ڪو اهڙو وقت به ايندو آهي جڏهن توهان زپ يا رار فائيلز کي ان زپ ڪرڻ چاهيندا آهيو۽ توهان وٽ Winrar يا اهڙي قسم جو سافٽويئر نه هوندو آهي جنهن جي ذريعي فائيلز کي ان زپ ڪري سگهو۔۔۔۔ اهو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن توهان ڪنهن دوست جو ڪمپيوٽر استعمال ڪندا هجو۔۔۔ ۽ صورتحال اهڙي هوندي آهي جو توهان پنهنجي سسٽم ۾ اهڙو ڪوبه سافٽويئر به ان ڪري نه ٿا رکڻ چاهيو ته اڪثر ڊائون لوڊ ڪيل رار يا زپ فائيلز ۾ exe/dll فائيلز ٿينديون آهن جن ۾ وائرس هجڻ جو انديشو گهڻو هوندو آهي۔۔۔ اهڙي صورتحال ۾ گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي ڇو ته انٽرنيٽ تي Wobzip نالي اهڙي سروس موجود آهي جتي توهان پنهنجي فائيلز کي آنلائين پوءِ چاهي پنهنجي ڪمپيوٽر تان يا وري URL جي لنڪ جي صورت ۾ ان زپ ڪري سگهو ٿا۔۔۔ هي ويب سائيٽ 100 ميگابائيٽ تائين واري فائيل کي ايڪسٽريٽ ڪرڻ جي سهولت ڏيندي آهي۔۔۔ ۽ نه صرف اهو پر ايڪسٽريڪٽ ڪندي هي Bitedefender اينٽي وائرس کي استعمال ڪندي توهان جي فائيلز مان وائرس جي جانچ به ڪندي آهي۔۔۔۔ هن ويب سائيٽ جون ڪجهه سڪرين شاٽس حاضر آهن۔۔۔ هي ويب سائيٽ هيٺيان فارميٽ قبول ڪندي آهي۔۔۔ 7z, ZIP, GZIP, BZIP2, TAR, RAR, CAB, ISO, ARJ, LZHCHM, Z, CPIO, RPM, DEB and NSIS ووبزپ سائيٽ تي وڃڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪريو
واه ادا جادوگر ۔۔۔۔ ادا ڪم جي شئي ڳولهي کڻي آيو آهين ۔۔۔۔۔ ادا تمام زبردست شيئرنگ آهي۔۔۔ اڪثر اسان جهڙن اٻوجهن کي ضرورت پوندي رهندي آهي۔۔۔۔۔