اڄ وري تاريخ جا دفتر کليا، اڄ وري انسان جا جوهر کليا، اڄ وري جاڳيو زماني جو ضمير، اڄ وري انصاف تي ڏمريو اسير، اڄ وري زنجير سان سرچاءُ ٿيو، اڄ وري زندان جوٺهراءُ ٿيو، اڄ وري اظهارتي پهرو لڳو، اڄ وري منصور ڦاهي تي چڙهيو، اڄ وري لٽجي ويو فطرت جو باغ، اڄ وري ڦاٽي پيو هستيءَ جو داغ، اڄ وري تهذيب کي ٺوڪر لڳي، اڄ وري زخميٿيا دل جا ڌڻي، اڄ وري مهـهـــــراڻ آيو موج ۾، اڄ وري ڌرتي ٻڏي وئي کوج ۾، اڄ وري احساس جي پالوٽ ٿي،اڄ وري جذبا اٿيا اڻموٽ ٿي، اڄ وري ڪجهه دلبريون حاصل ٿيون،اڄ وري ڪجهه آيتون نازل ٿيون، اڄ وري تخليق کي شاعر مليو،اڄ وري دنيا کي پيغمبر مليو !! آءُ سنڌ سلامت جي انتظاميه کي عرض ڪندس ته شمشير الحيدري جي هڪ ڪنڊ مخصوص ڪئي وڃي ته جيئن بابا سائين شمشير جون ڪيل سنڌي ادب لئه سڀ ڪاوشون هڪ هنڌ گڏ ڪري رکي سگهجن ۔۔۔ اميد ته سنگت عرض کي پاڻي ڏيندي ۔۔۔