ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
قرباني
قرباني اسان وٽ اسلامي رُڪنن مان هڪ رُڪن آهي هي ڪو ايترو ته اهم رُڪن آهي جنهن جي پوري ڪرڻ سان انسان وري پنهنجي بندگي جي مقام تي وڃي پهچي ٿو۔ عيد جي معنى آهي پنهنجي مقام يا ماڳ تي واپس وري اچڻ ۔ جنهنجاانفرادي توڙي اجتمائي ڪئي اثر انسان توڙي انسانني معاشري تي ٿين ٿا۔ پر شرط اهو آهي ته جي ان قرباني جو عرفان حاصل ٿي پوي۔ نه ته جيئن علامه اقبال جو شعر آهي حقيقت خرافات ۾ کو گئي
يه امت روايات ۾ کو گئي
بُجهي عشق ڪي آگ اندهير هي
مسلمان نهين خاڪ ڪا ڍير هي
پهريان ته قرباني کي سمجهڻو آهي ته قرباني ڪهڙي مال مان ٿيندي آهي ۔ جنهن مال مان صدقو خيرات فطرو يتيم مسڪين و محتاج و مسافر جو حصو نڪتل هجي ان مال مان قرباني ٿي سگهي ٿي ۔ پر ان کان پهريان اهو خيال رهي ته جنهن مال مان قرباني ڪئي وڃي اهو مال حلال هجي ۽ قرباني ٿي به ان مان سگهي ٿي يا قرباني اهو ڪري سگهي ٿو جنهن جي ڪمائي حلال هجي ۔ جنهن وٽ حلال آهي اهو ئي قرباني ڪري سگهي ٿو حضرت علي ڪرم الله وجه جو فرمان آهي ته حلال جو حساب آهي حرام تي عذاب آهي ۔حرام جو ته پڇاڻو ئي ناهي پڇاڻو ته حلال جو ٿيندو ته ڪٿان مڪايو ڪاٿي خرچ ڪيو۔ مون اڳي به هڪڙو واقعو لکيو هو ته جڏهن اسان ننڍا هوندا هيا سين ان زماني ۾ اسڪول کان واپسي تي مينهون توڙي ٻڪريون وغيره چارڻ ويندا هيا سين هڪ ڏينهن شام جو جڏهن ااسان ڪجھ ٻار نڪتا سين ته اسان کي ڀر واري ڳوٺ جي هڪڙي ڪُڪڙ هٿ لڳي اسان اهو پروگرام ڪيو ته هن کي جنگ ۾ ٽانڊن تي پچائينداسين ۔ رستي ۾ هڪ قبرستان هو ان قبرستان ۾ هڪڙو بابو(فقير) رهندو هو مونکي سڀني چيو تون بابي وٽ وڃ ۽ هي ڪُڪڙ حلال(ذبح) ڪرائي اچ۔آءُ جڏهن ويس ته بابي مونکان پڇيو ميان هي ڪنهن جي ڪُڪڙ آهي مون ٻُڌايو ته هي پاڙي واري ڳوٺ مان پڪڙي آهي هن کي جنگ ۾ وڃي ٽانڊن تي پچائينداسين ۔ توهان اسان کي حلال ڪري ڏيو ۔ بابي هڪدم ڪُڪڙ جي ٻنهي ڄنگهن ۾ هٿ وجهي سٽ جو ڏني ته ڪُڪڙ ٻه اڌ ٿي وئي ۔ مون چيو بابا هي ڇا ڪيو۔ بابا چيو بابا هن ڪُڪڙ تي جي مان پورو قرآن پڙهي ۽ جي ذبح ڪريان ته پوءِ به هي حلال نه ٿيندي۔
بهلول داناءُ وٽ جڏهن هڪ عالم ڪجھ عرفان سکڻ ويو ته بهلول جڏهن ان جو ٽيسٽنگ امتحان ورتو۔ان کان سوال ڪيو ته کائڻ جا ڪهڙا آداب آهن۔ عالم چيو کائڻ جا آداب هٿ ڌوئي ڪري کائڻ، بسم الله پڙهي کائڻ ، پنهنجي پاسي کان کائڻ، وغيره وغيره ته بهلول چيو تو کي ڇا سيکاريون تو کي ته کائڻ جا به آداب نه ٿا اچن ۽ کائڻ جي آدابن مان واجب ادب اهو ٻڌايائين ته حلال کائڻ گهرجي ۔
انسان جي منزل جڏهن وڌندي آهي يا ٻين لفظن ۾ جي چئجي ته جڏهن پروردگار ڪنهن جو مرتبو وڌائڻ چاهيندو آهي ته پوءِ ان جي مال مان ان کان قرباني ڪرائي ان کي منزلتون عطا ڪندو آهي۔
هاڻي جي سوچجي ته انسان جو پنهنجو آهي ڇا جو ان جي قرباني ڪندو ۔ان موضوع کان پهريان هڪ ٻي ڳالھ ته قرآن ۾ هڪ آيت آهي ته اي نبي هي تو کان پڇن ٿا ته الله جي راه ۾ ڇا خرچ ڪن انهن کي چئو ته پنهنجي ضروروت کان سواءِ سڀ الله جي راه ۾ خرچ ڪريو۔
علامه اقبال جو شعر آهي
قرآن ۾ غوطه ظن هو اي مردِ مسلمان
ڪه خدا تجهي عطا ڪري جدتِ ڪردار
جو راز پوشيده هي قُل الافوا ۾ اب تڪ
شايد اس دور ۾ هو نمودار
هاڻي ان حساب سان جيڪو توهان جي پنهنجي ضرورت آهي اهو ئي سڀ اوهان جو حصو آهي باقي جيڪو ڪجھ اوهان وٽ آهي اهو الله جي بندن جو حصو آهي ۔ جي اوهان انهن کي ڏنو ته اوهان ڪنهن تي احسان ناهي ڪيو هي اوهان جي مال ۾ انهن جو حصو هيو جيڪو اوهان انهن تائين پهچايو آهي ڇو جو الله انسان کي ڏئي ڪري به آزمائي ٿو ته نه ڏئي ڪري به آزمائي ٿو ڪنهنجو مال ڪنهن جي مال ۾ رکي ٻنهي جي آزمائش مقصود آهي هڪ کي چيو تون اهو مال انهن غريبن مسڪينن يتيمن تائين پهچاءِ ٻئي طرف انهن جي آزمائش آهي ته خبردار مون کان سواءِ ڪنهن ٻئي اڳيان هٿ نه ٽنگجان۔عارفن جو ته اهو به چوڻ آهي ته بندي جو ته هتي ڪجھ به نه آهي مال اولاد دولت صحت طاقت سڀ ڪجھ ته الله جو آهي هن جو پنهجو ڇا آهي جنهن جي هي قرباني ڪري ٿو ۔ ته سالڪ اهو چون ٿا هن جو جيڪو حصو آهي جڏهن ان مان الله جي راه تي جي ڪجھ ڏئي ٿو ته اها قرباني آهي ۔(جاري)