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔