گذريل هفتي چار ڏينهن لاءِ ڄامشورو هئس ۽ مٿو کنهڻ جي فرصت نه هئي جو پنهنجي پي ايڇ ڊي ٿيسز تي فارين ريفريز جي ڪمينٽس جا جواب پئي لکيم ۽ سپروائيزر به گڏ هو. اهڙي ۾ ڪيئي ڪالز آيون پر رسيو نه ڪري سگهيس. ايستائين جو پنهنجي زال جا فون به مِس ڪرڻا پيا جيڪو بهرحال هڪ وڏو ڊيئرنگ عمل آهي. سو انهي وچ ۾ منهنجي پياري دوست ذيشان رشيد جي ڪال به مس ٿي وئي. هڻ وٺ ۾ ڪال بيڪ به نه ڪري سگهيس ۽ سنڌ سلامت جي هڪ ليک ۾ پنهنجي ئي ڪيل شڪايت تي سرمشاري پئي ٿي. پر رشيد ته رشيد آهي نه! . . . . . . واپس ڪراچي پهتس ته وري ڪال ڪري ٻڌايائين ته سنڌ سلامت جي گڏجاڻي رکي ويئي آهي جنهن جا ٽي مقصد آهن. پهريون اهو ته سال اچي پورو ٿيو آهي پر گذريل سال جي ڪارڪردگي تي اعلانيل ايوارڊ اڃان تائين نه ورهايا ويا آهن جيڪي هاڻي ورهائبا. ٻيو اهو ته سائين محترم نثارابڙو جن عيد کان ٽين ڏينهن تي واپس سعودي عرب لاءِ اُسهندا سو انهن کي فيئر ويل ۽ ٽيون . . . . . .ٽيون مقصد رشيد ته اهو ٻڌايو ته متان ڪي نيون ڳالهيون سامهون اچن ۽ سليمان وساڻ چيو ته ڪجهه اعلان ٿيندا پر ٽيون مقصد مون کي اڃان تائين سمجهه ۾ ناهي آيو. سو پاڻ هتي اهو ٿا لکون ته ٽيون مقصد هو ماني. جي ها سنڌ سلامت گڏجاڻي پوءِ اها ٻن ڄڻن جي هجي يا ٻارنهن جي. ماني لاءِ ٻه ته ٻارنهن واري ڳالهه ته اسان سنڌ سلامتي پوري ايمانداري سان عمل ڪندا آهيون. سو ڪُل ملائي اهو طئي ٿيو ته 20 آڪٽوبر ڇنڇر جي ڏينهن تي اها گڏجاڻي ڪراچي جي ماضي قريب ۾ ٺهيل مشهور ۽ دل ڪش فوڊ چين تي رکي وئي آهي. ڪوشش ڪري سڀني فعال ميمبرس کي دعوت به پهچائي وئي. ۽ پوءِ ڪجهه اڻٽر سببن ڪري اها گڏجاڻي هڪ ڏينهن پهرين 19 آڪٽوبر جمع جي ڏينهن ٿي. جنهن جو فائدو اهو ٿيو ته يونس ملڪاڻي جي شرڪت يقيني ٿي ويئي جيڪو جمع تي اچي ڇنڇر تي واپس وڃڻو هو.
جمع جي ڏينهن آئون ۽ يونس صدر ۾ هئاسين. ڇو ته يونس ڪراچي اچي ۽ صدر نه وڃي اهو ڪڏنهن ٿيو ناهي. ۽ هتان 10 کان پهرين واندو ٿيئي اهو به هڪ ڏکيو ڪم آهي. اهو ته ڀلو ٿيئي ڦورن جو جن جي ڊپ کان اڄڪلهه اسان جا تاجر ڀائر سوير دڪان بند ڪريو وڃن نه ته يونس کي صدر مان ڪڍڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اسان سچل پهتاسين ته سليمان ٻڌايو ته سندس ڄڳ مشهور اوطاق تي سنڌسلامت جي بيهائنڊ دَ سين جي انتهائي محنتي ۽ فعال هيرو عامر ضياءَ چارڻ صاحب آيل آهن. اسان جلدي ئي اوطاق تي پهتاسين. عامر ضيا صاحب منهنجي تصور کان تمام گهڻا ننڍا ڏسڻ ۾ آيا. سندس چهري تي مسڪراهٽ جي سخاوت ۾ ڪا کوٽ نه هئي. مٿان وري سائين نثار ابڙو جا گهرائي وارا چٽڪلا هجن ته ڪير ڪيئن نه کِلي. ڪجهه ئي دير ۾ (سليمان وساڻ وٽ آيل مهمان سميت جن مان هڪ جلد ئي سنڌي سلامت جوائن ڪرڻ جي خوهش ڏيکاري) سڀ گڏ ٿي ويا.
ٻن گاڏين جو ڪافلو روانو ٿيو. آئون جنهن گاڏي ۾ هئس انهي ۾ ته ماشاالله ڪو به اهڙو فرد نه هو جيڪو سنڌ سلامت ميمبر نه هجي. عامر ضياءَ، يونس ملڪاڻي، غلام مرتضي وساڻ نثار ابڙو ۽ هي ناچيز. ڊرائيو نثار ابڙو پئي ڪئي. اها خبر ته بلوچ ڪالوني تي پهچي پوءِ پئي ته ٻنهي گاڏين جي ڊرائيورس کي رستو معلوم ناهي ۽ ٻئي هڪ ٻئي کي فالو پيا ڪن. ۽ ٻنهي گاڏين ۾ اهو ٽينشن هو ته ڪيئن پهچبو. پر اسان جي گاڏي کي هڪ ٽينشن ٻيو به هو ته سائين نثار صاحب جن ڊرائيو ٿي ڪيو. سائين گذريل پندرنهن سال کان سعودي ۾ پيا رهن. ۽ گاڏي به هلائين ته کاٻي پاسي اسٽيئرنگ واري ۽ روڊ به هُتي جا نه ڪي هِتي وارا جن ۾ گاڏي اوهان جي نه روڊ جي مرضي سان هلندي آهي. سائين اُٿڪ ۾ ئي چئي ڇڏيو هو ته منهنجو آسرو اهو آهي جو دعا ڪجو ته پُهچون. پر ڪراچي ۾ رهي رهي هاڻي ايترا پڪا ٿي ويا آهيون جو گهر کان نڪرڻ مهل الاءِ ڪيترن مشڪلاتن جو انديشو هوندو آهي سو ڊپ مڙئي گهٽ ئي ٿيندو آهي. بلڪه 2007 ۾ 18 آڪٽوبر تي ڪارساز تي ٿيل واقعو ياد پئي آيو جنهن ۾ بينظير جي قيادت ۾ جلسو هليو ۽ حملو ٿيو. انهي ڏينهن ۽ اڄ ۾ کڻي پنج سالن جو فرق آهي پر تاريخ جي حساب سان ارڙنهن اوڻيهه جو ئي فرق هو. اسان به نثار ابڙو جي اڳواڻي ۾ سندس ڀوڳ ڀريون ڳالهيون ٻڌندا هلياسين. ڪارساز ڪراس ڪندي عامر ضياء ته وڏو ساهه ڀريو ۽ چيو ڪارساز گذري ويو؟ ايئن لڳو ڄڻ اسان لاءِ به هتي ڪو مسئلو متوقع هو. . . . . اهو گذريو ته خير ٿيو پر ڪراچي جا فلائي اوور چڱن ڀلن کي منجهايو ڇڏين پر گاڏي هلائيدڙ جي ڪاريگري سان هڪ ٻه دفعو هيٺ بجاءِ مٿي چڙهڻ ۽ مٿي بجاءِ هيٺ پاسو وٺڻ باوجود ڪو گهڻو نه ڀُلياسين. ۽ جنهن گاڏي کي اسان ڪجهه دير پهرين فالو پئي ڪيو تِن اسان جي غلطي سان به کاٻي ساڄي مڙڻ تي اسان جي تقليد جيان پيروي پئي ڪئي. کين ساڳي رستي تان اڳتي وڃي موٽڻ به سمجهه ۾ نه آيو بلڪه هنن اهو پئي سمجهيو ته اهو روٽ ايئن ئي آهي. هاڻي طئي اهو ٿيو ته ڪورنگي ڪراسنگ تائين پهچائڻ منهنجو ڪم، سي ويو تائين نثار صاحب ۽ اڳتي لاءِ مرتضي وساڻ ذميواري کنئي. ۽ ايئن اسان سمنڊ جي ڪناري بلڪه ان اندر ئي لانگ ورائي بيٺل فوڊ ريسٽورينٽنس تي وڃي پهتاسين. ديسي هَٽ نالي هڪ ولائتي ريسٽورينٽ جي نقل جي ڪوشش ۾ ٺهيل ريسٽورينٽ ۾ پهتاسين. مٿي ذيشان رشيد، عرس پريو (عرس جو نالو نه لکجي ته به خير آهي جو رشيد سان گڏ عرس جو نالو ايئن آهي جيئن آلجبرا ۾ ايڪس جي کاٻي پاسي ۾ پِلس جي نشاني نه به هجي ته به سمجهبو آهي ته پِلس آهي)، عمران درويش سومرو، محترم غلام مصطفي ميمڻ صاحب، منظور ڪلهوڙو (ايڪس عباسي) ۽ سندس هڪ دوست موجود هئا. ذيشان رشيد سڀني دوستن جي آجيان ۾ پهل ڪئي. يونس ۽ عمران لاءِ اها راءِ ڏني ته صفا پنهنجين تصويرن جهڙا آهن. مون چيوظاهر آهي هجڻ به کپن. نه ڪي مسٽر جان وارو اوتار جنهن سان ذيشان رشيد سان ملڻ کان پهرين واري کي سندس مٿي ته ٻه سِڱ هجڻ جو گمان ٿيندو هجي. سڀني پنهنجي پنهنجي جاءِ سنڀالي. جيئن ته اهي ريسٽورينٽس اهڙي ٽيريسز جيان ٺهيل آهن جيڪي سمنڊ ڪناري مٿي ٺهيل آهن سو سمنڊ جو نطارو انهي کان بهتر ڄڳهه تان نه ٿو سگهي. سمنڊ جي ڇولين مٿان ويهي ڪجهه نوش ڪندي ڪچهريون هجن ته ٻيو ڇا کپي. خبر ئي نه پئي جو رشيد پاران سڀني جو تعارف (سواءِ منهنجي) ڪرائيندي ئي اڌ وقت گذري ويو. سليمان جي تعارف وقت اهو ٻڌي حيرت ٿي ته هِن وقت سنڌسلامت جي تقريبن سڄي ذميواري کڻي ويٺل هن مخلص شخص هي فورم جوائن ڪري پورو هڪ سال هڪ به تحرير نه لکي. پر ثابت ٿيو ته ضرور ناهي جيڪي اڀرندي تپش نه ڏيکارين سي لهندي ڪيئن ڏيکاريندا. مون کي مشهور ڪرڪيٽر سعيد انور ياد آيو جنهن پهرين ٽيسٽ جي پهرين ٻن اننگز ۾ زيرو تي آئوٽ ٿي ڪري به اڳتي هلي وڏو نالو ڪمايو. يا ليجنڊ اداڪار اميتا بچن شروع ۾ هڪ تي هڪ فلاپ فلم ڏيئي به پنهنجو نالو ڪيو. سو سليمان به پهرين سال بنا تحرير ڏيڻ کان پوءِ جڏنهن لکڻ شروع ڪيو ته پوئتي مُڙي نه ڏٺو. اها ڳالهه ضرور اسان جي نون يا غير فعال ميمبرن لاءِ اتساهه جو سبب بنجڻ گهرجي جيڪي هن وقت ميمبر ته آهن پر هن محبتي اڱڻ تي پنهنجا ويچار ونڊڻ ۾ سستي يا جهجهڪ پيا ڪن.
ڪجهه ئي دير ۾ ماني اچڻ شروع ٿي وئي. جن ۾ ڊشز جي سيليڪشن ميمڻ صاحب ڪيئن ڪئي انهي تي حيرت ٿي ڇو ته هو مينو بوڪ به ڏسندا رهيا. مسلسل ڪچهري جو حصو به رهيا ۽ ڪنهن به ڳالهه کي اڻ ٻڌو نه ڪيو بلڪه پنهنجي راءِ ڀرپور انداز ۾ ڏني. پوءِ اهو پسند ڪريو جي ٽيب تي هجي يا موضوع ۾ لفظن جي حد. سندن انهي ڳالهه تي سڀني متفق ڪيو بلڪه گهڻن کي پريشاني به ٿي ته ڪٿي هو به اها غلطي ته نه ٿا ڪن. سائين جو چوڻ هو ته ڪنهن جو پي مري وڃي، ڪنهن جي هڙ لٽجي وڃي ته به پسند ڪريو تي ڪلڪ ڪريو ڇڏيون ايئن نه ٿيڻ کپي. بهرحال ميمڻ صاحب جي انتهائي شفقت ڀري شخصيت ۾ هڪ ڪشش آهي. هو هر ماڻهو جي دل ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ لاءِ بي ملاقات جا محتاج ناهن. جيڪو ساڻن هڪ دفعو مليو سو کين ڪڏنهن به نه وساري سگهندو. سندن سنڌسلامت تي لکڻ هجي يا منصفي جي منسب تي انصاف پسند هجڻ يا وري سماجي ڀلائي جا ڪم. هو هر ڪم ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. سندن خوش مزاجي واري طبيعت جو آئون ته پڪو مداح آهيان. علي علي جي شادي ۾ سندن هڪ سوال اڃان ياد آهي جيڪو شايد پاڻ ڪنهن جي انهي ميار “يار اسان کي گاهه ئي نه ٿا وجهو” جي جواب ۾ ڏنو هيائون ته “ڇو ڀلا اوهان گهوڙا آهيو جو گاهه وجهون؟”
رشيد جي اها ڳالهه هتي ضرور ڳڻائبي جو هن هميشه پنهنجو ڪيل ڪم سڀني اڳيان آڻي به پاڻ کي پوشيده رکيو آهي ۽ ٻين کي همٿائڻ لاءِ سڀني کي بڌائڻ ضروري سمجهيو آهي. اسان جا ٻه ساٿي عامر ضياء چارڻ ۽ ابو واصف جن جي ڪن ميمبرس کي ذاتي طرح ته خبر هئي ته هنن جو سنڌ سلامت لاءِ پردي پويان وڏو ڪردار آهي پر سنگت اڳيان اها ڳالهه ڪري رشيد پنهنجي وڏي ظرف جو مظاهرو ڪيو. جنهن عامر ضياءَ صاحب جو سڀ کا وڏو ڪم اهوآهي ته اڄ اسان سنڌ سلامت تي جيڪو بي ڌڙڪ سنڌي لکون ٿا اهو ايڊيٽر سندس محنت جو نتيجو آهي جنهن جي جيتري به تعريف ڪجي سا گهٽ آهي. انهي کان علاوه اها به خبر پئي ته سنڌ سلامت گرافڪس جي حوالي سان جيڪڏهن ڪوڪم آهي ته انهي ۾ عمران درويش سومرو ۽ يونس ملڪاڻي به ڪردار ادا ڪن ٿا پيا. انهي کان علاوه تمام جلد ڊڪشنري وارو پروجيڪٽ به مڪمل ٿيڻ وارو آهي. جنهن ۾ هن ناچيز تي به ڪجهه ذميواريون رکيون ويون آهن. انهي ڊڪشنري جي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هي پهرين ڊڪشنري هوندي جنهن ۾ لفظن جو تعداد پهريان آيل ڊڪشنريز کان ٽيڻ يا چئوڻ تي وڌيڪ هوندو انهي کان علاوه لفظن جي صحيح معني تي ڪو به سمجهوتو نه هوندو. انهي کان علاوه ڪجهه ٻيا رايا به آيا جيئن پسند ڪريو ٽيب اچڻ سان دوستن کي تحرير تي جواب ڏيڻ کان ڀڄڻ جو رستو ملي ويو آهي سو اهو نه هُجڻ کپي. ۽ رشيد پنهنجي حساب سان دوستن کي مطمئن ڪيو ۽ چيو ته هر شئي جا ٻه پهلو آهن. پوءِ ڪڏنهن ٿوري نقصان ۽ گهڻي فائدي تي سمجهوتو ڪبو آهي ڪڏنهن وري ڪي شيون ڇڏنيون به پونديون آهن. بهرحال سٺي ڳالهه اها رهي ته هر ميمبر جي راءِ کُلي دل سان ٻڌي وئي ۽ انهي تي يا عمل جي خاطري ڪرائي وئي يا وري عمل نه ڪرڻ يا نه ٿي سگهڻ جا مظبوط دليل پيش ڪيا ويا.
ماني سَرو ٿيڻ شروع ٿي ته خبر پئي ته هن هوٽل ۾ جي ڪُجهه ديسي آهي ته رڳو اهو نالو ۽ ٻيا اهي بيرا جيڪي ڪنهن مهل افغاني مٽن، ڪنهن مهل ايرني چڪن ته ڪڏنهن ڪنهن ٻي ملڪ جي ڊش کڻيو پئي آيا. بس پوءِ گهٽ اسان به نه ڪئي. منهنجي هڪ پاسي يونس ويٺو هو جنهن جيڪو آيو سو اگهيو تي خاموشي سان عمل ويٺي ڪيو پر ٻي پاسي ويٺل غلام مرتضي کاڌو کائڻ سان گڏ گڏ کائڻ وارن جي منورنجن لاءِ به ڪردار ادا پئي ڪيو. جيئن ئي ڪا نئين ڊش وڏي نالي ۽ ننڍي ڏونگهي ۾ آئي ٿي ته هن رڙ ٿي ڪئي “ابا اهو ڪهڙو مال آهي؟” بيرا ڊش جي نالي کان پهرين ڪنهن ملڪ جو نالو هڻي ڊش جو پورو نالو وٺن ته هي چئي ،يار وارو ڪر اها ته کارائي ڏسون ڪيئن آهي؟” سندس سڀني ڊشز تي انهن جي ذائقي مطابق ئي راءِ هئي. معني جيتريون مصالحيدار يا چٽ پٽيون ڊشز هيو اوترا ئي چٽ پٽا سندس جملا هئا. پر سلاد سان گڏ آيل اليومينم فوائل ۾ جيڪو آلو آيو سو ته هن کي جهڙو موقعو ڏيڻ آيو. ذري ذري اهو اعتراض ته اها آلو کي عزت ملي آهي يا جٺ ٿي آهي. هوئن آلو اها شئي آهي جنهن سدائين کوٽ سوٽ ۾ ٻوڙ جي عزت رکي آهي. خير وارو آيو ڪولڊ ڊرنڪس جو ته هِتي بيرا مُنجهي پيا. مرتضي چوي يار جڏنهن هر ڊش مڊل ايسٽ کان اوري جي آهي ئي نه ته گهٽ ۾ گهٽ ڪولڊ ڊرنڪ به آس پاس جي ملڪ جي ته هجي نه. پر ويچارا ڇا ٻڌائين ته ڪولڊ ڊرنڪ جي اڳيان پويان ملڪ جو نالو به هڻون ته اها لڳندي لوڪل. پر حقيقت اها آهي ته اها ئي هڪ انٽرنيشنل يا وري ملٽائينيشنل شئي هئي نه ته ٻڪرا ڪڪڙيون ته هتي وارا ڪُساڻا ۽ نالو مليو افغاني ايراني وغيره وغيره .سو اهي انٽرنيشنل لوڪل ڊرنڪس هر ڪنهن پنهنجي مرضي سان گهرائي نوش ڪيا. ۽ ايئن سڀ دوست ماني ۽ مرتضي کي خوب انجوائي ڪري ويا.
انهي کان پوءِ ايوارڊس ورهائڻ جي تقريب ٿي. افسوس اهو رهيو ته انتظاميه جا ته اسي فيصد رڪن موجود هئا. پر جن کي ايوارڊ ملڻا هئا سي ڪن مجبورين سبب نه اچي سگهيا (سواءِ عمران درويش سومرو) ۽ انهن جي ايوارڊس وٺڻ لاءِ موجود ميمبرس جي خدمت ورتي وئي. نه ته ڪافي بهتر لڳي ها جيڪر انتظاميه جا چار فرد چار ايوارڊيز کي ايوارڊ ڏين ها. انهي کان پوءِ هڪ طويل فوٽو سيشن به ٿيو جنهن جي شڪايت اندر ئي اندر سڀني کي هوندي پر وري به انهي جي اظهار لاءِ مرتضي وساڻ ئي رڙ ڪئي. ”.يار فوٽو ڪڍو ٿا ته جلدي ڪڍو. اسان فوٽو ۾ مخصوص لُڪ ڏيڻ لاءِ جو ساهه ٿا روڪيون ته اصل ويل ٿيو وڃي“. جنهن ۾ ديسي هٽ جي ديسي اسٽائيل ڪرسين جو ڀرپور فائدو ورتو ويو. ۽ نيٺ هر گڏجاڻي جي لازمي عمل يعني انجو برخواست ٿيڻ هن گڏجاڻي جو به نصيب هو. مون نوٽ ڪيو آهي ته سنڌ سلامت جا محبتي ميمبر جڏنهن به هڪ ٻئي سان گڏجي ويٺا آهن. هڪ ٻئي سان پنهنجا، دين دنيا جا يا سنڌ سلامت جا هال اوريا آهن ته هڪ ته کين وقت جي خبر نه پئي آهي. ۽ موڪلائڻ مهل بار بار موڪلايو اٿن. ميلو متل ڇڏجي واري ڳالهه تي متفق ته ڄڳ جهان جيان هي سڀ به آهن پر هي اهڙو ميلو آ جيڪو سدائين متل رهڻو آهي. سو جيترو دير ڇڏجي اوترو سٺو. بس اهي قرب ۽ ڪچهريون ۽ سنڌ سلامت جي هن محبتي اوطاق لاءِ ڀٽائي زباني اها دعا ته

سدا سينڌ تنهنجي سلامت رهي، ڪڏنهن موڙ تنهنجا نه مُرجهائجن