”بي سُڪون خواب جو سچ“ ۾ هڪ جھاتي

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏2 نومبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    احسان دانش جي ڪهاڻي ڪتاب
    بي سُڪون خواب جو سچ“ ۾ هڪ جھاتي
    رياضت ٻرڙو
    جيڪي دوست مون کي پنهنجي من اندر محسوس ٿيندا آهن، انهن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو محنتي محقق، منفرد ڪهاڻيڪار، سٺو شاعر، مستقل لکندڙ ۽ کاهوڙي ڪارڪن، هميشه مٺڙي ۽ سندر مرڪ منهن تي پکيڙيندڙ، قربائتو ۽ پيارو احسان دانش به شامل آهي. احسان دانش جي ٻين انيڪ خوبين مان جيڪا خوبي مون کي موهي وجھندي آهي، اها سندس بي انتها ۽ پُر خلوص سچائي ۽ سڪ آهي.
    احسان دانش جون ڪهاڻيون مون پڙهيون به آهن، ته ٻڌيون به آهن. هن جي پڙهڻي صاف ۽ ڪهاڻيءَ جي بيان، واقعن ۽ گفتگوءَ سان ٺهڪندڙ هوندي آهي. احسان دانش جي ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيءَ جا سڀئي فني جزا، پنهنجي ڀرپوريت سميت سمايل آهن. سندس ڪهاڻين ۾ موضوع ۽ مواد سميت، خوبصورت پلاٽ، ضروري ڪردار، ٺهڪندڙ گفتگو، گھربل ماحول، ڪٿي اڻ لکو ته ڪٿي واضح ڪلائيمڪس ۽ گھڻ رخي پڇاڙي، پڙهندڙ کي ضرور ملندي. احسان جي ڪهاڻين جي ٽريٽمينٽ (ورتاءُ) پنهنجي لکندڙ کي، پڙهندڙ وٽ ڪنهن نه ڪنهن ريت ضرور محسوس ڪرائي ٿي. احسان دانش جون ڪهاڻيون ڳنڀير، کريون ۽ مڪمل آهن. پنهنجي تخليقي انداز مان، احسان دانش پڙهندڙ تي اثرانداز ٿئي ٿو ۽ کيس سوچن لاءِ آماده ڪري ٿو.
    اڄ مون کي اهو ئي بهتر ٿو لڳي ته سنڌي ٻوليءَ جي هن سڄاڻ ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻين بابت ڪي سِڌيون ۽ کَريون ڳالهيون ڪجن، ڇاڪاڻ ته سندس ڪهاڻي-ڪتاب ”بي سڪون خواب جو سچ“ جو مهورت ٿيو آهي. اهو ان ڪري به، جو ڪهاڻين بابت سنڌي ادب ۾ گهڻيون ئي فتوائون جاري ٿيل آهن. انهن فتوائن جاري ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ احسان دانش جون ڪهاڻيون نه پڙهڻ گهرجن، جيئن انهن ڪجهه ٻين سٺن ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين کي به نه پڙهيو آهي.
    احسان دانش جي ڪهاڻين ۾ هڪ بهترين ڪهاڻيءَ لاءِ گھربل سموريون خوبيون موجود آهن ۽ انهن خوبين جي بنياد تي ئي ڪهاڻيءَ کي ڪهاڻي چئجي ٿو.
    احسان دانش جي ڪهاڻين ۾ جھاتي پائي ڏِسو:
    پهرين ڪهاڻي ”خوشبو“ ۾ کِل مان ذِل ٿيندڙ واقعاتي ڪهاڻي بيانيل آهي. ان ڪهاڻيءَ ۾ مذاق جو اگرو نتيجو ڄاڻايل آهي.
    ٻِي ڪهاڻي ”بي انت مسافت“ ۾ زندگيءَ جي اڻکُٽ سفر جي وارتا آهي. اها ڪهاڻي صوفيءَ جي فلسفي تائين وٺي هلي ٿي.
    ٽين ڪهاڻي ”سچ ۽ سپنو“ ۾ انصاف جي در تان ملندڙ ناانصافيءَ جو اظهار آهي.
    چوٿين ڪهاڻي ”پڙاڏو زندگيءَ جو“ اسان کي اها ڪهاڻي ٿي ٻڌائي ته زندگي جيئن به آهي، گذارڻ گهرجي. زندگيءَ ۾ جيڪڏهن پرينءَ کان وڇوڙو ٿو ٿئي ته اهو سَهڻ گهرجي.
    پنجين ڪهاڻي ”دوزخ“ بيمارَ کي ملندڙ ڌڪارَ ۽ نفرت جي ڪهاڻي آهي. ان ۾ ٻڌايل آهي ته پيٽ جي دوزخ کي ڀرڻ لاءِ ماڻهو وڏي ۾ وڏي تذليل سَهي ٿو.
    ڇهين ڪهاڻي ”وڻ ويڙهي“، پاڻَ تي اخلاقي ضابطو رکڻ جو ڏَس ڏي ٿي، جنسي بي راهه رويءَ جي سخت تڪليفده نتيجي کان آگاهه ڪري ٿي ۽ ’جذبات‘ کي ڪنٽرول ۾ رکڻ تي زور ڀري ٿي.
    ستين ڪهاڻي ”جِنُ“ ٻڌائي ٿي ته جوانيءَ جي جِن کي ڏاڍ سان روڪي نه ٿو سگهجي.
    اٺين ڪهاڻي ”ڪارنهن“ ماڻهوءَ جي اندر ۾ موجود ڪارنهن کي وائکو ڪري ٿي.
    نائين ڪهاڻي ”پِيڙا جو پڙلاءُ“ ٻڌائي ٿي ته پريتم جو وڇوڙو جيءُ جهوري ٿو وجهي. هيءَ ڪهاڻي حساس فرد جي بيوسيءَ جي ڪٿا آهي.
    ڏهين ڪهاڻي ”نيڻن جي ساغر ۾ ۾ ماڻهوءَ جِي غرض کي پيش ڪيل آهي. ماڻهو پنهنجي لاءِ پرفيڪٽ (perfect، ڪامل) ”شَي“ چاهي ٿو، پوءِ ڀلي ته اها ”شَي“ ڪو ٻيو ماڻهو ئي ڇو نه هجي. ان ”شَي“ جي خامي/کوٽ کان بچڻ لاءِ هو ڪي نه ڪي سبب ڳولي وٺي ٿو.
    يارهين ڪهاڻي ”سودو“ عورت جي واپار تي لکيل آهي، جنهن ۾نوجوان نينگريءَ جِي پوڙهي مرد سان پيسن عيوض شاديءَ تي ٽوڪَ ڪيل آهي.
    ٻارهين ڪهاڻي ”آزادي“، ان قول کي واضح ٿي ڪري ته غلام ماڻهوءَ جا آزاد خواب ٿِي سگهن ٿا، هو اهي لَهي سگهي ٿو.
    تيرهين ڪهاڻي ”بي سڪون خواب جو سچ“ ۾ هيءَ ڪهاڻي آهي ته حساس ماڻهو ماحول جي سنگينيءَ کان سخت متاثر ۽ بيحد پريشان آهي، پر هُو ڪجهه ڪري نه ٿو سگهي، سواءِ دعا گهرڻ جي.
    چوڏهين ڪهاڻي ”مان ۽ تون“ ٻڌائي ٿي ته ”مان“ ڪجهه به ناهي، سڀ ڪجهه ”تون“ آهي. ”مان“ مجازي عشق ۽ ”تون“ حقيقي عشق آهي. ”مان“ کي ڇڏ، ”تون“ کي اختيار ڪر، تڏهن ئي سڀ راحتون حاصل ڪري سگھندين ۽ محبوب جو جلوو پسي سگھندين. ”تون“ ۾ ئي خوشي آهي، پنهنجي تعريف پاڻ نه ڪر.
    پندرهين ڪهاڻي ”لمحن جو درد“ اپريل فُول جي مذاق تي مبني آهي، ته اهو مذاق ماڻهوءَ کي بيحد ڀوڳرائي ۽ پريشان ڪري ٿو.
    سورهين ڪهاڻي ”رانديڪو“ غربت بابت آهي، هن ۾ اهو ئي ٻڌايل آهي ته اها وڏي مجبوري آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ بي جوڙ ۽ ٻيءَ شاديءَ جي مسئلن کي بيان ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ ٻڌايل آهي ته پئسن تي وڪڻيل عورت جي مڙس وٽ ڪا عزت ناهي.
    سترهين ڪهاڻي ”درد لا دوا“ ۾ اڪيلي ۽ بي گهر عورت سان سماجي زيادتيءَ جو روپ ڏيکاريل آهي، جنهن سماج جا اڪثر ماڻهو وحشي آهن. اهو پڻ ٻڌايل آهي ته نشو ماڻهپو وڃائي ٿو.
    ارڙهين ڪهاڻي ”پاڻي“ علامتي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ صحرا جي اُڃ جو سبب/ڪارڻ ٻڌايل آهي.
    اڻويهين ڪهاڻي ”اُڃ“ وڇوڙي جي اُساٽ جو اظهار آهي.
    ويهين ڪهاڻي ”برساتي رات جو الميو“ سماجي خدمتگذارن جي روپ کي وائکو ڪري ٿي ۽ انهن جي ٺَٺن ۽ بي حِسين کي چِٽو ڪري ڏيکاري ٿي.
    ايڪويهين ڪهاڻي ”روپ ٻهروپ“ سماج ۾ مختلف معزز هستين جي ٻهروپ کي ظاهر ڪري ٿي ۽ ٻڌائي ٿي ته جيڪڏهن توهان وٽ سچ آهي ته پوءِ هر شَي جو اصل روپ ڏسي سگھو ٿا.
    آخري ٻاويهين ڪهاڻي ”ڏوهي“ وري اهو ٿي ٻڌائي ته اسان وٽ سچ چوندڙ کي ڏوهي ٿو سڏيو وڃي. اهڙو ڏوهي، جنهن کي پنهنجي اِن سچ چوڻ واري عظيم ڏوهه جي به خبر ناهي.
    اهي ڪهاڻيون سماج جي ڪنهن نه ڪنهن رُخ، ڪردار، مسئلي ۽ موضوع کي چِٽو ڪن ٿيون. انهن ڪهاڻين جي پاڙ هوا ۾ نه، پر سماج ۾ آهي. سماجي مسئلن جي تڪليف هنن ڪهاڻين ۾ ٻڌايل آهي.
    احسان دانش جي هنن ڪهاڻين کي پڙهندي، پڙهندڙ بوريت محسوس نه ڪندو. ڪهاڻين ۾ ڪا به ڊيگھه ناهي. ڪهاڻيون پڙهندڙَ کي مُنجهائن نه ٿيون، کيس سماج جي عڪاسي ڏيکارن ٿيون.
    هنن ڪهاڻين ۾ کوڙ خوبصورت تشبيهون آهن، جيڪي پڙهندڙ کي سهڻي ۽ روان ٻوليءَ جو چَس وٺرائن ٿيون. جملن ۾ ترڪيبن جِي به ججهائي آهي، جنهن سان جملي جي سونهن ۾ اضافو ٿيل آهي.
    ۽ آخري ڳالهه، ته هنن ڪهاڻين کي تنقيد نگار ضرور پنهنجي تنقيد سان پرکن، ته جيئن هاڻوڪي سنڌي ڪهاڻيءَ جي تصوير کي چڱيءَ طرح ڏسِي ۽ پرکي سگهجي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,265
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    احسان دانش ادبي کيتر ۾ محنت سبب سٺو نالو ڪمايو آهي، هو هڪ پختو شاعر ۽ بهترين ڪهاڻيڪار آهي۔ سندس ڪهاڻين تي مشتمل اهو ڪتاب شايد اوهان ئي ڇاپيو آهي۔ جيڪڏهن ان جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏيو ته سنڌ سلامت سميت سمورن سنڌين سان شيئر ڪري سگهبو۔
     
  3. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    سائين، احسان جو اهو ڪتاب مون ناهي ڇپايو۔ ان جي سافٽ ڪاپي احسان وٽان ئي اوهان کي ملي سگهندي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو