جيئن ته ڪجهه ڏينهن کان سنڌ سلامت مرڪزي صفحي تي ڪجهه نواڻ ۽ اضافي جي جستجو ۾ رڌل هيم۔۔
ڪجهه دوست ان ڳالهه کي نوٽ به ڪري ورتو هوندو۔۔۔ تبديلين جي تفصيل ڪجهه هن طرح آهي۔۔۔
وائيس آف سنڌ ريڊيو
وائيس آف سنڌ نالي ويب سائيٽجنهنجو خالق محترم امداد علي اوڍو جن آهن ۽ پاڻ لندن مان سنڌي ريڊيو جي براهِ راست نشريات هلائي رهيا آهن۔۔ هي ريڊيو هر لحاظ کان مختلف ۽ منفرد آهي جنهن جو اصل مقصد سنڌين ۾ پنهنجي حقن ۽ انهن جي حاصلات لاءِ شعور پيدا ڪرڻ آهي۔۔۔
روح کي راحت پهچائيندڙ لوڪ گيت هجن يا جذبن کي ڀڙڪائيندڙ قومي گيت يا وري صوفياڻي موسيقي جيڪا روح ۾ داخل ٿيندي سڪون جي سمنڊ ۾ پهچائيندي هجي۔۔۔ انهن سموري موسيقي جي چونڊ جو خاص خيال رکيو ويندو آهي۔۔
رڳو ايترو ئي نه پر سنڌ جي ماضي، حال يا مستقبل جي اهڙي ته چٽي تصوير پنهنجي تجزياتي ۽ تحقيقي پروگرامن ذريعي پيش ڪئي ويندي آهي ۔۔۔ جو تصوير جا سمورا رخ واضح نظر اچڻ لڳندا۔۔ ۽ سنڌ جي سڄڻ دشمن کي جانچڻ ڏکيو نه رهندو آهي۔۔۔
جس لهي ريڊيو کي هلائيندڙ سموري ٽيم جيڪا سنڌ جي قوم کي حقيقتون سمجهائڻ لاءِ پنهنجي هڙان وڙان جتن ڪري رهي آهي۔۔۔ ۽ کين پنهنجي اصل مقصد طرف همٿائي رهي آهي۔۔۔
ڪجهه ڏينهن جي پروگرام ٻڌڻ کان پوءِ ۽
دوستن طرفان سنڌ سلامت تي ان ريڊيو جو لنڪ رکڻ جي درخواستن کان پوءِ وائيس آف سنڌ ريڊيو جي بلاڪ جو اضافو عمل ڪندي ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو ويو آهي ته ريڊيو پاڻمرادو هلڻ بجاءِ دوستن جي مرضي سان هلي ۽ آواز جي سيٽنگ کي ياد رکي۔۔۔
تازيون خبرون
دوستن جي صلاحنکان پوءِ هن دفعي ڪجهه منفرد انداز سان خبرن جو بلاڪ جوڙيو اٿم۔۔۔ خبرن جا آر ايس ايس گوگل ڪوڊز جي مدد سان لڳائيندي ڪنهن حد تائين متحرڪ رکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم۔۔ ان سلسلي ۾ هوئين ته مختلف ڌرين طرفان پنهنجي خبرن جي سائيٽ کي مسلسل اپڊيٽ رکڻ جون ڪوششون ڪيل آهن۔۔ پر هن وقت بي بي سي سنڌي طرفان سندن ڊيولپر محترم
حاڪم علي ڪنڀر جي اجازت سان سندن سائيٽ جا فيڊ پبلش ڪيا پيا وڃن۔۔۔
بي بي سي سنڌي سائيٽ وارن جو دعوو آهي ته هو 24 ڪلاڪ خبرن تي نظر رکندي پنهنجي خبرن کي اپڊيٽ ڪندا رهن ٿا۔۔۔ جنهن تحت رات جو ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ۽ ڏينهن جو هڪ هڪ ڪلاڪ کان پوءِ خبرون تبديل ٿينديون رهن ٿيون۔۔
سندن خبرن کي دوست هاڻي سنڌ سلامت تي رهي ڪري پڻ پڙهي سگهندا ۽ دلچسپي واري خبر تي ڪلڪ ڪري بي بي سي جي سنڌي سائيٽ تي مڪمل تفصيل پڻ پڙهي سگهندا۔۔
جيتوڻيڪ خبرن پيش ڪرڻ جو هي انداز منفرد ۽ دلچسپ نظر ايندو هوندو پر ان ۾ وڌيڪ بهتري بڻائبي ۽ وقت آهر ٻين سائيٽ جي فيڊس کي پڻ شامل ڪيو ويندو۔۔
اميد ته سنڌ سلامت تي هي تبديليون دوستن کي پسند اينديون۔۔۔
توهان جا رايا اسان لاءِ هميشه وانگر قيمتي آهن۔۔۔ جن کي صرف پاڻ تائين محدود نه ڪندا۔۔۔۔