اجگر ڪيس

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏24 آڪٽوبر 2012۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    سياست ۾ بي حيائي، بي شرمائي ۽ بي وفائي هلندي رهندي آهي، اڪثر طور ٿي اها ئي پارٽي يا سياستدان ڪامياب رهندو آهي جنهن ۾ اهي گڻ يا اوگڻ گهڻا هجن. هتي اهو چوڻ مناسب ته ناهي ڇوته نه آئون سياسي نقاد آهيان ۽ نه ئي هو اڱڻ ڪو سياسي پليٽ فارم آهي پر هڪ عام شهري جي حيِثيت سان اهو سمجهون پيا ته اسان جي وڏن ادڙن ۾ اهي گڻ يا اوگڻ شايد سياسي سوفٽ ويئر انجنيئر بتدريج وڌيڪ وڌا آهن. ان لاءِ ئي ڪالهه تائين عدالتي فيصلي تي اخلاقي قدرن جي طنز ڀري نصحيت ڪرڻ وارا اڄ ڪيڏي نه نڪ جي پڪائي ڪندي هڪ نه ٻي اڙي پيا ڪن، اصغر خان ڪيس جيڪو حقيقت ۾ چُوري کائيندڙن جي لاءِ “اجگر ڪيس” بڻجي کين ڳڙڪائڻ لاءِ آتو نظر پيو اچي ان ۾ حقيقت ڪيتري آهي اهو فيصلو ته ظاهر آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ايف آءِ اي جي تحقيق مان ئي نڪرندو پر اسان جا وڏا ادا ايف آءِ اي کان تحقيق ڪرائڻ کان ائين پيا ڀڄن جيئن گنجو ڀڄي پاڪيءَ کان!! منهنجي خيال ۾ مون حبيب بيئڪ اسڪينڊل ۾ هڪ روپيو به ناهي ورتو ۽ ان جي ڀلي ڪو انڌو به اچي تحقيق ڪري مون تي ان جو فرق ڪونه پوندو، ائين وڏن ادڙن کي به پريشان نه ٿيڻ گهرجي جيڪر اهي ڪرپٽ ۽ 1990 ۾ اسٽيبلشمينٽ جي دلال نه هئا ته انهن خلاف تحقيق ڀلي ايف آءِ اي ڪري يا اسڪواٽ يارڊلينڊ ڪري انهن تي ته ڪوبه فرق نه پوندو. پر ادڙن لاءِ ڪڙو سچ اهو آهي ته انهن کي خبر آهي ته تازو انهن جيڪا گنج جي مرمت ڪرائي جواني واري وگ پاتي آهي اهي پيسا به قوم جا آهن ۽ هاڻي پٽڪو ته ڌوڙ ٿيئي ئي ٿيئي پر اها وگ به متان پٽجي نه وڃي ان لاءِ ئي اچي ٽاڪوڙو مچايو اٿن ته سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي کان جانچ ڪرائي اسان سان وڏي بيواجبي پئي ڪري !!! هنن جو خيال هو ته جيئن اليڪشن ڪمنشنر جي مقرري مهل حڪومت هنن هٿان بليڪ ميل ٿي ۽ سپريم ڪورٽ آڏو مجبور ٿي هنن جي مرضي جو الڪيشن ڪمشنر مقرر ڪرايو ( جيڪو اڄ سندن ان احسان جو حق اهو چئي ادا پيو ڪري ته “پراني گلان تي مٽي پائو اسي ڪسي دي خلاف ڪوئي ڪارروائي نئين ڪران گي ”.) ائين هاڻي هو سپريم ڪورٽ تي اهو دٻاءُ پيا وجهن ته سندن خلاف تحقيقات ڪرڻ لاءِ ادڙن جو ئي منتخب ڪيل ادارو يا ڪاميٽي مقرر ڪريو. ۽ شايد اهو ٿي به وڃي ڇوته ادا وڏا اسان وارن همراهن کان وڌيڪ ادڙن کي پسند آهن ۽ اسان وارا همراهه هميشه حُبِ حُسين ۾ نه سهي پر بغضِ يزيد ۾ هميشه پريشان ٿيندا رهيا آهيون.
    هتي پاڻ وارن همراهن جي لاءِ سڀ کان وڏو ڪم ميڊيا مهم هلائڻ آهي هن وقت ٽي وي اينڪرز صفا بتال نظر پيا اچن ڇوته انهن جي فيوريٽ جماعت جيڪا انهن لاءِ “لالا جي” هئي ۽ کوٽ سوٽ ۾ مدد ڪندي هئي اها پوئتي پئي ڌڪجي هن مهل ڪا اهڙي ٽيم تيار ڪجي جيڪا گهٽ ۾ گهٽ بڇڙو ڪرڻ ۾ ماهر هجي، ڀلي ادا زور ٿين پر گهٽ ۾ گهٽ کين بڇڙو ڪرڻ ۾ ته وسان نه گهٽايو باقي بهرحال نڪ جا ڏاڍا برابر اٿئو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادن وڏن شايد سوچيو ئي نه هو لٺ جو جواب پٿر سان ملندو آهي۔۔۔ کين پاڪستاني سياست جي سجهه ته هئي پر بيبي جهڙو لحاظ رکندڙ مخالف ملندو رهيو هو۔۔۔ همراهن کي هاڻي ته خبر پئجي وڃڻ گهربي ته جيڪو پنهنجن ۾ ئي ”غدار“ پيو سڏجي سو مخالفن لاءِ ته زبان پڪڙڻ وارو جلاد به ٿي سگهي ٿو۔۔۔
    خير وڏا واهه جو لکيو اٿئي۔۔۔ مان ته آس پاس ۾ حوالو جانچي رهيو هيس۔۔۔ جي ائين ئي آهيو ته قلم کي روڪي ڇو رکيو اٿوَ۔۔۔ لکندا رهو۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار تمام سٺو لکيو اٿئي ۽ اوهان کي لکڻ به گهرجي، سهڻو انداز ۽ سڀ ڪجهه چئي وڃڻ اهو به ڪو اوهان کان سکي۔ هتي اسان وٽ هڪ پاليسي پئي هلي رهو حلال ۽ ٻوٽِون حرام واري۔ جي تحقيقات ڪنهن ٻئي خلاف هجي ته ڀلي ايف آء اي کي ڏيو پر اسان خلاف هجي ته ٻوٽيون حرام ۔۔۔۔

    محترمه خلاف جيڪو ڪجهه ڪيو ويو اهو ان وقت ئي پتو پيو هو ته هيء ڪيڏي نه بوگس اليڪشن ٿي آهي، محترمه اڄ وري سرخرو ٿي وئي۔ پر مونکي ته حيرت ٿي جو ايترا سارا فوجي انڊين ائڪٽ جو قسم کڻي پاڪستان سان بي وفائي جو راڳ پيا آلاپين۔ يار حد ٿي وئي۔
     
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ذيشان رشيد يونس ملڪاڻي وٽ لکڻ جو وڏو ڏانؤ اٿو۔ هن 2002 واري دور ۾ لاهور ۾ هڪ مئگزين جي سب ايڊيٽر هوندي جيڪي اخبارن ۾ آرٽيڪل لکيا اهي هن وقت کڻي صحيح طرح ريڪارڊ تي ناهن پر سڀ پڙهڻ جهڙا هئا۔ هي انهن تمام ٿورن ماڻهن مان آهي جنهن جي ڪڏنهن به ڪا تحرير ڪنهن به اخبار نه موٽائي۔ سنڌ جي ٽاپ سرڪيليشن وارن اخبارن به هن جي تحريرن کي ميرٽ تي کنيو۔ آئون ته سندس هن سفر ۾ بچپن جو ساڀي ۽ گواهه آهيان۔ پر اردو جو هڪ شعر آهي ته

    عشقِ بُتان، فکرِ معاش، غمِ روزگار
    اِس ڇوٽي سي عمر ۾ ڪيا ڪيا ڪرين؟
    سو وقت جي وهڪري ۾ هو هن ڪم کان ٿورو پاسير ٿي ويو آهي پر هن جي قلم توڙي آڳرين اڄ به اهو جادو آهي جو پني تي يا ڪمپيوتر جي پئڊ تي رواني سان ڪو چِٽ چِٽي وڃن ته واهه جي سانڍي رکڻ جهڙو مواد اچيو وڃي۔
     
  5. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    يونس ملڪاڻي ته ٽاڪوڙا مچايا آهن ، سندس ليک وقتائتو آهي ، اهڙا ليک ته اهڙين اخبارن ۾ هجن جنهن کي گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان ليول تي سڀ پڙهندا هجن جهڙوڪ Dawn وغيره۔ تاڪِ مٿي ويٺلن جون به اکيون کُلن ۔
     
  6. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    ٻيلي مونکي ته ماڳهين ڦڪائي پئي ٿئي، ايتري واکاڻ ڪڏهن ڪڏهن ماريو وجهي بابو ڪريانئو ائين صفا ماريو نه، باقي لکڻ جو ٻرو لهي ته لکان نه،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    ادا حقيقت کي مڃڻ گهرجي ،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو