• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت مرڪزي صفحي تي ٻه تبديليون...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
جيئن ته ڪجهه ڏينهن کان سنڌ سلامت مرڪزي صفحي تي ڪجهه نواڻ ۽ اضافي جي جستجو ۾ رڌل هيم۔۔ ڪجهه دوست ان ڳالهه کي نوٽ به ڪري ورتو هوندو۔۔۔ تبديلين جي تفصيل ڪجهه هن طرح آهي۔۔۔

وائيس آف سنڌ ريڊيو

2lijwgo.png
وائيس آف سنڌ نالي ويب سائيٽجنهنجو خالق محترم امداد علي اوڍو جن آهن ۽ پاڻ لندن مان سنڌي ريڊيو جي براهِ راست نشريات هلائي رهيا آهن۔۔ هي ريڊيو هر لحاظ کان مختلف ۽ منفرد آهي جنهن جو اصل مقصد سنڌين ۾ پنهنجي حقن ۽ انهن جي حاصلات لاءِ شعور پيدا ڪرڻ آهي۔۔۔
روح کي راحت پهچائيندڙ لوڪ گيت هجن يا جذبن کي ڀڙڪائيندڙ قومي گيت يا وري صوفياڻي موسيقي جيڪا روح ۾ داخل ٿيندي سڪون جي سمنڊ ۾ پهچائيندي هجي۔۔۔ انهن سموري موسيقي جي چونڊ جو خاص خيال رکيو ويندو آهي۔۔
رڳو ايترو ئي نه پر سنڌ جي ماضي، حال يا مستقبل جي اهڙي ته چٽي تصوير پنهنجي تجزياتي ۽ تحقيقي پروگرامن ذريعي پيش ڪئي ويندي آهي ۔۔۔ جو تصوير جا سمورا رخ واضح نظر اچڻ لڳندا۔۔ ۽ سنڌ جي سڄڻ دشمن کي جانچڻ ڏکيو نه رهندو آهي۔۔۔
جس لهي ريڊيو کي هلائيندڙ سموري ٽيم جيڪا سنڌ جي قوم کي حقيقتون سمجهائڻ لاءِ پنهنجي هڙان وڙان جتن ڪري رهي آهي۔۔۔ ۽ کين پنهنجي اصل مقصد طرف همٿائي رهي آهي۔۔۔
ڪجهه ڏينهن جي پروگرام ٻڌڻ کان پوءِ ۽ دوستن طرفان سنڌ سلامت تي ان ريڊيو جو لنڪ رکڻ جي درخواستن کان پوءِ وائيس آف سنڌ ريڊيو جي بلاڪ جو اضافو عمل ڪندي ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو ويو آهي ته ريڊيو پاڻمرادو هلڻ بجاءِ دوستن جي مرضي سان هلي ۽ آواز جي سيٽنگ کي ياد رکي۔۔۔


تازيون خبرون

10p0yvk.png
دوستن جي صلاحنکان پوءِ هن دفعي ڪجهه منفرد انداز سان خبرن جو بلاڪ جوڙيو اٿم۔۔۔ خبرن جا آر ايس ايس گوگل ڪوڊز جي مدد سان لڳائيندي ڪنهن حد تائين متحرڪ رکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم۔۔ ان سلسلي ۾ هوئين ته مختلف ڌرين طرفان پنهنجي خبرن جي سائيٽ کي مسلسل اپڊيٽ رکڻ جون ڪوششون ڪيل آهن۔۔ پر هن وقت بي بي سي سنڌي طرفان سندن ڊيولپر محترم حاڪم علي ڪنڀر جي اجازت سان سندن سائيٽ جا فيڊ پبلش ڪيا پيا وڃن۔۔۔
بي بي سي سنڌي سائيٽ وارن جو دعوو آهي ته هو 24 ڪلاڪ خبرن تي نظر رکندي پنهنجي خبرن کي اپڊيٽ ڪندا رهن ٿا۔۔۔ جنهن تحت رات جو ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ۽ ڏينهن جو هڪ هڪ ڪلاڪ کان پوءِ خبرون تبديل ٿينديون رهن ٿيون۔۔
سندن خبرن کي دوست هاڻي سنڌ سلامت تي رهي ڪري پڻ پڙهي سگهندا ۽ دلچسپي واري خبر تي ڪلڪ ڪري بي بي سي جي سنڌي سائيٽ تي مڪمل تفصيل پڻ پڙهي سگهندا۔۔
جيتوڻيڪ خبرن پيش ڪرڻ جو هي انداز منفرد ۽ دلچسپ نظر ايندو هوندو پر ان ۾ وڌيڪ بهتري بڻائبي ۽ وقت آهر ٻين سائيٽ جي فيڊس کي پڻ شامل ڪيو ويندو۔۔


اميد ته سنڌ سلامت تي هي تبديليون دوستن کي پسند اينديون۔۔۔

توهان جا رايا اسان لاءِ هميشه وانگر قيمتي آهن۔۔۔ جن کي صرف پاڻ تائين محدود نه ڪندا۔۔۔۔
 
سائين اوهان جي هر ڪوشش قابل تعريف هوندي آهي هيء ڪوشش به بهترين آهي اميد ته دوست هاڻي پنهنجي فورم تي رهي ڪري هر لمحي ملڪي ۽ بين الاقوامي حالات کان پڻ باخبر ٿيندا رهندا۔
 
ڪم وڻيو۔۔۔۔اصل واهه واهه ٿي وئي۔

ڪجهه عرصو اڳ وي بليٽن جي ڪنهن پراڻي ورجن تي به اسان سنڌ سلامت ريڊيو شروع ڪيو هو پر پوء اپڊيٽ ڪيل ورجن سبب ريڊيو سروس بحال ٿي ڪانه سگهي هئي۔ سنڌي دوستن کي جس هجي جيڪي پنهنجي سر ٻوليء جي خدمت پيا ڪن۔ بي بي سي سنڌي ۽ ريڊيو وائيس آف سنڌ جي دوستن کي جس هجي جيڪي محنت ڪري ، پنهنجو وقت ۽ پئسو لڳائي ڪم کي کنيون بيٺا آهن۔
 
سڀ کان پهرين سڀني دوستن کي اسلام عليڪم، عيد جي موڪلن تي ڳوٺ وڃڻ سبب سنڌ سلامت تي اچڻ نه ٿي سگهيو، اڄ حاضر ٿيا آهيون سنڌ سلامت جي سهڻي اڱڻ تي اچڻ سان دل خوشي وچان جهومڻ لڳي ڄڻ پنهنجي اڱڻ موٽيا هجون۔ هتي اهڙيون تبديليون ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، اميد ته اڳتي به اڃان جدت پيدا ڪئي ويندي ته جئين سنڌ سلامت هڪ بين القوامي سنڌي فورم بڻجي وڃي اسان سڀني جو ساٿ رهندو توهان جاکوڙ جاري رکو۔۔ سدائين گڏ۔
 
ادا ذيشان هن ساٿ جوڙڻ ۾ اوهان جا جاکوڙ ڪئي آهي ان جو سِلو اسان وٽ سواءِ اوهان جي لاءِ دعائن کانسواءِ ٻيوڪجھ ڪين آهي ۔ الله اوهان جي عمر داراز ڪري ۔ خدا اوهان جهڙا جذبا اسان سڀني ۾ جاڳائي ۔ الله اوهان جهڙا قوم پرست اسان کي عطا ڪري ۔
وسلام
 
هڪڙي ڳالهه آهي۔۔۔۔
ريڊيو هلائي چپڙي ڪري ويهي رهجي ۔۔
مطلب ته ڪنهن موضوع تي وڃڻ سان ريڊيو بند ٿيو ٿو وڃي۔۔ هههه
يا ته ريڊيو پليئر جي هيٺ هڪ لنڪ به ڏيو جنهن کي ڪلڪ ڪري هڪ الڳ ونڊو ۾ امبيڊ ٿيل ريڊيو پليئر هلائي سگهجي ۽ مزي سان سهڻي سهڻي موسيقي سان گڏو گڏ سنڌسلامت جي موضوعن منجهان به لطف اندوز ٿي سگهجي۔۔ ذيشان رشيد
 
سائين تمام بهترين مگر اسانوٽ خبرن واري پٽي ظاهر ڪونه پئي ٿئي!
سائين توهان ڪنهن ٻئي برائوزر خاص طور گوگل ڪروم يا انٽرنيٽ ايڪسپلورر تي چيڪ ڪري ڏسندا۔۔۔
ادا ذيشان رشيد مونوٽ انٽرنيٽ ايڪسپلورر 9 آهي ، انتي به خبرن واري پٽي ڪانه پئي هلي ۽ فائر فوڪس تي به ڪانه پئي هلي باقي ڪروم ڳرو آهي سسٽم کي سلو ڪري ٿو ڇڏي ۽ ايڪسپلورر تي وري تحرير پوسٽ ڪرڻ ۾ مسئلا!
 
ادا رشيد جي هي محنت به سنڌسلامت جي لاءِ تمام بهترين تبديلي کڻي آئي آهي۔۔ لاجواب ادا۔۔۔۔
 
يار رشيد! ان وقت صفا دل ٽٽِي پئي جڏهن سنڌ سلامت تي ريڊيو هلائڻ کانپو ڪو ٻيو ڪم ڪرڻ چاهيم ته ريڊيو بند ٿي ويو ۔۔۔۔!!! ڀلا ماڻهون سنڌ سلامت تي اچي صرف ريڊيو ته نه ٻڌندو، ليک پڙهڻ ۽ ڪي تحريرون ونڊ ڪندو رهندو ۽ اوطاق تي ڪچهري مچائيندو ۔۔۔ هاڻ جيڪڏهن ٻيا ڪم ڪبا ته ريڊيو بند ٿي ويندو ۽ جي ريڊيو ٻڌبو ته ٻيا ڪم نه ٿيندا ۔۔۔

اصل ۾ ٿئي هيئن ها ته ريڊيو تي ٺڙڪ ڪرڻ کانپو هڪ الڳ ونڊو کلي وڃي ته جيئن ريڊيو به هلندو رهي ۽ سنڌ سلامت تي ڪم به ٿيندو رهي ۔۔۔ ڪيئن ڪيم نه ڪم جي ڳالهه،؟
دير آيد درست آيد ۔۔۔

ممڪن اوهان وٽ ڪو منطقي سبب هجي پر مونکي اها تڪليف محسوس ٿي ۔۔ اوهان مڃيو يا نه ۔۔۔!!!
 
سائين ڪم ته واقعي واه جو ٿيو پر هاڻي دوستن کي ڪيئن سمجهائجي ته موضوعن کي پڙهڻ لاءِ ٻئي ٽيب ۾ کولجي :)
 
Back
Top