زاهد سومرو
سينيئر رڪن
بشير خان قريشي
سنڌ ڌرتي سان ٿيندڙ نا انصافين خلاف جدوجهد ڪندڙ. قومپرست سياست کي عبادت سمجهندڙ نئين نسل جي رهنمائي ڪندڙ سياستدان محترم بشير خان قريشي ولد غلام مرتضى قريشي تاريخ 10 آگسٽ 1959ع تي موٽڻ پور محلي رتيديري شهر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. سال 1969ع ۾ 5 درجا سنڌي اول پرائمري اسڪول رتيديري مان پاس ڪيائين. جڏهن ته سال 1974ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتوديري مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد سي اينڊس ڪاليج شڪارپور ۾ داخلا ورتائين. انٽر سائنس امتحان پاس ڪري زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ سال 1978ع ۾ داخل ٿيو. پر هتي سال 1981ع ۾ کيس هڪ سال لاءِ رسٽيڪٽ ڪيو ويو.
مسٽر بشير خان قريشي پنهنجي سياسي ڪيريئر جو آغاز شاگرد سياست کان ڪيو ۽ سال 1978ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) ۾ شموليت اختيار ڪيائين. هو صاحب تنظيم م انتهائي خلوص سان سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ سياست کي فروغ ڏيڻ لاءِ بنا ڪنهن عهدي جي ڪم شروع ڪيو. ٿوري عرصي ۾ قريشي صاحب جي سچائي محنت ۽ عمل کيس جساف جي مرڪزي اڳواڻن جي فهرست ۾ شامل ڪرايو. اهڙي طرح هن سڄي سنڌ جي دور دراز ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڪارڪنن ۽ رهنمائن سان رابطه مهم شروع ڪري منجهن حوصلو ۽ همت پيدا ڪئي. جوش، جذبو وڌايو، تنظيم ۾ شامل ورڪرن کي مسٽر بشير خان جي محنت سادگي ۽ نظريي سان محبت گهڻو متاثر ڪيو ۽ جساف وڌيڪ قوت سان ميدان عمل ۾ نروار ٿي. جساف جي هر احتجاج، جلسي، جلوس ۽ جدوجهد ۾ بنا ڪنهن عهدي جي ذميواري نڀائيند بشير خان سرواڻي ڪندي نظر آيو. هر سياسي محاذ تي جنگ جوٽيائين. مقصد خاطر مورچو سنڀاليائين. هن بي لوث شخصيت جي جهاد کيس جساف ۾ هڪ هيرو بڻائي ڇڏيو.
کيس 1980ع ۾ ٽنڊي ڄام جساف جو صدر چونڊيو ويو. سال 1982ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي نائب صدر ٿيو. پوءِ سال 1983ع کان 1985ع تائين زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو صدر به رهيو. اهڙيطرح سال 1986ع ۾ جساف سنڌ جو مرڪزي صدر مقرر ٿيو. جتي لڳاتار ٽي دفعا بحيثيت صدر جساف سنڌ سال 1988ع تائين وڏي جوش ۽ جذبي سان ڪم ڪيائين. وري 1990ع ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جو مرڪزي صدر به رهيو. سال 1995ع ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جو قيام عمل ۾ آيو انوقت پاڻ جيل ۾ هيو تنهن هوندي به کيس ڊپٽي ڪنوينر چونڊيو ويو. سال 1996 ۾ قومي محاذ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو. جڏهن ته 1998ع کان جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين هئڻ جو اعزاز به حاصل ڪيائين.
مسٽر بشير خان جو جهڙي طرح قومپرست سياست ۾ ڀرپور ڪردار رهيو آهي اهڙي طرح وري جيل ۾ به رهڻ جو شاندار رڪارڊ قائم ڪيو اٿس. سڀ کان پهريان 1978ع ۾ ٽنڊو ڄام پوليس کيس پندرنهن ڏينهن گرفتار ڪيو. 1980ع ۾ لاڙڪاڻو پوليس گرفتار ڪري جيل ياترا ڪرائي. هاڻ سندس زندگي ۾ ريل ۽ جيل واري راند شروع ٿي چڪي هئي. قريشي صاحب جي زندگي ۾ هڪ اهم موڙ 17 آگسٽ 1984ع تي ٿيندڙ ٽوڙهي ڦاٽڪ جو واقعو هو جنهن ۾ جساف جا گهڻا اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا. هن واقعي بعد پاڻ ذميواريون سنڀاليندي هڪ طرف تنظيم کي وڌيڪ مظبوط ڪرڻ ٻئي طرف ورڪرن سان رابطو ۽ پوءِ گرفتار ساٿين جي آزادي لاءِ مارشل لا سرڪار خلاف ڀرپور جدوجهد شروع ڪيائين. پر ڪجهه عرصي بعد تاريخ 15 جنوري 1985ع تي رتو ديرو ۾ گرفتار ڪيو ويو. مٿس مختلف ٿاڻن تي ٽارچر ڪرڻ کانپوءِ ڪيترو عرصو حيدرآباد جيل ”بند وارڊ“ ۾ قيد رکيو ويو. جيل اندر ملٽري ڪورٽ پاران ٻن ڪيسن ۾ هڪ هڪ سال سزا کان علاوه ڏهه ڪوڙا پڻ لڳايا ويا. آخر آگسٽ 1986ع ۾ آزادي مليس. وري حيدرآباد ڪراچي ۾ سنڌي مهاجر فسادن دوران هن کي 11 آگسٽ 1988ع تي گرفتار ڪري 18 مهينن لاءِ قيد جي زندان ۾ رکيو ويو جتان ڊسمبر 1989ع ۾ رهائي ماڻيائين. تنهن بعد تاريخ 2 جنوري 1994ع تي وري پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ گرفتار ٿيو ۽ ٻن سالن کان وڌيڪ عرصو قيد جي ڪوٺڙين ۾ گذارڻ بعد نومبر 1996ع ۾ آزاد دنيا جي هوائن ۽ سج چنڊ کي ڏسڻ نصيب ٿيس. آخري دفعو 17 جنوري 1999ع تي سائين جي ايم سيد جي سالگره ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ رستي ۾ گرفتار ٿيو ۽ اٽڪل 11 مهينن بعد سنڌ ۾ سندس آزادي لاءِ هلايل جدوجهد جي نتيجي ۾ نومبر 1999ع ۾ آزادي مليس.
مسٽر قريشي هن وقت اٽڪل ڇهه سال سنڌ جي مختلف جيلن ۾ اذيتون برداشت ڪيون آهن. پنهنجي جواني جا خوبصورت ڏينهن راتيون هڪ وڏي مقصد لاءِ قيد ۾ گهاريون آهن.
سندس ٻيو گهر هاڻ سنڌ جا جيل بڻجي ويا آهن.
مسٽر بشير خان سنڌ جي قومي مسئلن تي هر دور ۾ سنڌين جي اڳواڻي ڪئي آهي. پوءِ چاهي پنو عاقل فوجي ڇانوڻي هجي يا ڪو ٻيو قومي مسئلو هجي. هو حق سچ جو نعرو بلند ڪيو پيو اچي. جدوجهد ڪندو جبل جهاڳيندو، ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريندو، وير پراڻا واريندو وڌنڌو رهي ٿو . منزل ماڻڻ لاءِ قدم قدم قرباني ڏئي پيو. هر تحريڪ خاص طرح حڪومت پاران ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ واري اعلان خلاف سندس قيادت ۾ سڄي سنڌ ۾ عظيم الشان لانگ مارچ جلسا ۽ جلوس منعقد ڪيا ويا. تاريخ 27 جولائي 1998ع سڪرنڊ، 6 سيپٽمبر موري، خيرپور ميرس، 10 آگسٽ شهيد ڪمون کان علاوه 12 جولائي 1998ع تي حيدرآباد ۽ 30 جون 1998ع تي گورنر هائوس ڪراچي اڳيان احتجاجي مظاهرا ڪري سنڌ جي عوام جو آواز ايوانن تائين پهچايو. قريشي صاحب کي سال 1998ع ۾ شهري اتحاد رتو ديرو جو سرپرست پڻ چونڊيو ويو.
هن جوان جو هڪ ڪتاب ”جاڳيا جنگ جوان“ سال 1989ع ۾ شايع ٿيو آهي. جيڪو سندس تقريرن تي مشتمل مجموعو آهي. مسٽر قريشي کي سال 1997ع ۾ جي ايم سيد نيشنل ايوارڊ پڻ مليو. زندگي ۾ صرف ٻه مشغلا اٿس هڪ جيل ۾ رهڻ دوران ڪچهريون ۽ ٻيو ٻاهر رهڻ وقت سياست ڪرڻ.
هي قومي سياستدان قول ۽ فعل جو سچو جيڪو چوندو سو ڪندو. تقريرن ۾ لفظن وسيلي جادو جاڳائڻ نه پر صاف سٿري سڌي ڳالهه ڪندو . ڌارين لاءِ اک ۾ ڪنڊو ته پنهنجن لاءِ ماکي کان مٺو. سائين جي ايم سيد جي شخصيت ۾ نظرئي جو سچو سپاهي ۽ عاشق آهي. ڊاڙ ٻٽاڪ کان ڪوهين ڏور. باعمل سياستدان آهي. عام رواجي سياستدانن وانگر ڪونهي، ڪابه انا يا وڏائي ڪونه رکي. عام ڪارڪنن کي پنهنجي ڀائرن وانگر پيار ۽ عزت ڏيندڙ. پاڻ به هڪ عام ڪارڪن وارا گڻ ۽ سڀاءُ رکندو آهي. اعلى ڪرادار، ماٺيڻي طبيعت ۽ نوڙت کيس هر هنڌ مقبول بڻايو آهي.
سندس بهادري ۽ دليري پڻ سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. آزادي جي تحريڪن ۾ جتي عقل کٽي اتان عشق ڦٽي وارو مثال بشير خان صاحب سان ٺهڪي ٿو. هو ان واٽ جو پانڌيئڙو آهي جنهن تي هلندڙ انقلابين کي وقت جا حاڪم قيد ڪريو ڇڏين. قريشي صاحب دولهه دريا خان، هيمون ڪالاڻي، هوش محمد شيدي جي ٻڌايل راهه جو راهي آهي. ۽ انهن جي روايتن کي زندهه رکندي هميشه اڳئين مورچي تان بيهي وڙهڻ کي ترجيح ڏني آهي. تاريخ عمل سان ٺهندي آهي ۽ بشير خان جو هر دفعي جيل وڃڻ به ان عمل جو حصو آهي.
هن صاحب ڊسمبر 1984ع ۾ شادي ڪئي. کيس اولاد ۾ هڪ پٽ صنعان ۽ پنج نياڻيون آهن. سندس پٽ جو نالو محترم سائين جي ايم سيد تجويز ڪيو آهي........
ورتل ڪتاب لاڙڪاڻو امر شخصيتون ليکڪ عبدالستار ڀٽي