يونس ملڪاڻي
سينيئر رڪن
قرباني جو آفاقي حڪم جنهن ڪارڻ ڏنو ويو هو اهو شايد هاڻي لائبريرين جي انهن ڪٻٺن ۾ ملندو جن مان ڪتاب کڻڻ وارا ته هڪ پاسي پر انهن مٿان لٽ ۽ دز صاف ڪرڻ وارو به ورلي ويندو هوندو، گهڻن کي ته اهو ڪارڻ يا مقصد شايد ياد ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي ثواب ۽ پالڻهار کي راضي ڪرڻ هاڻي ثانوي حيثيت ۾ ويا هليا آهن گهڻو ڪري ته قرباني جو ڍور وٺبو ئي اها نيت ڪري آهي ته فلاڻو وٺي آيو آهي هاڻي عزت ان ۾ آهي ته ان جي ڍور کان طاقت وارو ۽ ڀلو ڍور مون وٽ به هجي نه ته ماڻهو ڇا چوندا؟ ۽ هڪ مقصد زال جو اهو مهڻو به هوندو آهي ته “ زليخان وارن وٽ پئسو ڪونه هو ته به انهن ٻڪر ورتو آهي ٻار روز انهن جي در تي وڃي ٻڪر ڏسي ايندا آهن پاڻ کي ٻيو نه ته ٻارن جي خوشي خاطر ته ٻڪر لازمي وٺڻ گهرجي!! آئون قطعي اهو مڃڻ لاءِ تيار ناهيان ته ڪو اڄ جو مسلمان پنهنجي پالڻهار جي رضا لاءِ هي فريضو ادا ڪندو آهي رڳو ڏيکاءُ ۽ پاڻ پڏائڻ لاءِ وڏا وڏا جانور وٺي پنهنجو من راضي ڪري ماڻهن کي اهو محسوس ڪرائجي ٿو ته اسان به مسلمان آهيون ۽ قرباني هر سال ڪندا آهيون!! يار اهو گهٽ ۾ گهٽ ٻيو نه ته پنهنجو پاڻ سان ئي پر، ظلم ناهي ته هن هيڏي وڏي فرض ۽ فلسفي کي فقط هڪ عام رواجي رسم کان وڌيڪ ڪا حيثيت ئي ناهي!!! الله جي ڪهڙي ڪتاب ۾ ائين قرباني ڪرڻ جو درس ڏنل آهي؟ رڳو ڌنڌي باز مُلن جي ڳالهين ۾ اچي اسان پنهنجي دين سان وڏو ظلم ڪريو ويـٺا آهيون، قرباني جو مقصد قطعي اهو ناهي ته ڪٿان به ڪري مري جُهري ڍور وٺجي ۽ ان کي ذبح ڪري ان جو گوشت سنگت ساٿ ۾ ورهائي اهو ثابت ڪجي ته اسان به قرباني ڪئي آهي. دل تي هٿ رکي ٻڌايو ته ائين آه يا نه؟ قرباني جو مقصد ئي پنهنجو انا نفس ۽ خودي کي ماري ناس ڪري اهو ثابت ڪرڻو آهي ته هر ڪنهن کي اڳتي هلڻو آهي قرباني جو درس ئي سادگي ۽ نوڙت آهي نه ڪي ڏيکاءُ ڪرڻ.
قرباني جو گوشت انهن کي ڏيڻ گهرجي جيڪي قرباني جي گوشت کان سواءِ گوشت خريد ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن، اسان گوشت هڪ ٻئي جي گهر ۾ موڪلي انهن جو حق کائيندا آهيون جيڪو سڌو سنئون گناهه آهي ٿورو تصور ڪريو ته اسان جانور الله جي نالي تي قربان ڪندا آهيون اها نيت ئي ڪافي آهي ته هي جانور الله جي راهه ۾ پيش ڪريون ٿا ان نيت سان اهو جانور اسان جو نه رهيو بلڪه اهو جانور الله جي اسان وٽ امانت آهي جنهن جو گوشت ايمانداري سان الله جي مقرر ڪيل ماپي مطابق حقدارن تائين پهچائڻ اسان جو فرض آهي حلوي خور ملان ڀلي ڪهڙو به فتوا ڏين پر هر ڪنهن کي الله سمجهڻ جي سگھه ڏني آهي رڳو ايترو سوچيو ته ڇا اهو گوشت اسان پاران سنگت ساٿ ۾ ورهائڻ جائز عمل آهي جڏهن ته اهو جانور الله جي اسان وٽ امانت آهي ۽ الله اها امانت حقدارن تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي. منهنجي ناقص خيال موجب اگر اسان جو قرباني ڪرڻ جو مقصد الله کي راضي ڪرڻ آهي ته قرباني لاءِ الله جا مقرر ڪيل قاعدا ۽ قانون اختيار ڪرڻا پوندا، جيڪڏهن اسان هڪ ٻئي کي ڏسي جانور خريد ڪريون ٿا ۽ انهن جي قرباني ڪريون ٿا ته پوءِ اها الله جي حڪم ڪيل قرباني ناهي بلڪه اها اوهان جي طرفان گوشت ورهائڻ جي سالياني رسم آهي جيڪا اوهان هر سال ادا ڪندا آهيون.
ناراض نه ٿجو، باقي عرض فقط ايترو آهي ته اڄ ڪلهه جيڪا قرباني ٿيندي آهي ان جي الله کي ته ڪابه لاچار ئي ناهي، پالڻهار جو ارشاد آهي ته مون وٽ اوهان جو گوشت ۽ جانور ناهن پهچندا آئون ته اوهان جي نيت ڏسندو آهيان. اسان سڄو سال گوشت کائيندا آهيون، پارٽيون ڪندا آهيون، گهرن ۾ عيد ڏينهن ٻه چار سئو جو گوشت بازار مان خريد ڪرڻ ۾ هرج ناهي، يا وري سنگت کي ڏيڻ لاءِ کڻي هڪ الڳ جانور ( جيڪو سنگت کي گوشت ڏيڻ جي نيت سان خريد ڪيو وڃي) خريد ڪجي باقي قرباني جي نيڪ مقصد لاءِ جانور خريد ڪري ان جو گوشت حقدارن بجاءِ پاڻ ۽ پنهنجي سنگت کي ڏيڻ صحيح نٿو لڳي، ان کان بچو نه ته اها قرباني ثواب ۽ ڇوٽڪاري بجاءِ ماڳهين اوهان جي گناهن ۾ اضافو ٿي ڪري ۽ اسان گهر جا پيسا ڀري گناهه خريد پيا ڪريون.