اڄ وري ....

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]
    اڄ وري تاريخ جا دفتر کليا،
    اڄ وري انسان جا جوهر کليا،
    اڄ وري جاڳيو زماني جو ضمير،
    اڄ وري انصاف تي ڏمريو اسير،
    اڄ وري زنجير سان سرچاءُ ٿيو،
    اڄ وري زندان جوٺهراءُ ٿيو،
    اڄ وري اظهارتي پهرو لڳو،
    اڄ وري منصور ڦاهي تي چڙهيو،
    اڄ وري لٽجي ويو فطرت جو باغ،
    اڄ وري ڦاٽي پيو هستيءَ جو داغ،
    اڄ وري تهذيب کي ٺوڪر لڳي،
    اڄ وري زخميٿيا دل جا ڌڻي،
    اڄ وري مهـهـــــراڻ آيو موج ۾،
    اڄ وري ڌرتي ٻڏي وئي کوج ۾،
    اڄ وري احساس جي پالوٽ ٿي،
    اڄ وري جذبا اٿيا اڻموٽ ٿي،
    اڄ وري ڪجهه دلبريون حاصل ٿيون،
    اڄ وري ڪجهه آيتون نازل ٿيون،
    اڄ وري تخليق کي شاعر مليو،
    اڄ وري دنيا کي پيغمبر مليو !!
    آءُ سنڌ سلامت جي انتظاميه کي عرض ڪندس ته شمشير الحيدري جي هڪ ڪنڊ مخصوص ڪئي وڃي ته جيئن بابا سائين شمشير جون ڪيل سنڌي ادب لئه سڀ ڪاوشون هڪ هنڌ گڏ ڪري رکي سگهجن ۔۔۔ اميد ته سنگت عرض کي پاڻي ڏيندي ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ها سائين خوشقسمتي هوندي اتي جتي اهو سڀ ڪجھ ٿئي اسان ته سُتا پيا آهيون ۔
    وسلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو