• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪارڊ جي معلومات CNIC جي ذريعي

عطاء الله ڀٽو

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم
مون کي ڪارڊ جي CNIC جي ذريعي ان جي معلومات ڏسڻي آهي اگر ڪنهن دوست کي ان جي باري ۾ ڪا ڄاڻ هجي ته ضرور ٻڌائيندا
دوستن جي مهرباني
 
اوهان جو سوال واضع ناهي۔ پر جيڪڏنهن اوهان اهو ٿا چاهيو ته اوهان ڪمپيٽرائيزڊ نيشنل آئيڊنٽٽي ڪارڊ CNIC جي اها معلومات جيڪا ڪارڊ تي نه ٿي اچي پر نادرا جي رڪارڊ ۾ هوندي آهي، ڏسڻ چاهيو ٿا ته اهو مشڪل آهي۔ انهي معلومات ۾ ماءُ، زال/مڙس جو نالو، تصديق ڪندڙ، تعليم وغيره جو رڪارڊ هوندو آهي۔ اهو صرف نادرا جي ئي رڪارڊ ۾ هوندو آهي۔

پوءِ به اوهان نادرا جي هيلپ لائين تان پُڇي سگهو ٿا۔ هو جيترو ضروري سمجهندا اوهان کي معلومات ڏيندا۔

00-92-51-111-786-100
 
مان صرف اها ئي معلومات چاهيان ٿو جيڪا ڪارڊ تي هوندي آهي،
معاف ڪجو جو منهنجا لفظ اوهان کي سمجهه ۾ نه آيا۔
مهرباني ڪري ڪو حل ڪڍندا
 
ادا توهان ان شۡخص جو اين آئي سي نمبر ميسيج ۾ لکي ڪري 7000تي موڪليو توهان کي ان ۾ ڪجهه معلومات ملي ويندي
هڪ ٻيو به نمبر آهي پر اهو درست هن وقت ذهن ۾ نه اهي پر توهان ان تي به ڪوشش ڪجو
ميسيج ۾ نمبر اين آئي سي نمبر لکي ڪري 98889 تي موڪليو
اميد ته توها کي معلومات ملي ويندي
 
فقير سائين جا اهي نمبر بلڪل درست آهن۔ هنن ۾ صرف نالو ۽ ولديت ايندي۔ جيڪا معلومات ڪا گهڻي ته ناهي پر پوءِ به ڪم جي آهي۔ مثال طور ڪڏنهن ڪارڊ جي موڊيفڪيشن ڪرائبي آهي ته جيستائين ڪارڊ ملي تيستائين اها معلومات ملي ويندي۔ ڇو ته جيئن ئي ڪارڊ جي ڊيٽا اپڊيٽ ٿئي ٿي ته ميسيج ۾ اها ئي ايندي۔
انهي کان علاوه اوهان کي ڪنهن جو ڪارڊ نمبر ته آهي پر نالي ۽ ولديت جي خبر ناهي ته خبر وٺي سگهجي ٿي
 
Back
Top