سنڌ سلامت گڏجاڻي

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2012۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    گذريل هفتي چار ڏينهن لاءِ ڄامشورو هئس ۽ مٿو کنهڻ جي فرصت نه هئي جو پنهنجي پي ايڇ ڊي ٿيسز تي فارين ريفريز جي ڪمينٽس جا جواب پئي لکيم ۽ سپروائيزر به گڏ هو. اهڙي ۾ ڪيئي ڪالز آيون پر رسيو نه ڪري سگهيس. ايستائين جو پنهنجي زال جا فون به مِس ڪرڻا پيا جيڪو بهرحال هڪ وڏو ڊيئرنگ عمل آهي. سو انهي وچ ۾ منهنجي پياري دوست ذيشان رشيد جي ڪال به مس ٿي وئي. هڻ وٺ ۾ ڪال بيڪ به نه ڪري سگهيس ۽ سنڌ سلامت جي هڪ ليک ۾ پنهنجي ئي ڪيل شڪايت تي سرمشاري پئي ٿي. پر رشيد ته رشيد آهي نه! . . . . . . واپس ڪراچي پهتس ته وري ڪال ڪري ٻڌايائين ته سنڌ سلامت جي گڏجاڻي رکي ويئي آهي جنهن جا ٽي مقصد آهن. پهريون اهو ته سال اچي پورو ٿيو آهي پر گذريل سال جي ڪارڪردگي تي اعلانيل ايوارڊ اڃان تائين نه ورهايا ويا آهن جيڪي هاڻي ورهائبا. ٻيو اهو ته سائين محترم نثارابڙو جن عيد کان ٽين ڏينهن تي واپس سعودي عرب لاءِ اُسهندا سو انهن کي فيئر ويل ۽ ٽيون . . . . . .ٽيون مقصد رشيد ته اهو ٻڌايو ته متان ڪي نيون ڳالهيون سامهون اچن ۽ سليمان وساڻ چيو ته ڪجهه اعلان ٿيندا پر ٽيون مقصد مون کي اڃان تائين سمجهه ۾ ناهي آيو. سو پاڻ هتي اهو ٿا لکون ته ٽيون مقصد هو ماني. جي ها سنڌ سلامت گڏجاڻي پوءِ اها ٻن ڄڻن جي هجي يا ٻارنهن جي. ماني لاءِ ٻه ته ٻارنهن واري ڳالهه ته اسان سنڌ سلامتي پوري ايمانداري سان عمل ڪندا آهيون. سو ڪُل ملائي اهو طئي ٿيو ته 20 آڪٽوبر ڇنڇر جي ڏينهن تي اها گڏجاڻي ڪراچي جي ماضي قريب ۾ ٺهيل مشهور ۽ دل ڪش فوڊ چين تي رکي وئي آهي. ڪوشش ڪري سڀني فعال ميمبرس کي دعوت به پهچائي وئي. ۽ پوءِ ڪجهه اڻٽر سببن ڪري اها گڏجاڻي هڪ ڏينهن پهرين 19 آڪٽوبر جمع جي ڏينهن ٿي. جنهن جو فائدو اهو ٿيو ته يونس ملڪاڻي جي شرڪت يقيني ٿي ويئي جيڪو جمع تي اچي ڇنڇر تي واپس وڃڻو هو.
    جمع جي ڏينهن آئون ۽ يونس صدر ۾ هئاسين. ڇو ته يونس ڪراچي اچي ۽ صدر نه وڃي اهو ڪڏنهن ٿيو ناهي. ۽ هتان 10 کان پهرين واندو ٿيئي اهو به هڪ ڏکيو ڪم آهي. اهو ته ڀلو ٿيئي ڦورن جو جن جي ڊپ کان اڄڪلهه اسان جا تاجر ڀائر سوير دڪان بند ڪريو وڃن نه ته يونس کي صدر مان ڪڍڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اسان سچل پهتاسين ته سليمان ٻڌايو ته سندس ڄڳ مشهور اوطاق تي سنڌسلامت جي بيهائنڊ دَ سين جي انتهائي محنتي ۽ فعال هيرو عامر ضياءَ چارڻ صاحب آيل آهن. اسان جلدي ئي اوطاق تي پهتاسين. عامر ضيا صاحب منهنجي تصور کان تمام گهڻا ننڍا ڏسڻ ۾ آيا. سندس چهري تي مسڪراهٽ جي سخاوت ۾ ڪا کوٽ نه هئي. مٿان وري سائين نثار ابڙو جا گهرائي وارا چٽڪلا هجن ته ڪير ڪيئن نه کِلي. ڪجهه ئي دير ۾ (سليمان وساڻ وٽ آيل مهمان سميت جن مان هڪ جلد ئي سنڌي سلامت جوائن ڪرڻ جي خوهش ڏيکاري) سڀ گڏ ٿي ويا.
    ٻن گاڏين جو ڪافلو روانو ٿيو. آئون جنهن گاڏي ۾ هئس انهي ۾ ته ماشاالله ڪو به اهڙو فرد نه هو جيڪو سنڌ سلامت ميمبر نه هجي. عامر ضياءَ، يونس ملڪاڻي، غلام مرتضي وساڻ نثار ابڙو ۽ هي ناچيز. ڊرائيو نثار ابڙو پئي ڪئي. اها خبر ته بلوچ ڪالوني تي پهچي پوءِ پئي ته ٻنهي گاڏين جي ڊرائيورس کي رستو معلوم ناهي ۽ ٻئي هڪ ٻئي کي فالو پيا ڪن. ۽ ٻنهي گاڏين ۾ اهو ٽينشن هو ته ڪيئن پهچبو. پر اسان جي گاڏي کي هڪ ٽينشن ٻيو به هو ته سائين نثار صاحب جن ڊرائيو ٿي ڪيو. سائين گذريل پندرنهن سال کان سعودي ۾ پيا رهن. ۽ گاڏي به هلائين ته کاٻي پاسي اسٽيئرنگ واري ۽ روڊ به هُتي جا نه ڪي هِتي وارا جن ۾ گاڏي اوهان جي نه روڊ جي مرضي سان هلندي آهي. سائين اُٿڪ ۾ ئي چئي ڇڏيو هو ته منهنجو آسرو اهو آهي جو دعا ڪجو ته پُهچون. پر ڪراچي ۾ رهي رهي هاڻي ايترا پڪا ٿي ويا آهيون جو گهر کان نڪرڻ مهل الاءِ ڪيترن مشڪلاتن جو انديشو هوندو آهي سو ڊپ مڙئي گهٽ ئي ٿيندو آهي. بلڪه 2007 ۾ 18 آڪٽوبر تي ڪارساز تي ٿيل واقعو ياد پئي آيو جنهن ۾ بينظير جي قيادت ۾ جلسو هليو ۽ حملو ٿيو. انهي ڏينهن ۽ اڄ ۾ کڻي پنج سالن جو فرق آهي پر تاريخ جي حساب سان ارڙنهن اوڻيهه جو ئي فرق هو. اسان به نثار ابڙو جي اڳواڻي ۾ سندس ڀوڳ ڀريون ڳالهيون ٻڌندا هلياسين. ڪارساز ڪراس ڪندي عامر ضياء ته وڏو ساهه ڀريو ۽ چيو ڪارساز گذري ويو؟ ايئن لڳو ڄڻ اسان لاءِ به هتي ڪو مسئلو متوقع هو. . . . . اهو گذريو ته خير ٿيو پر ڪراچي جا فلائي اوور چڱن ڀلن کي منجهايو ڇڏين پر گاڏي هلائيدڙ جي ڪاريگري سان هڪ ٻه دفعو هيٺ بجاءِ مٿي چڙهڻ ۽ مٿي بجاءِ هيٺ پاسو وٺڻ باوجود ڪو گهڻو نه ڀُلياسين. ۽ جنهن گاڏي کي اسان ڪجهه دير پهرين فالو پئي ڪيو تِن اسان جي غلطي سان به کاٻي ساڄي مڙڻ تي اسان جي تقليد جيان پيروي پئي ڪئي. کين ساڳي رستي تان اڳتي وڃي موٽڻ به سمجهه ۾ نه آيو بلڪه هنن اهو پئي سمجهيو ته اهو روٽ ايئن ئي آهي. هاڻي طئي اهو ٿيو ته ڪورنگي ڪراسنگ تائين پهچائڻ منهنجو ڪم، سي ويو تائين نثار صاحب ۽ اڳتي لاءِ مرتضي وساڻ ذميواري کنئي. ۽ ايئن اسان سمنڊ جي ڪناري بلڪه ان اندر ئي لانگ ورائي بيٺل فوڊ ريسٽورينٽنس تي وڃي پهتاسين. ديسي هَٽ نالي هڪ ولائتي ريسٽورينٽ جي نقل جي ڪوشش ۾ ٺهيل ريسٽورينٽ ۾ پهتاسين. مٿي ذيشان رشيد، عرس پريو (عرس جو نالو نه لکجي ته به خير آهي جو رشيد سان گڏ عرس جو نالو ايئن آهي جيئن آلجبرا ۾ ايڪس جي کاٻي پاسي ۾ پِلس جي نشاني نه به هجي ته به سمجهبو آهي ته پِلس آهي)، عمران درويش سومرو، محترم غلام مصطفي ميمڻ صاحب، منظور ڪلهوڙو (ايڪس عباسي) ۽ سندس هڪ دوست موجود هئا. ذيشان رشيد سڀني دوستن جي آجيان ۾ پهل ڪئي. يونس ۽ عمران لاءِ اها راءِ ڏني ته صفا پنهنجين تصويرن جهڙا آهن. مون چيوظاهر آهي هجڻ به کپن. نه ڪي مسٽر جان وارو اوتار جنهن سان ذيشان رشيد سان ملڻ کان پهرين واري کي سندس مٿي ته ٻه سِڱ هجڻ جو گمان ٿيندو هجي. سڀني پنهنجي پنهنجي جاءِ سنڀالي. جيئن ته اهي ريسٽورينٽس اهڙي ٽيريسز جيان ٺهيل آهن جيڪي سمنڊ ڪناري مٿي ٺهيل آهن سو سمنڊ جو نطارو انهي کان بهتر ڄڳهه تان نه ٿو سگهي. سمنڊ جي ڇولين مٿان ويهي ڪجهه نوش ڪندي ڪچهريون هجن ته ٻيو ڇا کپي. خبر ئي نه پئي جو رشيد پاران سڀني جو تعارف (سواءِ منهنجي) ڪرائيندي ئي اڌ وقت گذري ويو. سليمان جي تعارف وقت اهو ٻڌي حيرت ٿي ته هِن وقت سنڌسلامت جي تقريبن سڄي ذميواري کڻي ويٺل هن مخلص شخص هي فورم جوائن ڪري پورو هڪ سال هڪ به تحرير نه لکي. پر ثابت ٿيو ته ضرور ناهي جيڪي اڀرندي تپش نه ڏيکارين سي لهندي ڪيئن ڏيکاريندا. مون کي مشهور ڪرڪيٽر سعيد انور ياد آيو جنهن پهرين ٽيسٽ جي پهرين ٻن اننگز ۾ زيرو تي آئوٽ ٿي ڪري به اڳتي هلي وڏو نالو ڪمايو. يا ليجنڊ اداڪار اميتا بچن شروع ۾ هڪ تي هڪ فلاپ فلم ڏيئي به پنهنجو نالو ڪيو. سو سليمان به پهرين سال بنا تحرير ڏيڻ کان پوءِ جڏنهن لکڻ شروع ڪيو ته پوئتي مُڙي نه ڏٺو. اها ڳالهه ضرور اسان جي نون يا غير فعال ميمبرن لاءِ اتساهه جو سبب بنجڻ گهرجي جيڪي هن وقت ميمبر ته آهن پر هن محبتي اڱڻ تي پنهنجا ويچار ونڊڻ ۾ سستي يا جهجهڪ پيا ڪن.
    ڪجهه ئي دير ۾ ماني اچڻ شروع ٿي وئي. جن ۾ ڊشز جي سيليڪشن ميمڻ صاحب ڪيئن ڪئي انهي تي حيرت ٿي ڇو ته هو مينو بوڪ به ڏسندا رهيا. مسلسل ڪچهري جو حصو به رهيا ۽ ڪنهن به ڳالهه کي اڻ ٻڌو نه ڪيو بلڪه پنهنجي راءِ ڀرپور انداز ۾ ڏني. پوءِ اهو پسند ڪريو جي ٽيب تي هجي يا موضوع ۾ لفظن جي حد. سندن انهي ڳالهه تي سڀني متفق ڪيو بلڪه گهڻن کي پريشاني به ٿي ته ڪٿي هو به اها غلطي ته نه ٿا ڪن. سائين جو چوڻ هو ته ڪنهن جو پي مري وڃي، ڪنهن جي هڙ لٽجي وڃي ته به پسند ڪريو تي ڪلڪ ڪريو ڇڏيون ايئن نه ٿيڻ کپي. بهرحال ميمڻ صاحب جي انتهائي شفقت ڀري شخصيت ۾ هڪ ڪشش آهي. هو هر ماڻهو جي دل ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ لاءِ بي ملاقات جا محتاج ناهن. جيڪو ساڻن هڪ دفعو مليو سو کين ڪڏنهن به نه وساري سگهندو. سندن سنڌسلامت تي لکڻ هجي يا منصفي جي منسب تي انصاف پسند هجڻ يا وري سماجي ڀلائي جا ڪم. هو هر ڪم ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. سندن خوش مزاجي واري طبيعت جو آئون ته پڪو مداح آهيان. علي علي جي شادي ۾ سندن هڪ سوال اڃان ياد آهي جيڪو شايد پاڻ ڪنهن جي انهي ميار “يار اسان کي گاهه ئي نه ٿا وجهو” جي جواب ۾ ڏنو هيائون ته “ڇو ڀلا اوهان گهوڙا آهيو جو گاهه وجهون؟”
    رشيد جي اها ڳالهه هتي ضرور ڳڻائبي جو هن هميشه پنهنجو ڪيل ڪم سڀني اڳيان آڻي به پاڻ کي پوشيده رکيو آهي ۽ ٻين کي همٿائڻ لاءِ سڀني کي بڌائڻ ضروري سمجهيو آهي. اسان جا ٻه ساٿي عامر ضياء چارڻ ۽ ابو واصف جن جي ڪن ميمبرس کي ذاتي طرح ته خبر هئي ته هنن جو سنڌ سلامت لاءِ پردي پويان وڏو ڪردار آهي پر سنگت اڳيان اها ڳالهه ڪري رشيد پنهنجي وڏي ظرف جو مظاهرو ڪيو. جنهن عامر ضياءَ صاحب جو سڀ کا وڏو ڪم اهوآهي ته اڄ اسان سنڌ سلامت تي جيڪو بي ڌڙڪ سنڌي لکون ٿا اهو ايڊيٽر سندس محنت جو نتيجو آهي جنهن جي جيتري به تعريف ڪجي سا گهٽ آهي. انهي کان علاوه اها به خبر پئي ته سنڌ سلامت گرافڪس جي حوالي سان جيڪڏهن ڪوڪم آهي ته انهي ۾ عمران درويش سومرو ۽ يونس ملڪاڻي به ڪردار ادا ڪن ٿا پيا. انهي کان علاوه تمام جلد ڊڪشنري وارو پروجيڪٽ به مڪمل ٿيڻ وارو آهي. جنهن ۾ هن ناچيز تي به ڪجهه ذميواريون رکيون ويون آهن. انهي ڊڪشنري جي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هي پهرين ڊڪشنري هوندي جنهن ۾ لفظن جو تعداد پهريان آيل ڊڪشنريز کان ٽيڻ يا چئوڻ تي وڌيڪ هوندو انهي کان علاوه لفظن جي صحيح معني تي ڪو به سمجهوتو نه هوندو. انهي کان علاوه ڪجهه ٻيا رايا به آيا جيئن پسند ڪريو ٽيب اچڻ سان دوستن کي تحرير تي جواب ڏيڻ کان ڀڄڻ جو رستو ملي ويو آهي سو اهو نه هُجڻ کپي. ۽ رشيد پنهنجي حساب سان دوستن کي مطمئن ڪيو ۽ چيو ته هر شئي جا ٻه پهلو آهن. پوءِ ڪڏنهن ٿوري نقصان ۽ گهڻي فائدي تي سمجهوتو ڪبو آهي ڪڏنهن وري ڪي شيون ڇڏنيون به پونديون آهن. بهرحال سٺي ڳالهه اها رهي ته هر ميمبر جي راءِ کُلي دل سان ٻڌي وئي ۽ انهي تي يا عمل جي خاطري ڪرائي وئي يا وري عمل نه ڪرڻ يا نه ٿي سگهڻ جا مظبوط دليل پيش ڪيا ويا.
    ماني سَرو ٿيڻ شروع ٿي ته خبر پئي ته هن هوٽل ۾ جي ڪُجهه ديسي آهي ته رڳو اهو نالو ۽ ٻيا اهي بيرا جيڪي ڪنهن مهل افغاني مٽن، ڪنهن مهل ايرني چڪن ته ڪڏنهن ڪنهن ٻي ملڪ جي ڊش کڻيو پئي آيا. بس پوءِ گهٽ اسان به نه ڪئي. منهنجي هڪ پاسي يونس ويٺو هو جنهن جيڪو آيو سو اگهيو تي خاموشي سان عمل ويٺي ڪيو پر ٻي پاسي ويٺل غلام مرتضي کاڌو کائڻ سان گڏ گڏ کائڻ وارن جي منورنجن لاءِ به ڪردار ادا پئي ڪيو. جيئن ئي ڪا نئين ڊش وڏي نالي ۽ ننڍي ڏونگهي ۾ آئي ٿي ته هن رڙ ٿي ڪئي “ابا اهو ڪهڙو مال آهي؟” بيرا ڊش جي نالي کان پهرين ڪنهن ملڪ جو نالو هڻي ڊش جو پورو نالو وٺن ته هي چئي ،يار وارو ڪر اها ته کارائي ڏسون ڪيئن آهي؟” سندس سڀني ڊشز تي انهن جي ذائقي مطابق ئي راءِ هئي. معني جيتريون مصالحيدار يا چٽ پٽيون ڊشز هيو اوترا ئي چٽ پٽا سندس جملا هئا. پر سلاد سان گڏ آيل اليومينم فوائل ۾ جيڪو آلو آيو سو ته هن کي جهڙو موقعو ڏيڻ آيو. ذري ذري اهو اعتراض ته اها آلو کي عزت ملي آهي يا جٺ ٿي آهي. هوئن آلو اها شئي آهي جنهن سدائين کوٽ سوٽ ۾ ٻوڙ جي عزت رکي آهي. خير وارو آيو ڪولڊ ڊرنڪس جو ته هِتي بيرا مُنجهي پيا. مرتضي چوي يار جڏنهن هر ڊش مڊل ايسٽ کان اوري جي آهي ئي نه ته گهٽ ۾ گهٽ ڪولڊ ڊرنڪ به آس پاس جي ملڪ جي ته هجي نه. پر ويچارا ڇا ٻڌائين ته ڪولڊ ڊرنڪ جي اڳيان پويان ملڪ جو نالو به هڻون ته اها لڳندي لوڪل. پر حقيقت اها آهي ته اها ئي هڪ انٽرنيشنل يا وري ملٽائينيشنل شئي هئي نه ته ٻڪرا ڪڪڙيون ته هتي وارا ڪُساڻا ۽ نالو مليو افغاني ايراني وغيره وغيره .سو اهي انٽرنيشنل لوڪل ڊرنڪس هر ڪنهن پنهنجي مرضي سان گهرائي نوش ڪيا. ۽ ايئن سڀ دوست ماني ۽ مرتضي کي خوب انجوائي ڪري ويا.
    انهي کان پوءِ ايوارڊس ورهائڻ جي تقريب ٿي. افسوس اهو رهيو ته انتظاميه جا ته اسي فيصد رڪن موجود هئا. پر جن کي ايوارڊ ملڻا هئا سي ڪن مجبورين سبب نه اچي سگهيا (سواءِ عمران درويش سومرو) ۽ انهن جي ايوارڊس وٺڻ لاءِ موجود ميمبرس جي خدمت ورتي وئي. نه ته ڪافي بهتر لڳي ها جيڪر انتظاميه جا چار فرد چار ايوارڊيز کي ايوارڊ ڏين ها. انهي کان پوءِ هڪ طويل فوٽو سيشن به ٿيو جنهن جي شڪايت اندر ئي اندر سڀني کي هوندي پر وري به انهي جي اظهار لاءِ مرتضي وساڻ ئي رڙ ڪئي. ”.يار فوٽو ڪڍو ٿا ته جلدي ڪڍو. اسان فوٽو ۾ مخصوص لُڪ ڏيڻ لاءِ جو ساهه ٿا روڪيون ته اصل ويل ٿيو وڃي“. جنهن ۾ ديسي هٽ جي ديسي اسٽائيل ڪرسين جو ڀرپور فائدو ورتو ويو. ۽ نيٺ هر گڏجاڻي جي لازمي عمل يعني انجو برخواست ٿيڻ هن گڏجاڻي جو به نصيب هو. مون نوٽ ڪيو آهي ته سنڌ سلامت جا محبتي ميمبر جڏنهن به هڪ ٻئي سان گڏجي ويٺا آهن. هڪ ٻئي سان پنهنجا، دين دنيا جا يا سنڌ سلامت جا هال اوريا آهن ته هڪ ته کين وقت جي خبر نه پئي آهي. ۽ موڪلائڻ مهل بار بار موڪلايو اٿن. ميلو متل ڇڏجي واري ڳالهه تي متفق ته ڄڳ جهان جيان هي سڀ به آهن پر هي اهڙو ميلو آ جيڪو سدائين متل رهڻو آهي. سو جيترو دير ڇڏجي اوترو سٺو. بس اهي قرب ۽ ڪچهريون ۽ سنڌ سلامت جي هن محبتي اوطاق لاءِ ڀٽائي زباني اها دعا ته
    سدا سينڌ تنهنجي سلامت رهي، ڪڏنهن موڙ تنهنجا نه مُرجهائجن
     
    28 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين اوهان جي لکڻي مان ائين لڳو ڄڻ سڄي سفر ۾ اوهان سان گڏ هيا سين ۔ الله ڪري اهڙيون ڪچهريون سدائين رهن ۔
    وسلام
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    لکڻ جو سهڻو ڏان، ڄڻ ته وري ٻه گاڏيون سچل کان نڪتيون هجن ۔۔۔!!! انصاف سان لکيل هي فسانو، جنهن ۾ مزاحي پهلو سان گڏ گهڻيون حقيقتون آهن ۔۔۔ هڪ اهڙو ماڻهون جيڪو سائنسي کوجائنن ۾ ائين رڌل هجي جيئن ڪيولي سياري اچڻ کان اڳ کاڌو سهڙيندي هجي ۔۔۔ ان باوجود سهڻن لفظن ۾ ڪٿا بيان ڪري گهٽ ۾ گهٽ مونکي حيران ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔

    سنڌ سلامت جا سڀ دوست بي خوف ۽ لالچ کان خالي دوست آهن انڪري هر ڪم سهڻو ۽ لاڀائتو ٿيو پوي ۔۔۔

    محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن، تن جو صرافن اڻ توريو اگهايو ۔۔۔

    هن ڪٿا سان گڏ جيڪڏهن تصويرون به ونڊ ٿي وڃن ها ته هوند ” چار چنڊ“ لڳڻ وارو پهاڪو سمجهه ۾ اچي وڃي ها ۔۔۔

    لک قرب سهڻا عبدالحفيظ ۔۔۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    زندگي هر شخص کي پياري هوندي آهي ،پر بهادر انسان کي عزت زندگي کان وڌيڪ پياري هوندي آهي ( حضرت علي ڪرم الله وجه)
    جڏهن توهان ٻين کي دل جي گهرائين سان عزت ڏيندا ته موٽ ۾ ان ساڳئي جذبي سان اوهان کي عزت ملندي۔
    محترم عبدالحفيظ لغاري صاحب اسلام عليڪم۔ توهان جهڙن گفتار جي غازين جو هي سنڌ سلامت جي ان فارمل گڏجاڻي جو پيرائتو حال پڙهي روح ۾ خوشي جي احساس سان گڏ دعا نڪتي ته الله پاڪ شل اوهان جي قلم جي پرواز ۾ ڪوتاهي نه آڻي ۽ توهان جي ذهن کي زنگ نه لڳائي۔توهانجون تمام گهڻيون مهربانيون جو پنهنجي ايڏي مصروف شيڊيول مان ٽائيم ڪڍي قرب جا قدم کڻي اچي ان محفل کي نه رڳو رونق بخشي پر ان جو پيرائتو آحوال هن محبتي اڳڻ تي چٽي ،توهان پنهنجي موجودگي کي وڌيڪ قيمتي بنائي ڇڏيو۔
    ”اسان پنهنجي خيالن ۾ شهر کان ٻاهر نڪري قبرستان جي ڀرسان گذري رهيا هئاسين،هڪ هڏي اسان جي پيرن جي هيٺان اچي ويئي،هڪدم ان هڏي مان آواز آيو ،اي انسان خبردار ٿئي ڪهڙي ڳاله تي توکي فخر آهي،ڪجه وقت اڳ مان به انسان هئس ۽ تو وانگر انسان هجڻ تي فخر هو ،هاڻي ڏس ڪيئن نه منهنجو مان مٽي ۾ ملي ويو آهي ۽ مان راه ۾ ماڻهون جي قدمن ۾ اچي پيو آهيان“

    هن فاني دنيا مان هر ڪنهن کي وڃڻو آهي،ڪامياب اهئي ٿيندا جيڪي پنهنجي نيڪ عمل۔سلڇاڻپ ،هڏ ڏوکي واري عمل جي ڪري ماڻهون جي دلين ۾ هميشه زنده رهجي ويندا۔اسان ۾ ڪا اهڙي خصوصيت نه آهي جيڪا اوهان پنهنجي ليک ۾ لکي آهي۔اهو اوهان جي محبت واري اک ۽ هن پياري اڳڻ جي وفاشعار،پرخلوص ميمبر،پوء اهو چاهي ادا ذيشان رشيد هجئي، يا ادا نثار ابڙو، سليمان وساڻ صاحب هجئي يا،عرس پريو، توهان هجو يا مانوارو منظور عباسي،سائين رحيم بخش ۽ محترم رضوان جمالي هجن يا پيارو ڏاڏل شينو،ڪمپيوٽر جو ماهر عامر ضياء هجئي، يا اسان جو استاد ڦلپوٽو فقير(جن جي مهربانين سان اسان هن فورم تي سنڌي لکڻ سکيو اهي)، انٽرنشنل علي علي هجئي يا ديس واسي مست، ممتاز وگهيو هجن يا عمران درويش ،ڪيترين ميمبرن جي نالا لکي لکجن، جي غائبانه هن اڱڻ جي ذريعي صحبت ۽ رهنمائي جو اثر آهي جو اوهان اسان جي تعريف ۾ اهڙا قيمتي الفاظ استعمال ڪيا آهن۔سڄڻ سائين توهانجون مهربانيون۔توهانجي رپورٽ تمام گهڻي جامع آهي ۽ ان ۾ اضافو نه ٿو ٿي سگهي۔
     
    22 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    محترم ميمبرس جيئن ته ادا نثار ابڙو صاحب جن فرمائش ڪئي اهي ته مٿين گڏجاڻي جون تصوريون به هن محبتي اڳڻ جي ڪينئوس تي آشڪار ڪيون وڃن۔سائين جي حڪم جي تعميل ۾ تصويرون هت ونڍ ٿيون ڪجن۔ شرط آهو آهي ته سڀ مانوارميمبر اهئي تصويرون ۽ ادا عبدا لحفيظ جن جو پيرائتي رپورٽ پڙهي کليل دل سان ڪمينٽس ڏين، تاڪي خبر پوئي ته هي گڏجاڻي هنن جي نظر ۾ بامقصد هئي يا ٽائيم جو ذيان۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    http://imageshack.us/a/img16/5067/image091eh.jpg
    http://imageshack.us/a/img87/169/image089y.jpg
    http://imageshack.us/a/img706/6569/image087d.jpg
    http://imageshack.us/a/img842/706/image085d.jpg
    http://imageshack.us/a/img13/8997/image083bh.jpg
    http://imageshack.us/a/img87/4288/image081v.jpg
    http://imageshack.us/a/img600/6610/image065c.jpg
    http://imageshack.us/a/img843/9663/image067vp.jpg
    http://imageshack.us/a/img513/213/image069c.jpg
    http://imageshack.us/a/img87/6585/image071r.jpg
    http://imageshack.us/a/img20/903/image073k.jpg
    http://imageshack.us/a/img651/7840/image075h.jpg
    http://imageshack.us/a/img18/1143/image077xi.jpg
    http://imageshack.us/a/img51/8219/image063g.jpg
    http://imageshack.us/a/img534/9340/image061v.jpg
    http://imageshack.us/a/img853/3103/image059v.jpg
    http://imageshack.us/a/img526/1206/image057ga.jpg
    http://imageshack.us/a/img525/875/image055ve.jpg
    http://imageshack.us/a/img594/2138/image053o.jpg
    http://imageshack.us/a/img842/7180/image051oo.jpg
    http://imageshack.us/a/img411/9002/image037f.jpg
    http://imageshack.us/a/img594/6048/image039g.jpg
    http://imageshack.us/a/img715/7706/image041bc.jpg
    http://imageshack.us/a/img829/1150/image043v.jpg
    http://imageshack.us/a/img543/2120/image045t.jpg
    http://imageshack.us/a/img59/1056/image047jg.jpg
    http://imageshack.us/a/img19/363/image049yg.jpg
    http://imageshack.us/a/img21/8418/image035hk.jpg
    http://imageshack.us/a/img832/7627/image033ux.jpg
    http://imageshack.us/a/img43/1416/image031fu.jpg
    http://imageshack.us/a/img690/6148/image029jr.jpg
    http://imageshack.us/a/img440/989/image027bh.jpg
    http://imageshack.us/a/img31/268/image025bs.jpg
    http://imageshack.us/a/img191/627/image023bc.jpg
    http://imageshack.us/a/img840/834/image007jfo.jpg
    http://imageshack.us/a/img802/2184/image011f.jpg
    http://imageshack.us/a/img13/6238/image013vr.jpg
    http://imageshack.us/a/img267/8725/image015dr.jpg
    http://imageshack.us/a/img18/960/image017rn.jpg
    http://imageshack.us/a/img849/9991/image019ne.jpg
    http://imageshack.us/a/img9/488/image021tt.jpg
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    تصويرون نطر نه پيون اچن انهن جي ڏسڻ جو طريقو ٻڌائيندا
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    ھل لغاري صاحب، اسان پڙھڻ جا اصلي صفا ٽوٽي پو به ھڪ لفظ نه ڇڏيو، واھ جو احوال لکيو اٿئي، جيڪڏھن ائين کڻي چئجي ته لکڻ جو صفا فٽاڪو آھين ته به ٺھندو، ماشاالله جتي سنڱت جا ميلاپ ھوندا اُتي مزا ئي مزا، سنڱت اُھابه سنڌسلامت سنڌي ٻولي جي خدمت ڪندڙ ھجي ته پو واھ واھ۔ ، تمام سٺو لڳو۔
    ھڪ ڳالھ جو ڏک ٿيو، توڙي اسان نڪرڻ جا جڏا ته به ھڪ عام ميمبر جي حيثيت سان ٿالھي ۾ چار داڻا وجھي فرض نڀائي ھان سنڱت سکڻو سڏ ڏئي ھان پو ڀلي اسان اچون نه اچون۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    هر ڪو چاهيندو ته سنڌ سلامت تان ائين ڀيرو ڀرجي جو نه انٽرنيٽ جي اسپيڊ مسئلو ڪري، نه ڪمپوزنگ ڪرڻ جو ٻرو ٿئي، نه بجلي وڃي ۽ نه ئي ڪا تحرير پوسٽ ڪري ڪمينٽس اچڻ جو انتظار ڪجي۔ اصل پاڻهي ئي سڀ ڪم ٿين ۽ اڱڻ وري به سنڌ سلامت جو ئي هجي، اها خوشقسمتي ڪنهن ڪنهن جي نصيب ۾ ايندي ۽ مون تي مٿي ويٺل الائي ڪهڙي مصلحت رکندي اها مهرباني ڪري وڌي۔سچ پڇو ته ڪا ڪل ئي نه هئي ته ڪو ائين سنڌ سلامت جي ميمبر هڪ هنڌ گڏ ٿي (روبرو) ڪچهري ۾ ويهنداسين، ذاتي طور تي آئون اهڙين محفلن ۾ وڃڻ کان ڪيٻائيندو آهيان ان جو سبب يا ته ڳوٺاڻي ۽ شهري زندگي جو اهو فرق آهي جنهن ۾ مون جهڙو ڳوٺاڻو موڳو ٿيو شهرين جي سنڌي گاڏڙ انگريزي ٻڌي لئوڻان هڻندو رهي ٿو يا وري شايد ڪجهه شور کان ڀڄندڙ طبيعت جو به ان ۾ عمل دخل هوندو پر بهرحال پنهنجي ڪم سانگي ڪراچي آيس ته عبدالحفيظ ٻڌايو ته ادا سانجهي سنڌ سلامت جي گڏجاڻي آهي هلندين؟؟ سنڌ سلامت جي گڏجاڻي جو ٻڌي يڪدم هائو ڪري صدر مان ڪم اڪلائي سليمان صاحب جي اوطاق تي پهتاسين جتان دوستن سان گڏجي سمنڊ ڪناري پهتس نه ته رستي جي ڪا خبر هئي نه منزل جي، بس اها ئي پريشاني هئي ته گڏجاڻي ڪيئن هوندي ڪهڙو ماحول هوندو، ڇا پڇندا ۽ ڇا چوندس!!!!!!؟؟؟ پر سائين يقين ڪريو ته گڏجاڻي جي جا تي پهچندي ئي سڀ کان پهرين جڏهن سائين رشيد ٻک وجهي چيو ته اڙي يونس تون ته صفا ڦوٽو جهڙو آهين ته سڀ پريشاني لهي وئي ۽ ذهن يڪدم اهو گرائونڊ ٺاهي ورتو ته هي گڏجاڻي سنڌ سلامت تي ڪيل ڪا اهڙي پوسٽ آهي جنهن سڀني کي خوش ڪيو ۽ سڀ ان ۾ آن لائين ڪمينٽس ويٺا ڏين، يقين ڪريو ته گڏجاڻي ۾ اهو ئي لڳو ته اسان سڀ ڪنهن ٽيڪنالاجي ذريعي انٽرنيٽ سان ڪنيڪٽ ٿي سنڌسلامت ۾ گهڙي ويا آهيون ۽ آن لائين ڪچهري ويٺا ڪريون ڇوته نه ته ويٺل سنڌسلامت کان ڌار هئا ۽ نه ئي ڪچهري جو موضوع سنڌ سلامت کان هٽيو هو۔
    ڪراچي اچڻ ٿيندو رهي ٿو پر هن ڀيري ڪراچي ٻن حوالن سان شايد ڪافي وقت ياد رهندي، هڪ ته منهنجو ٽن سالن جو ننڍڙو نفيس علي پهريون ڀيرو گهمڻ لاءِ ڪراچي وٺي آيو هوس ۽ ان سمجهو ته مون کي ڪراچي جو نئون چهرو ڏيکاريو ۽ ٻي نه وسرڻ جوڳي اها گڏجاڻي آهي، ان گڏجاڻي جو اهتمام ڪرڻ تي سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب ۽ مون غريب کي عزت بخشڻ تي سائين رشيد ۽ سليمان صاحب جو آئون بنهه گهڻو ٿورائتو آهيان، الله ڪري اهي محبتون قائم رهن ۽ ميلا متل رهن۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ادا ڪنهن به لنڪ تي ڪلڪ ڪيو، تصوير هڪ الڳ پوپ اپ ونڊو ۾ کُلندي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سنڌ سلامت جي سهڻي مالها جا بي بها موتي داڻا ۔۔۔جن جي محبتن ۽ مرڪن جو ڪو به مُلهه ڪونهي صرف هڪ ئي مُلهه آهي، اهو آهي هڪٻئي سان محبت ونڊڻ۔

    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG][​IMG]
    [​IMG][​IMG]


    [​IMG]

    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    مانوارا سنڌ سلامت جا سڄڻئو۔۔
    مان جڏهن کان سنڌ سلامت جو ساٿي بڻيس تڏهن کان ئي اها ئي خواهش رهي هئي ته سنڌ سلامت جي سڀني کاهوڙين سان ملجي جن اهڙي پاٻوهه ۽ سڪ سان هي اوطاق جوڙي آهي اُهي يقينن اندر جا اُجرا من مُهڻا سنڌي آهن مون اهو ئي ڀانيو ته اهي مون جهڙا ئي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان اُڪير رکندڙ ماڻڪ آهن، هر ڀيري جڏهن به سنڌ سلامت تي يا فيسبوڪ تي انهن دوستن جي ميل جول بابت ڏسندو يا پڙهندو هئم ته دل ۾ اها ئي خواهش جاڳندي هئي جيڪر مان به ساڻن گڏ هجان ها۔۔۽ ڪيترا ڀيرا ان ڳالهه جو اظهار به ڪندو رهيس ۽ محترم سائين نثار ابڙو صاحب جن به سنگت کي مون لا پارت به ڪئي هئي ته جڏهن به ميلا مچايو ته منظور ڪلهوڙو (بقول حفيظ صاحب جي ايڪس عباسي) کي ضرور گهرائجو۔۔ ۽ مان ڪيڏو خوشنصيب آهيان جو هن محفل ۾ مون جهڙي اٻوجهه کي به گهرايو ويو ۽ مان ۽ عزت ڏني وئي جيڪا مان پنهنجي حياتي ۾ وساري نٿو سگهان، ڇو ته چوندا آهن ماڻهو پنهنجو پهريون پيار ڪڏهن به وساريندو ڪونهي ۽ منهنجي سنڌ سلامت جي سهڻ نفيس دل رکندڙ سٻاجهڙن ماڻهن سان پهري ملاقات به هئي۔ سڀني جا مُرڪندڙ ۽ مهڪندڙ چهرا ڏسي دل باغ بهار ٿي وئي، مان گهڻي مان گهڻو ٿورائتو آهيان سائين محترم غلام مصطفى ميمڻ صاحب جن جو جنهن خاص سائين رشيد صاحب جن کي مون لا چيو اهو سائين وارن جو وڏ ماڻهپو آهي۔ سائين غلام مُصطفي ميمڻ صاحب واقعي پنهنجي نالي جيان مُحبتي آهن انهن جي پاٻوهه ڀري ميزباني واري انداز مان نج پج سنڌيت واري مهڪ اچي رهي هئي حفيظ صاحب جن سچ چيو ته جيڪو به سائين غلام مصطفى جن سان هڪ ڀيرو ملندا آهن ان جي سهڻي اخلاق واري آڌر ڀا کي ڪڏهن به ڪين وساري سگهندا، اتي جيڪو وايو منڊل متل هو ان هو حال سائين عبدلحفيظ سهڻن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي سچ پچ ته سمورو جو سمورو منظر اکين اڳيان اچي بيهاري ڇڏيائين لک قرب حفيظ صاحب جن جا۔ سائين نثار ابڙو سان به ملڻ جو ڏاڍو اشتياق هو جيڪو انهن سان ملي ڪري ويتر وڌي ويو ڇو ته سائين جن جو کلڻو انداز محبوب جي مُرڪ جيان وڻندڙ آهي جنهن جي مُرڪڻ سان اندر جي سموري اُٻاڻڪائي جهٽ پل ۾ مُرڪ جي مهڪ سان مهڪيو پوي۔ سائين سليمان وساڻ ته پنهنجو مٽ پاڻ آهن انهن بابت ڇا لکان، سائين سليمان وساڻ سان اتي به اها ئي ڪار ٿي جڏهن سڀني جو تعارف ٿي چڪو ۽ جڏهن وارو سائين سليمان جن جو آيو ته اتي سائين رشيد صاحب به خاموش ٿي ويا ڇو ٿه مان سمجهان ٿو ته سائين سليمان وساڻ صاحب سنڌ سلامت جي هڪ يونيورسٽي آهن جيڪا ڪنهن ڪارڪردگي تي ڊگري ڏيندي آهي وٺندي ڪونهي۔ سڀني سهڻن ماڻهن کي ڪراچي جهڙي گوڙ گهمسان واري زندگي ۾ ائين گڏ ڏسي سنڌ ڌرتي جا اهي اوطاق ياد پئجي ويا جيڪي اڄڪلهه پنهنجي جي بي واجبين سبب ڀڙڀانگ بڻجي ويا آهن اهي طالب ئي نه رهيا آهن جيڪي اوطاقون آباد ڪندا هئا۔ پر سچ پڇو ته سنڌ سلامت اها روايت قائم رکي ۽ اهو ثابت ڪيو ته اسين سنڌي مُحبت جا بکيا آهيون، جئين سائين نثار صاحب لطيف سائين جي هي بيت اتي به پيش ڪيو هو ته۔۔۔مُحبت پائي من ۾ رنڊا روڙِيا جن، تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگهايو۔
    اصل ان سموري محبت ونڊڻ جو حقدار سائين محترم ذيشان رشيد صاحب جن آهن، جيڪي هميشه سڀني کي مان مرتبو ڏئي پاڻ کي پوئتي رکندا آهن ڀل انهن جو ڪم پس پردهه هجي پر مان سمجهان ٿو ته جهڙي سهڻي انداز ۾ سائين رشيد صاحب جن سڀني کي ڳنڍي چڏيو آهي ان جي جيتري به ساراهه ڪجي اها گهٽ آهي۔ سائين رشيد صاحب وٽ هڪ جادوئي سگهه آهي جيڪو هر ماڻهو کي پنهنجي ويجهو ڪري ڇڏي ٿي۔ ۽ اسين سڀ جهڙي ريت هن وقت گڏ آهيون ان جو حب (مرڪز) سائين رشيد صاحب آهن۔ باقي ساڳي ڳالهه سائين حفيظ واري ته واقعي سڀ اهي ئي هئا جئين تصويرن ۾ نظر ايندا آهن۔ سدائين گڏ
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ادا ڪنهن هڪ تصوير ۾ ئي جنهن ۾ سڀ ساٿي موجود هجن ته سندن نالا لکو ته بهتر رهندو ته جيئن سڀني ساٿين کي سڃاڻي سگھجي.
     
  14. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا اوهان جي راءِ مطابق هي تصوير نالن سميت ڏجي ٿي

    [​IMG]


    ساڄي کان يونس ملڪاڻي، محمد سليمان وساڻ، عمران درويش سومرو، عبدالحفيظ لغاري، عبدالرشيد سمون، عامر ضياء چارڻ، نثار احمد ابڙو، غلام مصطفٰى ميمڻ، منظور احمد ڪلهوڙو، عرس پريو ۽ غلام مرتضى وساڻ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا۔۔۔ اسان جي پياري دوست عُرس پريئي تي اوهان جي نظر نه پئي ڇا۔۔۔۔ ؟؟؟
    تصوير ۾ هوندي سوندي به اوهان ان جو نالو نه لکيو آهي۔۔ هههههههه
    کاٻي پاسي کان ٻيو نمبر همراهه سڃاڻپ ۾ مون کي عُرس پريو ئي لڳي ٿي۔۔ الله کيس آباد رکي ۔۔ سنڌ سلامت جي هر ڪچهري ۾ سندس ديدار نصيب ٿيندو آهي۔۔
    اوهان دوستن کي هڪ جاءُ تي ڏسي مون کي عابده پروين سائڻ جو چيل ڪلام بي اختيار ذهن ۾ اچي رهيو آهي ته
    هِن جنم هُن جنم لاءِ وچن ٿو ڪريان۔۔ مان جتي به هجان سنڌ تنهنجو جيئان۔۔
    جهولي جيجل ڪڏهن تنهنجي خالي نه ٿئي،
    بيت وايون غزل گيت ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. منير عباسي

    منير عباسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 نومبر 2012
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Karachi, Pakistan
    سنڌ سلامت جي دوستن کي سلام عرض ٿو ڪجي، سلام کانپو مان اها ڳالهه ڪندس ته مونکي اوهان سڀني سان سنڌ سلامت واري گڏجاڻي ۾ ملاقات ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي ، مان منظور ڪلهوڙو سان گڏ اوهان سان شامل ٿيو هيس، ان ڪري توهان جي محبت ڏسي مان به اوهان جي ساٿ ۾ شامل ٿي چڪو آهيان۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ادا جميل احمد پيارا تصوير کي راِئيٽ ڪلڪ ڪري ٻئي پيج تي کوليو ته کلي ويندي اگر اڃا به نه کلي ته ٻڌائيندا۔
     
  18. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سنڌ سلامت جي گڏجاڻي ۾ شريڪ سڀني مانَ وارن پيارن کي مبارڪون سڀ پيارا پنهنجو مٽ پاڻ آهن ڪافي دوستن سان ملاقات جو شرف حاصل ٿي چڪو آهي اگر الله گهريو ته ٻين ساٿين سان به ملاقات نصيب ٿيندي ميٽنگ ۾ ڪنهن ڪنهن کي متاثر ڪيو اهو ته محفل ۾ موجود ئي محسوس ڪري سگهيا هوندا ، ليڪن هن ٿريڊ ۾ مون کي ته محترم عبدالحفيظ جن متاثر ڪيو ۔ سندن مضمون نويسي واقعي غضب جي آهي الله تعالى سندن تحرير ۾ تعميل ۾ مزيد برڪتون عطا فرمائي ۔ رب ڪريم پنهنجي خصوصي فضل و ڪرم سان سڀني دوستن پيارن کي زندگيء جي هر موڙ تي ڪاميابي عطا فرمائي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسان جي دوست ۽ پرين پياري عبدالحفيظ جي لکڻ جو انداز وڻندو آهي ۽ کيس شاباس ڏيندس جو تفصيلي احوال ونڊ ڪيو اٿس۔ ٿورائتا آهيون اسان جي محسن ۽ اسان جي رهنما سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب جا جنهن اسان کي گڏجڻ جو موقعو فراهم ڪيو۔

    گهڻو ڪري محفل ۾ موجود سڀني دوستن سان اڳ ئي گهڻيون ملاقاتون هيون ۽ ايئن پئي لڳو ڄڻ ته اسان جنمن کان هڪ ٻئي سان واقف آهيون، اهو سڀ سنڌ سلامت جي ڪري ئي لڳي رهيو هو۔ اها ملاقات انڪري به فائديمند هئي جو ڪجهه اهم پراجيڪٽس لاء دوستن جي راء وٺڻي هئي، پاڻ ۾ ڳالهيون ڪرڻيون هيون، دوستن کي مليل اوارڊ ڏيڻا هئا ۽ فضا ڪجهه ٽهڪ وکيرڻا هئا۔ ڪجهه اعلان به ڪرڻا هيا، جيڪي صرف اعلان ئي رهجي ويا ۽ اعلان به نه ٿي سگهيا۔

    سنڌ سلامت جو پليٽ فارم هاڻي ادبي ۽ ڪمپيوٽنگ جي ميدان ۾ ڪو نئون ناهي رهيو، سڀ سنڌ سلامت کي سڃاڻن ٿا، اهو سڀ سڀني دوستن جي بي لوث خدمتن سبب ئي ٿي سگهيو آهي۔ اهي دوست جيڪي محفل ۾ موجود نه هيا اسان انهن تي به ڳالهايو ۽ سنڌ سلامت جلد هاڻي آنلائين ڪچهرين جو به انعقاد ڪرڻ واري آهي۔

    هن دفعي جيتوڻيڪ گهڻو وقت تعارف ۾ لڳو پر اهو تعارف به اصل ۾ سنڌ سلامت جي حوالي سان ئي هيو، باقي ماحول ته سمنڊ جي ڪري هونئين ئي لاجواب هوندو آهي ۽ کاڌو ته اتان جو هوندو ئي لذيز آهي۔ محفل ۾ رشيد هجي ته ٻين کي ڳالهائڻ جو موقعو مڙئي گهٽ ملندو آهي پر سائين نثار ابڙو جون ڳالهيون هجن، مرتضى جا ٽوٽڪا هجن، يونس جون سرٻاٽيون هجن، سائين مصطفى جا ڏاهپ ڀريا گفتا هجن، حفيظ جو ڳالهين کي وڌائڻ جو انداز هجي، عرس تي هميشه وانگر رشيد جو غلبو هجي ته محفل ته مچندي ئي رهندي۔ پر افسوس جو بي رحم وقت پنهنجي رفتار سان وڌي ٿو ۽ وقت جا ڪانٽا ڪٿي به نه ٿا رڪجن۔

    لک ٿورا سڀني دوستن جا جن هن گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي، مهربانيون انهن دوستن جون جن هن ليک تي پنهنجا رايا ڏنا۔ زندگي رهي ته اهڙيون محفلون ٿينديون رهنديون۔ محبتون قائم هجن ته هر ڏينهن محفل آ ۔۔۔۔۔ دعائن ۾ ياد ڪجو۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    گڏجاڻيء کان پوء عيد تي ڳوٺ وڃڻ جي ڪري هن موضوع کي پڙهي ڪونه سگهيس۔ عبدالحفيظ لغاري جي رپورٽ جي جي داد نه ڏجي ته زيادتي ٿيندي تمام خوبصورت انداز ۾ گڏجاڻيء جو احوال پيش ڪيو اٿئين پر اهاذيشان رشيد سان گڏ اها پلس واري ڳالههء اچي منهنجو نالو فوٽو ۾ رهجي ويس وڃي کيس کان سچل ڳوٺ پڇندس، گڏجاڻي تمام بهترين هئي بقول سليمان وساڻ جي ته تعارف ايڏو وڏو هيو جو مونکي ء مرتضي کي ته اوٻاسيون پئي آيون سليمان جي اها ڳالهه درست آهي ته جتي رشيد هجي اتي ٻين کي ڳالهائڻ جو موقعو ڪون ملندو آهي۔

    باقي کاڌو ته اتان جو هوندو ئي لذيز آهي محترم سائين غلام مصطفي ميمڻ صاحب جون مهربانيون جو دوستن کي گڏ ڪيائين۔ اتي ڪجهه نون دوستن يونس ملڪاڻي،۽ منظور عباسي سان پهريون دفعو ملاقات ٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سائين غلام مصطفي ميمڻ جي ڪئميرا جو ڪمال اهڙو آهي جو تمام فوٽو سٺا پيا لڳن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين نثارابڙو جي گفتگو ته هوندي ئي دل موهيندڙ آهي پاڻ ڪافي کلائيندا رهيا۔
    شل اهي محبتون قائم هجن ۔۔۔۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو