گل بڻجي پئو...

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏2 نومبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    گل بڻجي پئو...
    رضوان گل جي شعري مجموعي ”پيار جي پهرين بارش“ جو جائزو
    محمد هاشم حامي
    آرٽ جون مختلف وصفون آهن جن مان هڪڙي Definition اها به آهي ته آرٽ، پنهنجي اندر جي اظهار جو ذريعو آهي. منهنجي خيال ۾ شاعري آرٽ جي ان وصف جو هڪ اعلى مثال آهي.
    شاعري جڏهن عرب ۽ ايران کان سفر ڪري سنڌ پهتي ته چڱو عرصو اها عربي ۽ ايراني اثر هيٺ رهي، جيڪا مخصوص موضوعن تائين محدود هئي. پر سنڌ جي شاعرن، شاعري کي عربي ۽ ايراني اثر کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت سنڌي شاعري، سنڌي ٻوليءَ جي سڃاڻپ جي حوالي سان پنهنجي الڳ تعارف سان اسان وٽ موجود آهي.
    هاڻي سنڌي شاعري گل و بلبل ۽ محبوب جي زلفن ۽ ڪارن واسينگن کان تمام گھڻو اڳتي نڪري چڪي آهي. اسان ڀل ته کڻي اهو چئي ڇڏيون ته سنڌي شاعري ججھي انداز ۾ لکي پئي وڃي جنهنڪري شاعريءَ جو مقدار ته وڌي رهيو آهي پر معيار قائم ٿي نه سگھيو آهي. منهنجي خيال ۾ اهو سچ آهي ۽ ان راءِ کي قبول ڪرڻو پوندو، پر گڏو گڏ ان معياري شاعريءَ کي ان خاني ۾ رکڻو پوندو، جنهن جي اها حقدار آهي.
    شاعريءَ جو تعلق لفظن سان آهي ۽ شاعر وٽ انهن لفظن کي زبان ملندي آهي، اهي ڪلام ڪندا آهن، لفظ چيڪي مٽيءَ جيان هوندا آهن جن کي شاعر گھڙي، سهڻو ڪري پنهنجي اندر جي آويءَ ۾ ڦِٽو ڪندو آهي جتان لفظ پچي راس ٿي نڪرندا آهن. جڏهن آويءَ مان لفظ پچي نڪرندا آهن ته پوءِ انهن سان گڏ فڪري اڏام به هوندي آهي ته رڌم به. شاعر وٽ اهو به ڪمال هوندو آهي جو هو لفظن کي Sugar Coated ڪري انهن جي ڪوڙاڻ کي لڪائي ڇڏيندو آهي. رضوان گل به ائين ئي ڪيو آهي ”پيار جي پهرين بارش“ ۾ هن لفظن کي انوکن ۽ خوبصورت خيالن سان سينگاريو آهي، رضوان پنهنجي شعرن لاءِ چيو:
    هي شعر منهنجي اندر جا اڌما
    هي لفظ منهنجي زبان آهن
    ڄامشورو سنڌ جي شاعرن جو محبوب شهر رهيو آهي ۽ اهو سندن شاعريءَ جو موضوع به بڻيو آهي. رضوان گل پنهنجي پڙهائي دورن جوانيءَ جا چار سال ڄامشوري ۾ گذاريا، اهو ئي سبب آهي جو ”پيار جي پهرين بارش“ جو پهريون غزل به ڄامشوري ۽ ڇوڪريءَ تي لکيل آهي:
    سڄو ڄامشورو ويو واسجي
    گھمي ٿي ائين گل هڻي ڇوڪري
    سڀئي ڇوڪريون مينهن جون ڄڻ ڪڻيون
    تون منهنجي حصي جي ڪڻي ڇوڪري
    نيڻ ته نيڻ هوندا آهن جيڪي زبان بڻجي ڳالهائيندا آهن، پر محبوب جا نيڻ وري ٻين نيڻن کان مختلف هوندا آهن. رضوان پنهنجي محبوب جي نيڻن جي نهار کي ڪيتري اهميت ڏي ٿو، ان جو اظهار ”پيار جي پهرين بارش“ ۾ هن طرح ڪيل آهي:
    نيڻ تو جو کڻي نهاريو آ
    ساري محفل جي ڌيان ۾ آهيون
    دوستي جو رشتو ٻين رشتن کان ان ڪري به مختلف آهي جو هن رشتي ۾ تمام گھڻي پنهنجائپ محسوس ڪبي آهي. ڪڏهن ڪڏهن دوستي ايتري ته اتم ٿي ويندي آهي جو پنهنجا سڳا رشتا به پوئتي رهجي ويندا آهن، پر انهن ئي دوستن جي ڏنل معمولي نُهنڊَ به وڏي زخم جيان محسوس ٿئي ٿي. هيٺين سٽن ۾ به شاعر دوستن جي ڏنل اهڙن ئي زخمن ۽ دشمنن جي ڀالن جي ڳالهه ڪندي لکيو آهي ته:
    دوستن جي آ نُهنڊ ڀي گھري
    دشمنن جي هزار ڀالن کان
    هر شاعر پنهنجي ڌرتيءَ سان بي پناهه محبت ڪري ٿو ۽ اها ڌرتيءَ سان محبت فطري به آهي. انهيءَ ڌرتيءَ سان محبت جو اظهار ڪندي شاعر اسان کي پيغام به ڏنو آهي. شال ائين ٿي پوي:
    سنڌ ڌرتيءَ کي خوشبو سان واسي ڇڏيو
    گل بڻجي پئو خار ڇو ٿا ٿيو
    ”پيار جي پهرين بارش“ غزلن، آزاد نظمن، نثري نظمن، هائيڪن، واين ۽ تروينين جو اهڙو گلدستو آهي جيڪو رضوان گل جي اڳ ڇپيل ڪتابن ”پنج ڏينهن“ ۽ ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ جيان سنڌي ادب ۽ سماج ۾ پيار ۽ محبت جي هٻڪار ڦهلائيندو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ ڌرتيءَ کي خوشبو سان واسي ڇڏيو
    گل بڻجي پئو خار ڇو ٿا ٿيو ۔۔۔۔

    ڏاهپ جهڙي شاعري ۽ سهڻو ونڊ ۔۔۔

    رضوان گل نئين ٽهي ۽ اسانجي هن دور جو هڪ اهڙو جاکوڙي ڏاهو شخص آهي جيڪو سنڌ ۽ سنڌيت جي سفر ۾ هلندو رهي ٿو ۔۔۔ اميد ڪريون ٿا ته هو پنهنجي وڏڙن جي روايتن جي خوب پرچار ڪري سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه ۽ فڪري لاڙن جو پرچارڪ ٿي پاڻ ملهائيندو رهندو ۔۔۔

    سنڌ کي کوڙ ساترن گلن جي ۽ انهن جي هٻڪار جي سخت ضرورت آهي ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    رضوان گُل واقعي گُل آهي، هڪ اهڙو گُل جنهن جي خوشبو اسان جهڙن کي معطر ڪندي رهي ٿي۔ سندس ڪتاب پيار جي پهرين بارش سچ ته سندس احساسن ۽ اڌمن جو مجموئو آهي۔

    هي شعر منهنجي اندر جا اڌما
    هي لفظ منهنجي زبان آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو