يونس ملڪاڻي
سينيئر رڪن
سياست ۾ بي حيائي، بي شرمائي ۽ بي وفائي هلندي رهندي آهي، اڪثر طور ٿي اها ئي پارٽي يا سياستدان ڪامياب رهندو آهي جنهن ۾ اهي گڻ يا اوگڻ گهڻا هجن. هتي اهو چوڻ مناسب ته ناهي ڇوته نه آئون سياسي نقاد آهيان ۽ نه ئي هو اڱڻ ڪو سياسي پليٽ فارم آهي پر هڪ عام شهري جي حيِثيت سان اهو سمجهون پيا ته اسان جي وڏن ادڙن ۾ اهي گڻ يا اوگڻ شايد سياسي سوفٽ ويئر انجنيئر بتدريج وڌيڪ وڌا آهن. ان لاءِ ئي ڪالهه تائين عدالتي فيصلي تي اخلاقي قدرن جي طنز ڀري نصحيت ڪرڻ وارا اڄ ڪيڏي نه نڪ جي پڪائي ڪندي هڪ نه ٻي اڙي پيا ڪن، اصغر خان ڪيس جيڪو حقيقت ۾ چُوري کائيندڙن جي لاءِ “اجگر ڪيس” بڻجي کين ڳڙڪائڻ لاءِ آتو نظر پيو اچي ان ۾ حقيقت ڪيتري آهي اهو فيصلو ته ظاهر آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ايف آءِ اي جي تحقيق مان ئي نڪرندو پر اسان جا وڏا ادا ايف آءِ اي کان تحقيق ڪرائڻ کان ائين پيا ڀڄن جيئن گنجو ڀڄي پاڪيءَ کان!! منهنجي خيال ۾ مون حبيب بيئڪ اسڪينڊل ۾ هڪ روپيو به ناهي ورتو ۽ ان جي ڀلي ڪو انڌو به اچي تحقيق ڪري مون تي ان جو فرق ڪونه پوندو، ائين وڏن ادڙن کي به پريشان نه ٿيڻ گهرجي جيڪر اهي ڪرپٽ ۽ 1990 ۾ اسٽيبلشمينٽ جي دلال نه هئا ته انهن خلاف تحقيق ڀلي ايف آءِ اي ڪري يا اسڪواٽ يارڊلينڊ ڪري انهن تي ته ڪوبه فرق نه پوندو. پر ادڙن لاءِ ڪڙو سچ اهو آهي ته انهن کي خبر آهي ته تازو انهن جيڪا گنج جي مرمت ڪرائي جواني واري وگ پاتي آهي اهي پيسا به قوم جا آهن ۽ هاڻي پٽڪو ته ڌوڙ ٿيئي ئي ٿيئي پر اها وگ به متان پٽجي نه وڃي ان لاءِ ئي اچي ٽاڪوڙو مچايو اٿن ته سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي کان جانچ ڪرائي اسان سان وڏي بيواجبي پئي ڪري !!! هنن جو خيال هو ته جيئن اليڪشن ڪمنشنر جي مقرري مهل حڪومت هنن هٿان بليڪ ميل ٿي ۽ سپريم ڪورٽ آڏو مجبور ٿي هنن جي مرضي جو الڪيشن ڪمشنر مقرر ڪرايو ( جيڪو اڄ سندن ان احسان جو حق اهو چئي ادا پيو ڪري ته “پراني گلان تي مٽي پائو اسي ڪسي دي خلاف ڪوئي ڪارروائي نئين ڪران گي ”.) ائين هاڻي هو سپريم ڪورٽ تي اهو دٻاءُ پيا وجهن ته سندن خلاف تحقيقات ڪرڻ لاءِ ادڙن جو ئي منتخب ڪيل ادارو يا ڪاميٽي مقرر ڪريو. ۽ شايد اهو ٿي به وڃي ڇوته ادا وڏا اسان وارن همراهن کان وڌيڪ ادڙن کي پسند آهن ۽ اسان وارا همراهه هميشه حُبِ حُسين ۾ نه سهي پر بغضِ يزيد ۾ هميشه پريشان ٿيندا رهيا آهيون.
هتي پاڻ وارن همراهن جي لاءِ سڀ کان وڏو ڪم ميڊيا مهم هلائڻ آهي هن وقت ٽي وي اينڪرز صفا بتال نظر پيا اچن ڇوته انهن جي فيوريٽ جماعت جيڪا انهن لاءِ “لالا جي” هئي ۽ کوٽ سوٽ ۾ مدد ڪندي هئي اها پوئتي پئي ڌڪجي هن مهل ڪا اهڙي ٽيم تيار ڪجي جيڪا گهٽ ۾ گهٽ بڇڙو ڪرڻ ۾ ماهر هجي، ڀلي ادا زور ٿين پر گهٽ ۾ گهٽ کين بڇڙو ڪرڻ ۾ ته وسان نه گهٽايو باقي بهرحال نڪ جا ڏاڍا برابر اٿئو.
هتي پاڻ وارن همراهن جي لاءِ سڀ کان وڏو ڪم ميڊيا مهم هلائڻ آهي هن وقت ٽي وي اينڪرز صفا بتال نظر پيا اچن ڇوته انهن جي فيوريٽ جماعت جيڪا انهن لاءِ “لالا جي” هئي ۽ کوٽ سوٽ ۾ مدد ڪندي هئي اها پوئتي پئي ڌڪجي هن مهل ڪا اهڙي ٽيم تيار ڪجي جيڪا گهٽ ۾ گهٽ بڇڙو ڪرڻ ۾ ماهر هجي، ڀلي ادا زور ٿين پر گهٽ ۾ گهٽ کين بڇڙو ڪرڻ ۾ ته وسان نه گهٽايو باقي بهرحال نڪ جا ڏاڍا برابر اٿئو.