قرباني

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2012۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    قرباني
    قرباني اسان وٽ اسلامي رُڪنن مان هڪ رُڪن آهي هي ڪو ايترو ته اهم رُڪن آهي جنهن جي پوري ڪرڻ سان انسان وري پنهنجي بندگي جي مقام تي وڃي پهچي ٿو۔ عيد جي معنى آهي پنهنجي مقام يا ماڳ تي واپس وري اچڻ ۔ جنهنجاانفرادي توڙي اجتمائي ڪئي اثر انسان توڙي انسانني معاشري تي ٿين ٿا۔ پر شرط اهو آهي ته جي ان قرباني جو عرفان حاصل ٿي پوي۔ نه ته جيئن علامه اقبال جو شعر آهي
    حقيقت خرافات ۾ کو گئي
    يه امت روايات ۾ کو گئي
    بُجهي عشق ڪي آگ اندهير هي
    مسلمان نهين خاڪ ڪا ڍير هي
    پهريان ته قرباني کي سمجهڻو آهي ته قرباني ڪهڙي مال مان ٿيندي آهي ۔ جنهن مال مان صدقو خيرات فطرو يتيم مسڪين و محتاج و مسافر جو حصو نڪتل هجي ان مال مان قرباني ٿي سگهي ٿي ۔ پر ان کان پهريان اهو خيال رهي ته جنهن مال مان قرباني ڪئي وڃي اهو مال حلال هجي ۽ قرباني ٿي به ان مان سگهي ٿي يا قرباني اهو ڪري سگهي ٿو جنهن جي ڪمائي حلال هجي ۔ جنهن وٽ حلال آهي اهو ئي قرباني ڪري سگهي ٿو حضرت علي ڪرم الله وجه جو فرمان آهي ته حلال جو حساب آهي حرام تي عذاب آهي ۔
    حرام جو ته پڇاڻو ئي ناهي پڇاڻو ته حلال جو ٿيندو ته ڪٿان مڪايو ڪاٿي خرچ ڪيو۔ مون اڳي به هڪڙو واقعو لکيو هو ته جڏهن اسان ننڍا هوندا هيا سين ان زماني ۾ اسڪول کان واپسي تي مينهون توڙي ٻڪريون وغيره چارڻ ويندا هيا سين هڪ ڏينهن شام جو جڏهن ااسان ڪجھ ٻار نڪتا سين ته اسان کي ڀر واري ڳوٺ جي هڪڙي ڪُڪڙ هٿ لڳي اسان اهو پروگرام ڪيو ته هن کي جنگ ۾ ٽانڊن تي پچائينداسين ۔ رستي ۾ هڪ قبرستان هو ان قبرستان ۾ هڪڙو بابو(فقير) رهندو هو مونکي سڀني چيو تون بابي وٽ وڃ ۽ هي ڪُڪڙ حلال(ذبح) ڪرائي اچ۔آءُ جڏهن ويس ته بابي مونکان پڇيو ميان هي ڪنهن جي ڪُڪڙ آهي مون ٻُڌايو ته هي پاڙي واري ڳوٺ مان پڪڙي آهي هن کي جنگ ۾ وڃي ٽانڊن تي پچائينداسين ۔ توهان اسان کي حلال ڪري ڏيو ۔ بابي هڪدم ڪُڪڙ جي ٻنهي ڄنگهن ۾ هٿ وجهي سٽ جو ڏني ته ڪُڪڙ ٻه اڌ ٿي وئي ۔ مون چيو بابا هي ڇا ڪيو۔ بابا چيو بابا هن ڪُڪڙ تي جي مان پورو قرآن پڙهي ۽ جي ذبح ڪريان ته پوءِ به هي حلال نه ٿيندي۔
    بهلول داناءُ وٽ جڏهن هڪ عالم ڪجھ عرفان سکڻ ويو ته بهلول جڏهن ان جو ٽيسٽنگ امتحان ورتو۔ان کان سوال ڪيو ته کائڻ جا ڪهڙا آداب آهن۔ عالم چيو کائڻ جا آداب هٿ ڌوئي ڪري کائڻ، بسم الله پڙهي کائڻ ، پنهنجي پاسي کان کائڻ، وغيره وغيره ته بهلول چيو تو کي ڇا سيکاريون تو کي ته کائڻ جا به آداب نه ٿا اچن ۽ کائڻ جي آدابن مان واجب ادب اهو ٻڌايائين ته حلال کائڻ گهرجي ۔

    انسان جي منزل جڏهن وڌندي آهي يا ٻين لفظن ۾ جي چئجي ته جڏهن پروردگار ڪنهن جو مرتبو وڌائڻ چاهيندو آهي ته پوءِ ان جي مال مان ان کان قرباني ڪرائي ان کي منزلتون عطا ڪندو آهي۔
    هاڻي جي سوچجي ته انسان جو پنهنجو آهي ڇا جو ان جي قرباني ڪندو ۔ان موضوع کان پهريان هڪ ٻي ڳالھ ته قرآن ۾ هڪ آيت آهي ته اي نبي هي تو کان پڇن ٿا ته الله جي راه ۾ ڇا خرچ ڪن انهن کي چئو ته پنهنجي ضروروت کان سواءِ سڀ الله جي راه ۾ خرچ ڪريو۔
    علامه اقبال جو شعر آهي
    قرآن ۾ غوطه ظن هو اي مردِ مسلمان
    ڪه خدا تجهي عطا ڪري جدتِ ڪردار
    جو راز پوشيده هي قُل الافوا ۾ اب تڪ
    شايد اس دور ۾ هو نمودار
    هاڻي ان حساب سان جيڪو توهان جي پنهنجي ضرورت آهي اهو ئي سڀ اوهان جو حصو آهي باقي جيڪو ڪجھ اوهان وٽ آهي اهو الله جي بندن جو حصو آهي ۔ جي اوهان انهن کي ڏنو ته اوهان ڪنهن تي احسان ناهي ڪيو هي اوهان جي مال ۾ انهن جو حصو هيو جيڪو اوهان انهن تائين پهچايو آهي ڇو جو الله انسان کي ڏئي ڪري به آزمائي ٿو ته نه ڏئي ڪري به آزمائي ٿو ڪنهنجو مال ڪنهن جي مال ۾ رکي ٻنهي جي آزمائش مقصود آهي هڪ کي چيو تون اهو مال انهن غريبن مسڪينن يتيمن تائين پهچاءِ ٻئي طرف انهن جي آزمائش آهي ته خبردار مون کان سواءِ ڪنهن ٻئي اڳيان هٿ نه ٽنگجان۔
    عارفن جو ته اهو به چوڻ آهي ته بندي جو ته هتي ڪجھ به نه آهي مال اولاد دولت صحت طاقت سڀ ڪجھ ته الله جو آهي هن جو پنهجو ڇا آهي جنهن جي هي قرباني ڪري ٿو ۔ ته سالڪ اهو چون ٿا هن جو جيڪو حصو آهي جڏهن ان مان الله جي راه تي جي ڪجھ ڏئي ٿو ته اها قرباني آهي ۔(جاري)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا ڏاڏل قرباني تي لکيل مضمون ته تمام سٺو لکيو ويو آهي پر سائين قرباني مڙوئي ڏکي۔
     
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي

    جي سائين سچ پيا چئو قرباني ڪو بهادر ڪندو ۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جيتوڻيڪ قرباني تي سٺو ليک آهي پر پو به منهنجو سوال ته حج واري عيد تي خاص ڪري قرباني ڪرڻ جو حڪم آهي يا وري اسان هروڀرو حج جي رڪن کي پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔؟؟؟ ان سوال جي جواب ڏيڻ جي حامي ڀري هئي طاهر سنڌي پر انتظار ئي رهيو ۔۔۔

    ڇا الله جي رسول سميت سڀني اصحابن حج کان علاوه ساڳي ڏينهن تي قرباني ڪئي ۔۔۔؟؟؟ ڇا ان قرباني ڪرڻ جو ڪو حڪم ڏنل آهي ۔۔۔۔ ؟؟؟

    ياد رهي ته سوال خاص حج واري عيد جي قرباني لا ڪيل آهي ۔۔۔
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    هن سال قرباني ته مون کي به ڪرڻي آهي پيسا به الڳ ٿيا پيا آهين عيد به اچي وئي آهي پر اڃا ڪو جانور ناهي ورتو پر پيسا هڪ سال کان اڳ لفافي ۾ پيا آهين ۔۔۔۔ سوچيان ٿو عيد جي ڏينهن ئي جانور وٺي اتي ئي ذبح ڪرائجي گهر رکڻ جي جڳه جو نه آهي
     
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي

    سائين جيتوڻيڪ اسان علم ته ايترو ناهي پر اسان ڪنهن جاءِ تي پڙهيو آهي ۽ عالمن کان ٻڌو به آهي ته حاجي لاءِ قرباني واجب آهي باقي حاجين کان علاوه قرباني مستحب عمل آهي ۔باقي تصديق يا تنسيص ڪو عالم ئي ڪري سگهي ٿو ۔
    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو