ڪٿي قرباني ڪري پنهنجا گناهه ته نه پيا وڌايو!!!؟؟؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2012۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    قرباني جو آفاقي حڪم جنهن ڪارڻ ڏنو ويو هو اهو شايد هاڻي لائبريرين جي انهن ڪٻٺن ۾ ملندو جن مان ڪتاب کڻڻ وارا ته هڪ پاسي پر انهن مٿان لٽ ۽ دز صاف ڪرڻ وارو به ورلي ويندو هوندو، گهڻن کي ته اهو ڪارڻ يا مقصد شايد ياد ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي ثواب ۽ پالڻهار کي راضي ڪرڻ هاڻي ثانوي حيثيت ۾ ويا هليا آهن گهڻو ڪري ته قرباني جو ڍور وٺبو ئي اها نيت ڪري آهي ته فلاڻو وٺي آيو آهي هاڻي عزت ان ۾ آهي ته ان جي ڍور کان طاقت وارو ۽ ڀلو ڍور مون وٽ به هجي نه ته ماڻهو ڇا چوندا؟ ۽ هڪ مقصد زال جو اهو مهڻو به هوندو آهي ته “ زليخان وارن وٽ پئسو ڪونه هو ته به انهن ٻڪر ورتو آهي ٻار روز انهن جي در تي وڃي ٻڪر ڏسي ايندا آهن پاڻ کي ٻيو نه ته ٻارن جي خوشي خاطر ته ٻڪر لازمي وٺڻ گهرجي!! آئون قطعي اهو مڃڻ لاءِ تيار ناهيان ته ڪو اڄ جو مسلمان پنهنجي پالڻهار جي رضا لاءِ هي فريضو ادا ڪندو آهي رڳو ڏيکاءُ ۽ پاڻ پڏائڻ لاءِ وڏا وڏا جانور وٺي پنهنجو من راضي ڪري ماڻهن کي اهو محسوس ڪرائجي ٿو ته اسان به مسلمان آهيون ۽ قرباني هر سال ڪندا آهيون!! يار اهو گهٽ ۾ گهٽ ٻيو نه ته پنهنجو پاڻ سان ئي پر، ظلم ناهي ته هن هيڏي وڏي فرض ۽ فلسفي کي فقط هڪ عام رواجي رسم کان وڌيڪ ڪا حيثيت ئي ناهي!!! الله جي ڪهڙي ڪتاب ۾ ائين قرباني ڪرڻ جو درس ڏنل آهي؟ رڳو ڌنڌي باز مُلن جي ڳالهين ۾ اچي اسان پنهنجي دين سان وڏو ظلم ڪريو ويـٺا آهيون، قرباني جو مقصد قطعي اهو ناهي ته ڪٿان به ڪري مري جُهري ڍور وٺجي ۽ ان کي ذبح ڪري ان جو گوشت سنگت ساٿ ۾ ورهائي اهو ثابت ڪجي ته اسان به قرباني ڪئي آهي. دل تي هٿ رکي ٻڌايو ته ائين آه يا نه؟ قرباني جو مقصد ئي پنهنجو انا نفس ۽ خودي کي ماري ناس ڪري اهو ثابت ڪرڻو آهي ته هر ڪنهن کي اڳتي هلڻو آهي قرباني جو درس ئي سادگي ۽ نوڙت آهي نه ڪي ڏيکاءُ ڪرڻ.
    قرباني جو گوشت انهن کي ڏيڻ گهرجي جيڪي قرباني جي گوشت کان سواءِ گوشت خريد ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن، اسان گوشت هڪ ٻئي جي گهر ۾ موڪلي انهن جو حق کائيندا آهيون جيڪو سڌو سنئون گناهه آهي ٿورو تصور ڪريو ته اسان جانور الله جي نالي تي قربان ڪندا آهيون اها نيت ئي ڪافي آهي ته هي جانور الله جي راهه ۾ پيش ڪريون ٿا ان نيت سان اهو جانور اسان جو نه رهيو بلڪه اهو جانور الله جي اسان وٽ امانت آهي جنهن جو گوشت ايمانداري سان الله جي مقرر ڪيل ماپي مطابق حقدارن تائين پهچائڻ اسان جو فرض آهي حلوي خور ملان ڀلي ڪهڙو به فتوا ڏين پر هر ڪنهن کي الله سمجهڻ جي سگھه ڏني آهي رڳو ايترو سوچيو ته ڇا اهو گوشت اسان پاران سنگت ساٿ ۾ ورهائڻ جائز عمل آهي جڏهن ته اهو جانور الله جي اسان وٽ امانت آهي ۽ الله اها امانت حقدارن تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي. منهنجي ناقص خيال موجب اگر اسان جو قرباني ڪرڻ جو مقصد الله کي راضي ڪرڻ آهي ته قرباني لاءِ الله جا مقرر ڪيل قاعدا ۽ قانون اختيار ڪرڻا پوندا، جيڪڏهن اسان هڪ ٻئي کي ڏسي جانور خريد ڪريون ٿا ۽ انهن جي قرباني ڪريون ٿا ته پوءِ اها الله جي حڪم ڪيل قرباني ناهي بلڪه اها اوهان جي طرفان گوشت ورهائڻ جي سالياني رسم آهي جيڪا اوهان هر سال ادا ڪندا آهيون.
    ناراض نه ٿجو، باقي عرض فقط ايترو آهي ته اڄ ڪلهه جيڪا قرباني ٿيندي آهي ان جي الله کي ته ڪابه لاچار ئي ناهي، پالڻهار جو ارشاد آهي ته مون وٽ اوهان جو گوشت ۽ جانور ناهن پهچندا آئون ته اوهان جي نيت ڏسندو آهيان. اسان سڄو سال گوشت کائيندا آهيون، پارٽيون ڪندا آهيون، گهرن ۾ عيد ڏينهن ٻه چار سئو جو گوشت بازار مان خريد ڪرڻ ۾ هرج ناهي، يا وري سنگت کي ڏيڻ لاءِ کڻي هڪ الڳ جانور ( جيڪو سنگت کي گوشت ڏيڻ جي نيت سان خريد ڪيو وڃي) خريد ڪجي باقي قرباني جي نيڪ مقصد لاءِ جانور خريد ڪري ان جو گوشت حقدارن بجاءِ پاڻ ۽ پنهنجي سنگت کي ڏيڻ صحيح نٿو لڳي، ان کان بچو نه ته اها قرباني ثواب ۽ ڇوٽڪاري بجاءِ ماڳهين اوهان جي گناهن ۾ اضافو ٿي ڪري ۽ اسان گهر جا پيسا ڀري گناهه خريد پيا ڪريون.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين سچ پيا چئو۔
    وسلام
     
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    [quote="يونس ملڪاڻي, post: 112514, member: 1527"آئون قطعي اهو مڃڻ لاءِ تيار ناهيان ته ڪو اڄ جو مسلمان پنهنجي پالڻهار جي رضا لاءِ هي فريضو ادا ڪندو آهي رڳو ڏيکاءُ ۽ پاڻ پڏائڻ لاءِ وڏا وڏا جانور وٺي پنهنجو من راضي ڪري ماڻهن کي اهو محسوس ڪرائجي ٿو ته اسان به مسلمان آهيون ۽ قرباني هر سال ڪندا آهيون!! .[/quote]

    محترم ادا يونس ڀائو ايئن هر گز ناهي جيئن اوهان سمجهو ٿا ، مان مڃان ٿو ته اهڙا ماڻهون دنيا ۾ هڪ نه پر کوڙ آهن ، پر انجو مطلب اهو ناهي ته اڄ جو هر هڪ مسلمان رڳو ڏيکا خاطر قرباني ڪندو هجي ، اوهان ڀلي نه مڃو ، مگر حقيقت اها آهي ته الله جا نيڪ ٻانها دنيا ۾ موجود آهن ، جن جو اصل مقصد الله پاڪ جي رضا آهي
     
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا قرباني جو گوشت اوهان پاڻ به کائي سگهو ٿا ، سنگت ساٿ ۽ مٽن مائٽن کي به کارائي سگهو ٿا ، هن گوشت جا ٽي حصا ڪريو هڪ حصو غريبن ۽ مسڪينن ۾ به ضرور ورهايو
     
  5. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    ادا اهڙا کوڙ مسلمان هوندا جيڪي الله جا نيڪ ٻانها آهن پر مون اڪثريت جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي ڏيکا خاطر قرباني ڪري گوشت ورهائيندا آهن۔
     
  6. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    عبدالغني لوهار جن جي نشاندهي پنهنجي ڄڳهه تي صحيح آهي ته راءِ عامه نه ڏجي۔ سو يونس وضاحت ڪئي آهي۔ توڙي جو نيت جي خبر الله جي ذات کي آهي پر هن مهل تائين مون پنهنجي قريب جيڪي به ماڻهو ڏٺا آهن سي هلندڙ معاشي تنگي جو شڪار آهن ۽ قرباني جي جانور وٺڻ (جنهن جا محرڪ يونس مٿي لکيا آهن) جي هڙا وڙان خرچ ڪري به ڪوشش ڪندا رهيا آهن۔ ۽ پنهنجا ضروري ڪم پوئتي ڪري به سٺو جانور وٺڻ ۾ ڪاميابي ڪئي اٿن۔

    باقي ورهاست ته هڪ وڏو عمل آهي جنهن تي شايد ئي صحيح سان عمل ٿيندو هجي
     
  7. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ابا قرباني الله کي راضي ڪرڻ لاء ڪيو يا ڏيکاء لاء ڪيو جنهن لاء به ڪيو مون کي ان سان ڪو بحث ناهي اهو ته انسان جي نيت تي موقوف آهي ۽ نيتون ڄاڻڻ وارو رب آهي مان ڪجه نٿو چئي سگهان پر اوهان جي ٻڪر ڪڪڙ يا ڪو پاڏو ڪهو ته مون کي گوشت ضرور موڪلجو ابا مان ته پهنجي پيٽ شريف کي راضي ڪرڻ لاء کائيندس۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وري وري پڙهيم ۔۔۔۔ سوچيم ڪجهه لکان پر وري قلم کي بند ڪرڻو پيو ۔۔۔۔ ڇو ته منهنجو لکڻ مطلب ته موضوع جو رخ ئي بدلجي ويندو ۔۔۔

    خير ۔۔۔گهڻيون ڳالهيون سچيون ۽ کريون آهن، اصل دل وٽان ۔۔۔ پر پوء به اڃان ڪي آهن ، جيڪي پاڻ نه کائي به ٻين لاء قرباني ڪن ٿا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو