• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ ننڍڙو عرض۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم منتظمين صاحبان۔۔۔
جيئن ته سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي الله جي شڪر سان روز بروز ٽاپڪس وغيره ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اُن سان گڏ نيون ڳالهيون سامهون اچن پيون۔۔
پر هڪ عرض گذار صلاح هن ريت آهي ته سنڌ سلامت تفريح جي اندر هڪ سيڪشن ڪچهري جي نالي سان ٺاهيو وڃي ۽ اُن جي اندر اسان جا ميمبر گپ شپ يا ڪچهري ڪري سگهن۔۔۔ ۽ اُن کان علاوه سنڌ سلامت تفريح جي اندر ٻيا سيڪشن هجڻ گهرجن تصويرون، کل ڀوڳ ۽ وڊيوز ۽ اُنهن جا سب سيڪشن نه ٺاهيا وڃن۔ ڇو ته سب سيڪشن ته ٺهي وڃي ٿو پر ڪنهن قسم جي پوسٽ نه ٿيڻ جي ڪري اُهي مهينن جا مهينا اپڊيٽ نه ٿا ٿين۔بلڪه هر قسم جي تصويرن جي اُنهن جي اندر پوسٽنگ ڪئي وڃي۔۔۔۽ وڊيوز واري سيڪشن ۾ صرف هر قسم جي وڊيوز اُنهن ۾ پوسٽ ڪئي وڃي۔۔ ڪيٽيگرائز ڪرڻ جي ڪا ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي، ۽ تهريڊ جي ٽاپڪ سان ئي ڪيٽيگري جي خبر پئجي وڃي ٿي۔
هاڻي جيئن هي تهريڊ مون اسٽارٽ ڪيو آهي۔۔
http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?p=11655#post11655
اُن جي لاءِ مون کي ڪوبه مناسب سيڪشن نه پئي مِليو۔۔ ڇو ته هِتي وڊيوز جي لاءِ ڪو خاص سيڪشن هو ئي ڪونه۔۔۔asul matt
منهنجي دوست رنجيت پنهنجو رايو ڏيندي چيو ته تون انهيءَ وڊيو کي کِل ڀوڳ ۾ پوسٽ ڪر، پر مان چيو ته هن وڊيو جو مقصد کل ڀوڳ ته آهي ئي ڪونه، هن جو مقصد حيرت زده ڪرڻ آهي۔۔ hall chari
 
جي ادا اوهان جي راٌءِ کان اسان به متفق آهيون۔۔۔۔ هاڻي اسان جي التجا ادا رشيد سمون آهي ته اسان جي التجا تي غور ڪن۔۔۔۔۔

مهرباني ادا
 
۔۔۔۔ هڪ عرض گذار صلاح هن ريت آهي ته سنڌ سلامت تفريح جي اندر هڪ سيڪشن ڪچهري جي نالي سان ٺاهيو وڃي ۽ اُن جي اندر اسان جا ميمبر گپ شپ يا ڪچهري ڪري سگهن۔۔۔ ۽ اُن کان علاوه سنڌ سلامت تفريح جي اندر ٻيا سيڪشن هجڻ گهرجن تصويرون، کل ڀوڳ ۽ وڊيوز ۽ اُنهن جا سب سيڪشن نه ٺاهيا وڃن۔۔۔۔

دوست توهان جي مشوري تي عمل ڪندي سنڌ سلامت تفريح واري سيڪشن ۾ ئي تصويرن سان گڏ وڊيوز به شامل ڪرڻ لاءِ سيڪشن ۾ هلڪي تبديلي ڪئي وئي آهي۔۔۔ ها البته ڪچهري بابت ڪنهن سيڪشن يا فورم بابت عرض ته سنڌ سلامت فورم جي سالگره تي ڪجهه نواڻ آڻيندي اهڙو سيڪشن يا چيٽ باڪس لڳائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي ۔۔۔۔ ان لاءِ باقي دوستن جي راين جي پڻ ضرورت آهي۔۔۔
 
زبردست آئيڊيا آهي ادا رشيد

ادا ڄامشورائي جي ڳالهه ۾ پڻ وزن آهي ته ماشاء الله هاڻي فورم تي روز به روز نواڻ اچي پئي ان حوالي سان اهڙا سيڪشن ضروري آهي اهڙي قسم جو سيڪشن هئڻ گهرجي ته وڌيڪ بهتر رهندو

سدائين گڏ sindhsalamatsaathsal
 
سائين عبدالرشيد پيارا ادا اسد جي راء کي اهميت ڏيندي منهنجو ووٽ به شامل ڪيو وڃي ته فورم تي جيڪڏهن اهڙو ڪو چيٽ باڪس هجي ته تمام بهتر جو ڪجهه وقتي مزاڪ وغيره فورم تي هميشه ڀلي نه رهي جيڪو دوست ڪنهن سان ڊائريڪٽ ڪجهه ڪچهري ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو ته اهو اتي فورم تي رهي ڪري هڪ ٻئي سان ڪانٽيڪٽ ڪري سگهن وڌيڪ اوهان کي خبر هوندي ته اهو ڪم ممڪن به آهي يا نه اسان ته فقط پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو آهي۔ باقي عملي ڪم ته اوهان کي ئي ڪرڻو آهي۔
 
سائين مان چيٽ باڪس هڻڻ جي راءِ سان متفق نه آهيان، سڀئي دوست هتي فورم تي اچي چيٽنگ ۾ وقت وڃائيندا۔۔۔ مان سمجهان ٿو ته پوءِ مقصد تان ڳالهه هٽي ويندي ۽ اسان جيڪا هڪ ٻئي سان سٺين ڳالهين، شين، تصويرن جي ڏي وٺ ڪيون ٿا انهيءَ لاءِ فورم کوڙ آهي۔۔۔
 
اها ڳالهه واقعي برابر آهي ته چيٽ باڪس هجڻ سان دوست ان ۾ ئي مشغول ٿي ويندا۔ مونکي شيخ اياز جي هڪ بيت جي سٽ ٿي ياد اچي ته
سنڌ جو وڏو مرض آ ان جي ڪچهڙي۔

بس سائين هاڻي وڌيڪ پاڻ سمجهو آهيو۔
 
ادا رنجيت تون آهين ڪاٿي۔۔۔ ڏسڻ ۾ ته ڪونه ٿو اچين پر ٻڌڻ کان به چڙهي ويو آهين ڇا۔۔ ؟ بالي وڊ وارا کنڀي کڻي ويا اٿئي ڇا۔۔؟
 
هائو ير۔ اڄ ڪالهه ڪجهه وڊيو گانن جي ايڊيٽنگ جي ڪڍ صفا لاهي پائي لڳي ويو آهيان جنهن ڪري هڪ ڪورس جي سلسلي ۾ يڪو گُم هيس۔ بس هاڻي ساڳيا ميلا مچندا ساڳيا مور نچندا۔ تون ڏي حال احوال ڪل خير؟؟؟
 
هائو ير۔ اڄ ڪالهه ڪجهه وڊيو گانن جي ايڊيٽنگ جي ڪڍ صفا لاهي پائي لڳي ويو آهيان جنهن ڪري هڪ ڪورس جي سلسلي ۾ يڪو گُم هيس۔ بس هاڻي ساڳيا ميلا مچندا ساڳيا مور نچندا۔ تون ڏي حال احوال ڪل خير؟؟؟

بس ادا الله پاڪ جو شڪر آهي، مڙئي طبيعت ٻه ٽي ڏينهن ناساز هئي، الائي جي توسان ڪچهري نه پئي ٿي انهيءَ ڪري۔۔۔ في الحال محرم ۾ ميلو ڪونه لڳندو، محرم ۽ صفر مهينو گذري پوءِ ميلو هڻنداسينshal judy hujeen
 
ها ير۔ محرم موٽي آيو۔ آيا تا نه امام۔

بس جاني اڄ ڪالهه ممبئي ۾ ٿڌ صفا ڪونهي جنهن ڪري اسان جهڙن ٿڌ جي ستايل جي طبيعت پڻ ڪجهه جهڪي آهي۔ روز رات جو تنهنجي باري ۾ سوچيندو آهيان ته منهنجي جاني الائي ڪهڙي حال ۾ هوندو

مونکي اها ته خبر ڪونه هئي دل کي درد ڏئي هميشه لاٰ جدا ٿي ويندين۔
خبر نه آهي منهنجا مٺڙا الائي ڪهڙي حال ۾ هوندين۔

جاني شل جڙيو رهين پنهنجي پريوار سان۔ مون به سنڌ ۾ اچڻ جي لا ويزا جا ڪاغذ ڏئي ڇڌيا آهن۔ اميد ته مارچ تائين ملي ويندا بس پو ممبئي کان موڻابائو ۽ اتان سڌو اچي حيدرآباد لهي توسان ملي پو خيرپور نڪربو۔ دعا ڪر سهڻا
 
سائين پوءِ بس انهيءَ ڏينهن جو انتظار رهندو جنهن ڏينهن مان پنهنجي ورهين جي سڃاڻو دوست کي پهريون ڀيرو منهن تي ملندس۔۔۔۔ مولا ڪندو جلد ئي تنهنجو ويزو توکي ٺهي ملندو۔۔۔
 
ادا رنجيت توهان کان سواء محفل ۾ اٻاڻڪائي هئي مس مس ديدار ڪرايو اٿوَ ادا ايتريون جدايون چڱيون نه آهن
 
ادا رشيد ، ڄامشورائي جي صلاح ته سو فيصد سٺي آهي ڪچهري ياچيٽ جي شعبي جي واقعي ضرورت آهي جتي دوست هڪ ٻئي سان سنئون سڌو احوال اوري سگهن فورم ذريعي هڪ ڏينهن صلاح پڇون ٿا ته ٻئي ڏينهن جواب ملي ٿو تيسين سوال به وسريو وڃي۔
 
Back
Top