ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جي پهرئين ڀاڱي جو جائزو

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب
    ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جي
    پهرئين ڀاڱي جو جائزو
    رياضت ٻرڙو

    ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جن موضوعن تي تحقيقي نُڪتي نظر کان لکيو، تن مان هڪ ”انسائيڪلوپيڊيا“ ۽ ٻيو ”اصطلاحسازي“ پڻ آهن. انهن ٻنهي موضوعن تي هن سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي لحاظ کان پنهنجا خيال ۽ خواب ۽ تعبير جو طريقيڪار پيش ڪيو آهي. ٻنهي موضوعن تي ڊاڪٽر محبت مختلف وقتن تي ننڍا وڏا مقالا ۽ مضمون لکيا جيڪي سندس وفات جي هڪ سال کان پوءِ اپريل 1998ع ۾ سندس پهرين ورسيءَ جي موقعي تي ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر“ پاران ڇپرايل پهرين ڪتاب طور ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جي نالي سان، هڪ ڪتاب ۾ گڏ ڇپيا. اهي مضمون مون پنهنجي ترتيب ۽ سهيڙ سان پيش ڪيا.
    ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو هي ڪتاب ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پهرين ڀاڱي ۾ انسائيڪلوپيڊيا جو تعارف ۽ ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جوڙڻ/مرتب ڪرڻ بابت طريقيڪار واضح ڪيل آهي ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي گھڙتِ ۽ سائنسي ۽ فني اصطلاحسازيءَ تي بحث ڪيل ۽ هڪ واٽَ ڏسيل آهي، جنهن تي هَلي ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ جوڙڻ لاءِ سائنسي ۽ فني توڙي ٻِي ضروري اصطلاحسازي ڪري سگھجي ٿي.
    پهرين ڀاڱي جو مکيه مضمون ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ــــــ ٿوري ڄاڻ سڃاڻ“ آهي جيڪو هنن 12- ننڍن عنوانن تي مشتمل آهي:
    (1) انساني سمجھه،
    (2) ٻولي،
    (3) لکيت،
    (4) انسائيڪلوپيڊيا،
    (5) انسائيڪلوپيڊيا جي ٿوري تاريخ،
    (6) سنڌ جو ماضي،
    (7) سِنڌ جو حال،
    (8) اسان جو فرض،
    (9) انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا/سنڌي مها ٻولَسُڌ،
    (10) هڪ اداري جي گھرج،
    (11) سنڌي مها ٻولَسُڌ جو ابتدائي ڪم، ۽
    (12) ايڪيهين صديءَ جي آجيان.
    ”انساني سمجھه“ ۾ ڊاڪٽر محبت قدرت کي هر هڪ ساهواري جي ماءُ ڪوٺي ٿو ۽ ماڻهوءَ جي اوائلي استاد کي پورهيو چئي ٿو، جنهن سمجھه ڏني آهي جيڪا ماڻهوءَ- جھڙي-ساهواري کي انساني سماج ۾ وٺي آئي. ڊاڪٽر محبت ان ماڻهوءَ-سمجھه جو هڪ اهڃاڻُ، هڪ روپ ماڻهن جي جوڙيل ۽ خلقيل پٿر جي اوزارن، ٿانوَن ۽ گھرن جي صورت ۾، ته ٻيو روپ سوچن جي ”ڌاتوئي“ خول ٻوليءَ کي ڄاڻائي ٿو. اهڙو اظهار هو ”ٻولي“ واري ننڍي عنوان ۾ ڪري ٿو. ”ڌاتوئي“ معنيٰ ”ڌاتِ جو/ڌاتِ وارو“ يعني ايليمينٽل (Elemental).
    سوچن جي ”ڌاتوئي“ خول مان مراد سوچن جي اظهار جي آواز واري باترتيب ذريعي ٻوليءَ جِي بنيادي ۽ پيڙهيءَ واري پختگي آهي، جنهن کي سولائيءَ سان ٽوڙي نه ٿو سگھجي ۽ جنهن کي پنهنجن قاعدن ۽ قانونن جو هڪ مضبوط سرشتو آهي، جنهن پٽاندر ٻولي وَڌي ويجھي ۽ طاقتور ٿئي ٿي. ڊاڪٽر محبت ٻڌائي ٿو ته ”جيڪي ڪروڙين ساهوار ڪو به واڪو (آواز يا لفظ) اچاري نه ٿا سگھن، اهي رڳو رنگن ۽ ڳنڌِن (’سڳنڌِن‘ ۽ ’ڪڳنڌِن‘) جي ’ٻولي‘ سمجھن ٿا.“ هن جملي ۾ لفظ ’ڳنڌ‘ تي به ڌيان ڏيڻ جي گھرج آهي. اسان رڳو ’سڳنڌ‘ ئي بمعنيٰ ’خوشبوءِ‘ ڳالهائيندا آهيون پر ’بدبوءِ‘ بدران ’ڪڳنڌ‘ ۽ ’بوءِ‘ بدران ’ڳنڌِ‘ کي اوپرو ڪري يا وساري ڇڏيو آهي يا مورڳو خيال ئي نه ڪيو آهي. جيئن اهو هڪ وڏو الميو آهي ته سنڌ جو حدون ننڍيون ٿينديون ويون آهن، تيئن اهو پڻ وڏو الميو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جون حدون پڻ ننڍيون ٿينديون ويون آهن. سنڌ جون حدون ته هاڻ وَڌي نه ٿيون سگھن پر سنڌي ٻوليءَ جون حدون رٿابنديءَ سان ڪيل ضروري سوچ ويچار ۽ عمل سان وڌي سگھن ٿيون. ڊاڪٽر محبت جو هيءُ ڪتاب به، جيئن اڳتي هلي محسوس ڪنداسين، اهڙي رٿابنديءَ سان ڪيل هڪ بهتر واٽ ۽ ساٽَ (Process) بابت بنيادي ڄاڻ ڏيندڙ ڪتاب آهي.
    ”لکيت“ ۾ ڊاڪٽر محبت ٻڌائي ٿو ته ”سمجھه ۽ ٻوليءَ کي تصويرن، لِيڪن ۽ نشانن وسيلي ظاهر ڪرڻ جي تاريخ 5- هزار سال کن پراڻي آهي.“ ان تاريخ بهتريءَ جي سفر لاءِ ايشيا کان يورپ، يورپ کان واپس ايشيا ۽ ايشيا کان وري يورپ ڏانهن سفر ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ لکيت (Script) اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
    ”انسائيڪلوپيڊيا“ ۾ هُو ٻڌائي ٿو ته سوين هزار علمي نعمتن جي وَٽَ وٺڻ ۽ چشڪو چکڻ جو حل ائين ڳولي ڪڍيو ويو ته ڪو اهڙو ڪتاب جوڙجي جنهن ۾ علم ادب جي هر شعبي جو ست سمايل هجي. انهيءَ گھڻيءَ ڄاڻ واري موتين-مالها ۽ گھڻ شاخي هيري-کاڻ جو نالو انسائيڪلوپيڊيا آهي، جيڪو يوناني لفظ اينڪائيڪلوپيڊيا (Enkyklopaedia) جو انگريزي اچار آهي ۽ جنهن جو مطلب آهي گھيرو يا تعليم (ڄاڻ، سکيا) جو مڪمل سرشتو يعني سڀ طرفي ڄاڻ.
    ”انسائيڪلوپيڊيا جي ٿوري تاريخ“ پڙهندي معلوم ٿو ٿئي ته ان جي تاريخ لڳ ڀڳ 2000 ورهيه پراڻي آهي پر ان جي جديد روپ کي 500 سال کن ٿيا آهن. پهريون ڄاتل چيني انسائيڪلوپيڊيا هُئانگ-لَئن جنهن جي معنيٰ ”شهنشاهه جو آئينو“ آهي، شهنشاهه جي حڪم تي 220ع ڌاري تيار ڪيو ويو، جڏهن ته افلاطون جي ڀائٽي سپيوسيپس (مرڻو 338 -339 ق.م) جي لکتن جي ڪجھه بچيل ٽڪرن کي پڻ يورپ ۾ لکيل پهرئين انسائيڪلوپيڊيا جو حصو سمجھيو وڃي ٿو.
    انتهائي مختصراً سهيڙيل هن ”انسائيڪلوپيڊيا جي ٿوري تاريخ“ جو جملو جملو ڄاڻ-ڀريو آهي، جنهن ۾ چيني، يوناني، اطالوي، انگريزي، عربي، مصري، جپاني، پارسي، فرانسي، جرمن، پولئنڊي، هنگريائي، روسي ۽ ڊنمارڪي، توڙي ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۽ ٻولين ۾ ڇپيل انسائيڪلوپيڊيائن جو مختصر پر جامع ذڪر آيل آهي، پر آخر ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ انسائيڪلوپيڊيا لاءِ هڪ خال، عجبَ ۽ سوال جي نشاني آهي، جيڪا اسان جو ڪنڌ جھڪائي ٿي ڇڏي.
    ”سنڌ جو ماضي“ ۾ ڊاڪٽر محبتُ ابوالحسن جھڙن عالمن کي ته ساراهي ٿو، سچل ۽ ساميءَ جو ذڪر ته ڪري ٿو، تڏهن به موجوده لپي جوڙائڻ، رائج ڪرڻ ۽ وڌرائڻ تي انگريز جي واکاڻ ڪري ٿو. هو ڏک مان لکي ٿو: ”سنڌ جي انتهائي پراڻي ماضيءَ ۾ جيڏي وڌيڪ عظمت آهي، ويجھي ماضيءَ ۾ ٿورن مثالن کان سواءِ اوتري ئي اڻهوند نظر اچي ٿي.“ ان کان پوءِ ”سنڌ جو حال“ نالي پئراگراف ۾ هُو واضح ٿو ڪري ته ”سنڌ جا حاڪم طبقا ذهني ۽ علمي طرح ڌارين جا غلام ٿي رهيا آهن جنهنڪري اسان، عوام کي ڌارين جي غلاميءَ جو ڳٽ لاڳيتو محسوس ٿيندو رهيو آهي. موڪي بن وسائي کان وٺي 1991 جي اڄوڪي ڏينهن تائين (جڏهن ڊاڪٽر محبت اهي سٽون لکيون) موجود غدارن سنڌ سان وڏيون ويساهه گھاتيون ڪيون آهن.“ هو ڄاڻائي ٿو ته 1947 کان اڳ سنڌي ٻولي اسرندي پئي آئي، پر پوءِ پوئتي پوڻ شروع ٿي. هو لکي ٿو: ”هن وقت اسين غلام آهيون گورن جي گادي نشين ۽ بدترين ذهنيت رکندڙ ڪارن جا. سنڌي ماڻهن جي هر انساني ۽ قومي حق خلاف هر پاسي کان هُلان جاري آهي... سنڌ سرڪار جون ڏوريون ڪنهن ٻئي هنڌان لوڏيون پيون وڃن... ۽ اڄ سنڌ ۽ سنڌي ٻِٽي ويل ۾ نه، پر اٺوڻي عذاب ۾ آهن. سنڌوءَ جو پاڻي چوري ٿيندو ۽ پرٻاهرو ڦٻندو رهيو آهي، سنڌ کان ٻاهر ڊيم ٺاهيا ويا آهن ۽ اڃا به ٺاهڻ جون تياريون آهن، ناڻو ڦٻائڻ لاءِ ٺڳيءَ ڀريا ٺاهه پيا ٿين، سنڌ جون ڀليون ٻنيون ڪوڙن ڪليمن ۽ ٺڳين وسيلي اڌ کان وڌيڪ ڌارين جي حوالي ڪري چڪا ۽ اڃا به ”انعامن“ ۾ ڏنيون پيون وڃن، دهشت گردن ۽ ڌاڙيلن کي زور وٺائي سنڌ مٿان ڪڙڪايو ويو آهي ۽ وري انهن کي ختم ڪرڻ جي بهاني زمينون کسي ڇاوڻيون وجھي سنڌ کي فوجي قيدخانو بنائڻ جي ڪوشش تي عمل ٿي رهيو آهي...“
    ”سنڌ جي حال“ جو هي سڄو منظر نامو 10- سال اڳ به ائين هو ۽ هاڻ به ائين آهي، اڃا به وڌيڪ خراب آهي. ان صورتحال ۾ اسان جو فرض ڇا آهي؟ ڊاڪٽر محبت جي خيال موجب: ”اسان کي پنهنجو حال ۽ آئيندو سنوارڻو آهي ته حال ۾ ئي، اڄ ۽ هاڻي ڪم ڪرڻو پوندو... جيترن ڪمن ڪري سگھڻ جي ڏاهپ، ڏات، ڏيا ۽ ڏانءُ اسان ۾ موجود آهي، جيڪڏهن اسان اهي نه ڪيا آهن ته ڇا اسين ڏوهاري نه ليکباسون؟“ ان کان پوءِ ڊاڪٽر محبت هڪ سادي فارمولا سان اسان کي ڪَٿ ڪري ٿو ڏئي ته ”سمجھو ڪري ته سنڌ ۾ رڳو 5- هزار ڊاڪٽر آهن ۽ انهن مان هر هڪ هر سال رڳو هڪ موضوع تي لکي ٿو ته پنجن ورهين کان پوءِ طبي ڄاڻ جي اڏام ڪيڏي اوچي هوندي! سمجھو ڪري ته سنڌ ۾ هڪ هزار انجنيئر، اٺ سَو وڪيل، سراسري طور رڳو هڪ هڪ سَو ماڻهو ڪيمسٽري، فزڪس، باٽني، زولاجي، مئٿميٽڪس، فائين آرٽس، جاگرافي، جيالاجي، ايسٽرانامي، ايسٽرالاجي، نفسيات، سوشيالاجي، پوليٽيڪل سائنس، ادب، تاريخ، فلسفي، مذهب، ٽيڪنالاجي، آرڪيالاجي، ٻوليءَ، فن، ثقافت، پرڏيهي نيتيءَ ۽ لاڳاپن ــــــ مطلب ته علم جي هر شعبي ۾ موجود آهن ۽ اهي هڪ سال ۾ رڳو هڪ ڪتاب يا مضمون لکن ته سنڌيءَ ۾ علم جو ڪهڙو شعبو هوندو جيڪو وانجھيل رهجي وڃي!؟“
    پر ائين نه ٿو ٿئي، نتيجي ۾ علم جو هر هڪ شعبو وانجھيل رهجي ويو آهي. معلوم ناهي ته ان غفلت مان ڪڏهن ٻاهر نڪرنداسين.
    ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا / سنڌي مها ٻولسُڌ“ عنوان هيٺ پئراگراف ۾ ڊاڪٽر محبت هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه تي زور ٿو ڏئي ته هر ڪنهن کي هاڻي کان ئي پنهنجي پتيءَ جو فرض نڀائڻ جي شروعات ڪرڻ گھرجي. ان بعد هو سنڌي ٻوليءَ کي سائنسي بنياد مهيا ڪري ڏيڻ جي اهم ڳالهه ڪري ٿو جنهن لاءِ پرک ۽ پروڙ، تحقيق ۽ تعليم، ايجاد ۽ اڪابريءَ جو هر ڪم ڪري ڏيڻ لاءِ آماده ٿو ڪري ۽ انهن مان هڪ ڪم انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا جوڙڻ به آهي. پر جيئن ته اهو ڪم ڪنهن هڪ يا ٻن چئن ماڻهن جي سگھه کان گھڻو وڌيڪ ۽ ٻاهر آهي تنهنڪري ڊاڪٽر محبت هڪ زبردست اداري يا ادارن جي سهڪار ۽ سرپرستيءَ کي لازمي ٿو سمجھي ۽ چاهي ٿو ته ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا اٿارٽي“ جوڙي ايمانداريءَ سان ڪم ڪيو وڃي ته انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ڇپائڻ جو ڪم ڪو ڏکيو به ڪونهي.
    پر جيستائين ڪو اهڙو ادارو جوڙيو وڃي ۽ ڪم جي باضابطا شروعات ٿئي تيستائين ڊاڪٽر محبت چُپ ڪري ويهڻ نه چاهيو، هن ڪم جي شروعات ڪري ڏني، ته جيئن ڪجھه پاڻ به اڳڀرو ٿي سگھي. ان لحاظ کان هُو ”سنڌي مها ٻولسڌ جو ابتدائي ڪم“ عنوان هيٺ لکي ٿو: ”اسان الف - ب جي ترتيب سان لڳ ڀڳ سڀ ڄاڻي سگھڻ جھڙو مواد ترتيب ڏيڻ شروع شروع ڪيو آهي. ان ۾ ’الف‘ سان شروع ٿيندڙ عنوانن جي ڳڻپ پنجن هزارن کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي ۽ اڃا به ٻيو نه ته ٽي هزار کن وڌيڪ عنوان سهيڙڻ جي اميد اٿئون. اهڙيءَ طرح ’ب‘ سان شروع ٿيندڙ عنوانن جي ڳڻپ ٽن هزارن ۽ ’ٻ‘ سان شروع ٿيندڙ عنوانن جي ڳڻپ اٺ سَو کي پهچي چڪي آهي ۽ اهڙيءَ طرح وڌيڪ اسان اهي سمورا عنوان سٺين اخبارن جي سهڪار وٺندي پڌرا ڪنداسون ته جيئن هر علم دوست ۽ اهل قلم ماڻهو پنهنجي پسند جي ڪنهن به عنوان تي تحقيقي مواد لکي اسان کي ڏئي سگھي. اهو ڪم نه رڳو سندن علمي فضيلت کي وڌائيندو پر سنڌي ٻوليءَ جي به هڪ شاندار خدمت هوندي. اسان سندن ٿورن سان اها لکڻي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا / سنڌي مها ٻولسڌ جي رٿيل ڪتابي سلسلن ۾ ترتيبوار ڇپيندا رهنداسون.“
    هن اهم مضمون ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ــــــ ٿوري ڄاڻ سڃاڻ“ جو آخري عنوان ”ايڪيهين صديءَ جي آجيان“ آهي، جنهن جي اختتامي جملن ۾ پڻ ڊاڪٽر محبت اهو ئي عزم دهرائي ٿو ته ”جيڪو به پنهنجيءَ محبت جا رنڊا روڙي ايندڙ صديءَ کي آڇيندو، ان سان ساٿ ۽ سهڪار جو اظهار ڪندي، پنهنجي پاران اڀري سڀري حال آهر ايڪيهين صديءَ لاءِ انسائيڪلوپيڊيا / سنڌي مها ٻولسڌ جي سوکڙي آڇڻ جو ارادو ڪري چڪا آهيون.“
    پر ڊاڪٽر محبت جا اهي ارادا خواب ئي رهجي ويا، هُن انهن خوابن جي ساڀيا لاءِ گھڻو ڪجھه ڪرڻ کان اڳ ئي، بنا موڪلائڻ جي، مٽيءَ جِي هنج ۾ سمهڻ لاءِ، سدائين لاءِ نيڻ ٻوٽي ڇڏيا.
    بهرحال، ان تعارفي ۽ بنيادي مضمون کان پوءِ ڊاڪٽر محبت الف - ب وار مختلف موضوعن تي لسٽون جوڙڻ ۽ اخبارن ۾ ڇپرائڻ شروع ڪيون، ته جيئن انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا لاءِ مواد مرتب ڪري سگھجي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر محبت هنن عنوانن تي ”الف مَد“ ۽ ”الف“ جي ترتيب سان مختلف لسٽون ”مواد سهيڙيو مهم“ هيٺ پيش ڪيون:
    (1) ذاتيون،
    (2) ديهون،
    (3) پسون،
    (4) راڳ ۽ ساز،
    (5) ڳهه، زيور،
    (6) ڀرت جا نمونا ۽ ڪپڙا،
    (7) وڻ، ٻوٽا، ڀاڄيون، گاهه، پرزا ۽ اوزار، ۽
    (8) ليکڪ.
    ”ذاتين“ جي ”الف“ واري لسٽ ۾ 113- عدد ذاتيون پيش ڪيون، جن جي معلومات ۾ :
    (1) حسب نسب،
    (2) آبادي، گھڻي آباديءَ وارا علائقا، ڪي به نمايان ڌنڌا،
    (3) تاريخي اهميت جا ڪردار،
    (4) نمايان ڪردار ادا ڪندڙ ماڻهو، ۽
    (5) ڪي خصوصي يادگار ڄاڻائڻ سميت ٻي ضروري ڄاڻ ڏيڻي هئي.
    ”ديهن“ جي ”الف“ واري لسٽ ۾ 147 - عدد ديهون شامل آهن، جن بابت هن قسم جي ڄاڻ ڏيڻي هئي:
    (1) تاريخي اهميت جي هر ڳالهه/ شَي، (2) اڪابر ماڻهو، ڪنهن ڌنڌي/ ڪرت ۾ نمايان اهميت وارا ماڻهو، اهم ڳوٺ ۽ شهر، خاص ڌنڌا وغيره، (3) آبادي، تعليم، صحت ۽ عمل ۾ آيل ترقياتي رٿائون وغيره، (4) ڪي به معاملا، مسئلا ۽ انهن جا حل، (5) ٻي ڪا به اهميت واري ذڪر جوڳي ڳالهه، (6) اهميت واري هر شَي ــــــ يادگار، ماڻهو، جبل، ڍنڍ، ٻيلي وغيره جي مختصر ڄاڻ سڃاڻ، ۽ (7) گھڻي اهميت رکندڙ هر شَي جي تفصيلي ڄاڻ سڃاڻ.
    پِسن“ جي ”الف“ واري لسٽ ۾ 58 - عدد مختلف جانور، جيت، پکي ۽ مڇيون ڄاڻايل آهن، جن بابت حسب نسب، سڃاڻپ، آبهوا (ملڻ، پلجڻ، وڌڻ، ويجھڻ وغيره جي هنڌ)، واڌ ويجھه جي طريقي، فوٽوگراف يا اسڪيچ، زولاجيڪل ۽ انگريزي (عام) نالي جي ڄاڻ ۽ ٻي ضروري معلومات ڏيڻي آهي.
    راڳن سازن“ ۾ 17- عدد، ”ڳهن، زيورن“ ۾ 11- عدد، ”ڀرت جي نمونن ۽ ڪپڙن ۾ 31- عدد نالا ”الف وار“ لسٽ ۾ ڏنل آهن، جن بابت فوٽوگراف سميت ممڪن تحقيقي ۽ مستند ڄاڻ ڏيڻي آهي.
    وڻن، ٻوٽن، ڀاڄين ۽ گاهن“ جي ”الف- وار“ لسٽ ۾ 111- عدد اسم ڄاڻايل آهن، جن بابت به حسب نسب، سڃاڻپ، آبهوا، واڌ ويجھه جي طريقي، فوٽوگراف يا اسڪيچ، باٽنيڪل ۽ انگريزي نالن سميت ٻي ضروري ڄاڻ ڏيڻي آهي.
    پرزن ۽ اوزارن“ جي ”الف- وار“ لسٽ ۾ 37- عدد اسمن جا نالا پيش ڪيل آهن، جن جو الڳ فوٽوگراف يا اسڪيچ ۽ ٻِي پرزي سان ڳنڍيل حالت ۾ پڻ تصوير يا اسڪيچ ضروري ڄاڻ سان پيش ڪرڻو هيو.
    ليکڪن جي ”الف - وار“ لسٽ ۾ 1016- عدد ليکڪن جا نالا ڏنا ويا آهن جن مان گھڻن سنڌيءَ ۾ لکيو آهي، ڪي ليکڪ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيا آهن، ته ڪن وري سنڌيءَ ۾ يا سنڌ بابت لکيو ته ناهي، پر اهي سنڌ ۾ اوپرا ناهن. انهن ليکڪن بابت هيءَ ڄاڻ ڏيڻ ضروري آهي: سڄو نالو، قلمي نالو، فوٽوگراف يا اسڪيچ، پيءُ جو نالو، ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ (۽ جيڪڏهن مرتيو ٿيل هجي ته اها تاريخ ۽ هنڌ)، پورو پتو، ڇپيل يا قلمي صورت ۾ موجود لکڻيون، حياتيءَ ۽ لکڻين جو هڪ عام جائزو ۽ لکڻين جي خصوصي ۽ تفصيلي ڇنڊڇاڻ.
    ان ريت جيڪڏهن انهن سڀني ڄاڻايل ”الف - وار“ نالن/ عنوانن جو جُملي عدد ڏسنداسين ته اهو 1504- عدد ٿيندو. ايئن جيڪڏهن الف - بي جي ٻين 51- اکرن تي به انهن عنوانن جي لسٽ جوڙجي ته انت ڪٿي وڃي ٿيندو! سو به هِي ته ٿورا عنوان آهن. جيڪڏهن ممڪن سڀ عنوان پنهنجي مختصر يا تفصيلي ڄاڻ سميت ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ ۾ شامل ٿين، ته ڇا اها دنيا جي مشهور انسائيڪلوپيڊيائن جي صف ۾ نه ليکي ويندي!؟
    اهو ڪيڏو نه سندر سپنو هو، جيڪو ڊاڪٽر محبت نه فقط ڏٺو، پر ان جي ساڀيا لاءِ قلمي جدوجھد به ڪئي. هُو پنهنجو سپنو شروعاتي/مُهڙين ساڀيا سميت اسان جي حوالي ڪري ويو آهي، هاڻ اهو اسان جو فرض ٿو بڻجي ته اسان ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ لاءِ پنهنجي ممڪن علمي ۽ عملي جدوجھد ڪيون. ان ريت اسان پنهنجيءَ سنڌ، سنڌي ٻوليءَ، علم ۽ ادب جي خدمتگارن ۾، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪم ۽ شخصيت جي ڇانوَ ۾ رهندي، شامل ٿي سگھنداسون.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺي ڄآڻ ۔۔۔۔ ڊاڪٽر محبت جون سنڌي ٻوليء لاء ڪيل خدمتون ڪنهن تعارف جون محتاج ناهن۔

    ڀلا اهو ڪتاب ڪٿان ملندو ۔۔۔۔ جيڪڏهن موجود هجي ته مونکي ٻه ڪاپيون گهرجن ٿيون۔ ڪراچي مان ڪٿام ملي سگهي ٿو ؟
     
  3. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    سائين، اهو ڪتاب ختم ٿي ويل آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو