عالمي تپش جا ڪارڻ، اثــرَ ۽ بچاءَ

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    305
    ورتل پسنديدگيون:
    877
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    عالمي تپش جا ڪارڻ، اثــرَ ۽ بچاءَ
    رضوان گل

    ڪجهه خاص حالتن ۾ جيتوڻيڪ گرمائش جا فائدا به ڳڻائي سگهجن ٿا جيئن ڪجهه فصل وغيره گرميءَ تي پچي تيار ٿين ٿا وغيره، پر مجموعي طور تي گھڻن حوالن سان گرمي نقصانڪار هجي ٿي. جيئن انگريزيءَ ۾ چيو ويندو آهي: Excess of everything is bad يعني هر شيءِ جي گھڻائي خراب هوندي آهي. اهڙيءَ ريت جڏهن اها گرمي عالمي سطح تي هڪ مسئلي جي صورت ۾ سامهون اچي ٿي، ته مستقبل ۾ تمام گھڻي پريشانيءَ جو باعث بڻجندي پڻ محسوس ٿئي ٿي.
    گرمي پد جي گھٽجڻ ۽ وڌڻ جا عام طور پنج ايليمينٽس آهن جن جي ڪري موسم ۾ تبديلي اچي ٿي. موسم جيڪا 24 ڪلاڪن ۾ آبهوائي جزن جي گھٽ وڌائي سبب تبديل ٿئي ٿي ۽ ان ئي مجموعي صورتحال جي انگ اکرن کي ئي گڏ ڪري وري آبهوا (climate) جو ڪاٿو لڳايو ويندو آهي. آبهوا ڪنهن به علائقي جي مجموعي موسمي صورتحال کي سڏيو وڃي ٿو. پر هتي ڳالهه فقط آبهوا جي نه، پر مجموعي طور تي سموري عالمي ماحول جي آهي، انهيءَ ڪري ان ڳالهه جو عالمي طور تي جائزو وٺڻ ضروري آهي. ماحولي گدلاڻ ۽ دونهين سميت ٻين ڪيترن ئي سببن جي ڪري گرمي پد ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اهو اضافو آهستي آهستي اسان جي سموري ڌرتيءَ لاءِ انتهائي هاڃيڪار ثابت ٿي رهيو آهي. ڌرتيءَ تي تپش هر سال وڌندي ئي رهي ٿي. هڪ اڳ ڪٿيءَ موجب 2020ع تائين مجموعي طور تي 1.3 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ 2070ع تائين 3 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گرمي پد ۾ اضافو اچي ويندو. جيتوڻيڪ اها بظاهر ڪا ايڏي گھڻي واڌ محسوس نه ٿي ٿئي پر اها ٿورڙي واڌ پوري ڌرتيءَ تي لڳ ڀڳ هڪ جيتري مقدار ۾ ڦهلجڻ بعد انتهائي پريشان ڪندڙ بڻجي ويندي، ڇاڪاڻ ته صرف 2 ڊگري سينٽي گريڊ واڌ جي ڪري ڌرتي ايڏي ته گرم ٿي ويندي جيڏي 1,25,000 سال اڳ هئي. ان ڳالهه مان اهو بخوبي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته جڏهن 3 ڊگري واڌ ٿيندي ته ڌرتي ڪيتري گرم ٿي ويندي. يعني لڳ ڀڳ ايتري گرم ٿي ويندي جيتري 20 لک سال اڳ هئي.
    عالمي تپش جا نقصانَ:
    عالمي تپش جا ڪيترائي نقصان ٿي سگھن ٿا، جن ۾ گرمي وڌڻ سبب برفاني علائقن، خاص طور قطبن ۾ ڄميل برف رجڻ شروع ٿيندي جنهن سبب سمورن سمنڊن ۾ تمام گھڻو چاڙهه ايندو ۽ ننڍا ٻيٽ ان چاڙهه سبب ٻڏي ويندا. اهي خشڪيءَ وارا علائقا جيڪي آباد آهن سي سمنڊ جي پاڻيءَ هيٺ اچي ويندا، ڪي ڪنارا ٻڏي ويندا، ته ڪي شهرن جا شهر سمنڊ جي پاڻيءَ هيٺ اچي ويندا. ماڻهو اهڙي صورتحال ۾ پنهنجا ڳوٺ، شهر، صوبا توڙي ملڪ ڇڏي لڏڻ شروع ڪندا. گرميءَ جي شدت سبب هر ڪنهن شيءِ ۾ تبديلي ايندي. اسان جي پيداوار جو گھڻو دارومدار ئي موسمن تي آهي يعني فصلن جي پوک ۽ انهن جو لڻڻ پڻ موسمن تي دارومدار رکندڙ آهي. جڏهن وڏي پيماني تي ايڏي وڏي تبديلي رونما ٿيڻ شروع ٿيندي ته ان جا اثر به وڏي پيماني تي نظر اچڻ لڳندا. اهڙي تبديليءَ سبب زراعت جي شعبي ۾ وڏي تباهي ايندي. هڪ اندازي مطابق فصلن جي پيداوار ۾ 60 کان 70 سيڪڙو تائين گھٽتائي ٿي ويندي. شديد گرميءَ سبب جڏهن برف ڳري پاڻي ٿي ويندي، ته ان کان پوءِ وري شديد سوڪهڙي واري صورتحال پيدا ٿي پوندي، جنهن سبب زرخيز زمينون بنجر بڻجڻ لڳنديون. ايندڙ 30 يا 40 سالن ۾ ان قسم جي تبديلين کي واضح طور محسوس پڻ ڪري سگھبو.
    گرمائش سبب جيڪو سڀ کان وڏو نقصان ٿيڻ جو انديشو آهي سو آهي وايومنڊل ۾ موجود گرين هائوس گئسن تي پوندڙ اثـرَ، جيڪي ڊگهي عرصي تائين موجود رهڻ جو امڪان آهي. اها گرمي نه صرف انسانن پر جاندارن ۽ ٻوٽن لاءِ به سخت هاڃيڪار هوندي. سمنڊن ۾ چاڙهه اچڻ سبب ۽ مجموعي تبديلين جي ڪري ڪيترائي جاندار ۽ نباتات ان تبديل ٿيل ماحول ۾ پنهنجي جياپي کي برقرار رکي نه سگھندا ۽ ايئن ڪيترن ئي ساهه وارن جو وجود ڌرتيءَ تان ميسارجڻ لڳندو.
    دنيا ۾ هن وقت جتي برف سان ڍڪيل خوبصورت علائقا موجود آهن، اهي عالمي تپش جي ڪري بلڪل تبديل ٿي ويندا بلڪه ان حد تائين تبديل ٿي ويندا جو اتي ننڍي سطح تي زراعت پڻ شروع ٿي ويندي ۽ هن وقت جتي تپندڙ ميدان آهن اتي پاڻيءَ جي اڻاٺ پيدا ٿيڻ سبب آباد زمينون به غيرآباد ٿي وينديون. انساني آبادين لاءِ هڪ تمام وڏو خطرو تڏهن به پيدا ٿي سگھي ٿو جڏهن سمنڊن جو پاڻي اڪثر جڳهن تي ڦهلجي ويندو، ته پوءِ اهو جَــرَ (water table) واري پاڻيءَ کي به وڃي کارو ڪندو. اهڙيءَ ريت اسان جيڪو مٺو پاڻي پيئون ٿا سو به کارو ٿيڻ شروع ٿيندو. ان صورتحال ۾ نيون نيون بيماريون به ڪَـرُ کڻنديون ۽ ڪيترن ئي قسمن جا جيت جڻيا به جنم وٺندا. آڪسيجن مڪمل طور شفاف نه رهڻ سبب انسانن کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ٿيندي. اهي بيماريون جيڪي هن وقت گرم علاعقن ۾ آهن سي انهن ٿڌن علائقن ۾ به پهچي وينديون، جتان برف ڳري چڪي هوندي. پئسي وارن ماڻهن کي ته انهن مٿين اثرن کان پاڻ بچائڻ لاءِ جديد شين جي استعمال جو ذريعو موجود هوندو پر انهن تبديلين جو گھڻو اثر وري به غريب آبادين ۾ رهندڙ ماڻهن تي گھڻو پوندو. مٿي ذڪر ڪيل اهي اڳ-ڪٿيون آهن جيڪي اسان جي لاپرواهيءَ سبب اسان جي لاءِ يا اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ تمام وڏي مسئلي طور سامهون اينديون يا اچي سگھن ٿيون.
    اسان انهيءَ عالمي تپش کي گھٽائڻ لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھون ٿا جنهن جي نتيجي ۾ اهڙين تباهين کان پاڻ کي ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن کي گھڻي عرصي تائين محفوظ رکي سگھون ٿا. جيڪڏهن اسان پنهنجي ڀرپاسي جي ماحول کي گندگيءَ کان بچائي ان کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ ڪوششون وٺون، ته هوند اسان ڪيترين ئي بيمارين کان پاڻ بچائي سگھنداسين. اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ جي طور طريقن ۾ تبدليون آڻي صفائي سٿرائي جي شروعات پاڻ کان ئي ڪريون، ته دنيا ڪيترين ئي آلودگين کان پاڪ ٿيڻ شروع ٿي وڃي. اسان ڌرتيءَ جي سيني تي وڌ کان وڌ وڻ لڳائي فضائي گدلاڻ کان پاڻ بچائي سگھون ٿا.
    جيڪڏهن اسان شين جي اجائي استعمال يا گھڻائيءَ ۾ استعمال تي ڪنٽرول ڪنداسين ته ان سان به ماحولي گدلاڻ ۾ گھٽتائي ايندي يعني اهي ئي شيون ٻيهر واهپي (recycling) تحت استعمال ڪرڻ گھرجن ته جيئن گندگي به گھٽجي ۽ انهن شين جو ٻيهر استمال پڻ ٿئي. بجليءَ جو استعمال گھٽائي توانائيءَ جي بچت ڪريون، گھرن ۾ گھٽ کان گھٽ بجلي استعمال ڪريون ۽ عمارتن جي اڳيان وڻ ٽڻ ۽ گل ٻوٽا پوکيون، ته جيئن گرمائش جو اثر گھٽجي سگھي. اسان هر روز گاڏين مان بي انتها دونهون خارج ٿيندي ڏسون ٿا. جيڪڏهن پنهنجي پيٽرول يا سِي اين جِي تي هلندڙ سوارين جو استعمال گھٽ ڪريون، ته ماحول ۾ اوترو گھٽ دونهون ٿيندو، اها سوچ اسان مان جيڪڏهن هر هڪ وٽ اچي وڃي ته يقينن ان جو اثر ديرپا ۽ فائديمند ثابت ٿيندو.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,814
    ورتل پسنديدگيون:
    27,200
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جاگرافي رضوان گُل جو مضمون آهي ۽ هي مضمون اسان جي هر ماڻهوء کي پڙهڻ گهرجي۔ اسان وٽ سائنسي ليک لکڻ جي گهڻي اڻاٺ آهي۔ اوهان ۽ رضوان جو ڪم ساراهه لائق آهي۔

    اسان وٽ ٻارڻ گهڻو استعمال ٿئي ٿو، هاڻي ته اسان پنجن منٽن جي واڪ بدران اتي به گاڏي تي ٿا وڃون، اسان جون ترجيحات تبديل ٿي رهيون آهن جيڪي ماحوليات دوستيء لاء ڪي هاڪاري سرگرميون ناهن۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,873
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا سائين مضمون پنهنجي جاءِ تي پر پاڪستان ۽ خاص ڪري ڪراچيءَ ۽ سنڌ ۾ ٻارڻ ايترو ضايع ڪيو وڃي ٿو جو جيڪڏهن صرف اهو ٻارڻ ئي بچايو وڃي ته قوم پوري تعليم جي زيور سان آراسته ٿي وڃي ۔۔۔

    مثال 1؛ ڪراچيءَ ۽ سنڌ جي ٻين شهرن جي روڊن تي روزانه ”ٽرئفڪ جام“ ۾ ڦاسندڙ گاڏين جو سڙندڙ گئس يا پئٽرول بچايو وڃي ته سالانه اربين روپيا ٿين ٿا ۔۔۔ ڇا اهي پئسا گهٽ ۾ گهٽ سنڌ کي تعليم يافته ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهن ۔۔۔؟؟؟؟

    مثال 2ـ روڊن رستن ۽ عمارتن جي ٺاهڻ دوارن جيترو گند ڦهلايو وڃي ٿو ۽ وري ان گند سبب ٿيندڙ بيمارين، جاين جي نقصان، گاڏين جي نقصان تي ٿيندڙ خرچ کي بچايو وڃي ته سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ هاءِ اسڪول قائم نٿو ڪري سگهجي ۔۔؟؟؟

    مثال 3 ؛ سنڌ سموريءَ جا روڊ رستا ۽ انهن جي حالت سبب ٿيندڙ گاڏين کي نقصان جو ڪاٿو به سالانه اربين روپيا ٿئي ٿو، ڇا ان نقصان کي بچائي اسين ڪيترائي ترقيءَ جا ڪم سرانجام ڏئي نٿا سگهون ۔۔۔؟؟؟

    اهڙا ڪئي مثال ٻڌائڻ تي اچجن ته ڪتاب ڪارا ٿي وڃن ۔۔۔۔ پر هاءِ افسوس بي عقلي انتها تي آهي، اهڙي ماحول ۾ سچ چوندڙ ائين آهي جيئن گندو بندر جو ڪو چريو ماڻهون ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو