غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
امريڪي ڪوارٽر هارس (گهوڙو)
بلال مصطفي ميمڻ ، اسان جي ننڍڙي شهزادي جي ڊائري مان مٿين جانوار تي انگريزي زبان ۾ لکيل مضمون جو ترجمو، بلال مصطفي جي فرمائش تي اوهان پيارن ٻارن ۽ محترم ميمبرن جي لاء:_
گهوڙي (HORSE) جي باري ۾ اوهان سڀ چڳي طرح ڄاڻو ٿا ته هو سواري کان علاوه به تمام وڏي ڪم وارو جانوار آهي۔ ان جون بي شمار قسمون آهن۔ گهوڙي جا لاء قديم يوناني لفظ هپوز(Hipos) استعمال ٿيندو هو۔لفظ هيوپو پٽيمس(Hipo Potamus) ٻن يوناني الفاظن جو مرڪب آهي جنهن جو مطلب دريائي گهوڙو آهي۔
گهوڙون ۾ سڀني کان سٺو گهوڙو امريڪن ڪواٽر هارس سمجهو ويندو آهي۔ ان جي افزائش نسل ارڙهين صدي جي آخر ۾ ورجنيا اسٽيٽ آمريڪا ۾ ٿئي۔هن جو شمار دنيا جي تيز ترين گهوڙن ۾ ٿيندو آهي،پنهجي ڍڪ جي پهرين ويهن سيڪنڊن ۾ هي گهوڙو 1/4 ميل جو فاصلو طئي ڪندو آهي۔
گهوڙن ۽ ٽٽو گهوڙن (Ponies) جون تقريبن ٻه سوء کان وڌيڪ نسلون آهن۔ ٽٽو گهوڙو قد ۾ سڀ کان ننڍو گهوڙو هوندو آهي۔ ننڊي نسل جي گهوڙن ۾ فلابيلا (Falabella) جوقد صرف 75 سينٽي ميٽر هوندو آهي۔ فلابيلا گهوڙا سواري جي لاء گهڻا ننڍا هوندا آهن۔ جڏهن ته شٽ لينڊ ٽٽو (Shetland Ponies) قد ۾ ڪجه وڏا هوندا آهن انهڪري نوجوان گهوڙي سوارن جا پسنديد گهوڙا هوند آهن۔
گهوڙن جي دنيا جا ديو (Giant) گهوڙا ان نسلون جو گروه ۾ آهن جنهن کي اسان وزني گهوڙا(Heave Horse) چوندا آهيون۔ ان نسل جي ديوقامت گهوڙا شائر(Shire) چورائيندا آهن۔ شائر گهوڙن جو قد تمام گهڻو وڏو هوندو آهي ۽ وزن هڪ ٽن تائين هوندو آهي۔ شائر گهوڙي جي پيرن جي چوگرد جهالر هوندي آهي۔ جڏهن ته ٻين گهوڙن ۾ اها جهالر نه هوندي آهي۔ ڪوارٽر هارس (Quarter Horse) به پنهنجي طاقت ؤ قدقامت جي وجه سان گهوڙن جي اهم نسل ۾ شمار ڪيو ويندو آهي،هنن گهوڙن جو انسانن سان هميشه گهرو تعلق رهيو آهي،انهن کي ڦرتي ۽ تيز رفتاري جي ڪري مال برداري جي لاء به استعمال ڪيو ويندو آهي۔
گهوڙا گهڻي ڀاڳي گاه کائيندا آهن ۔ سخت غذا چٻائڻ ۾ انهن کي مشڪلات پيش ايندي آهي۔ جيئن جيئن گهوڙي جي عمر وڌندي ويندي آهي انهن جي ڏندن ۾ به ٽوٽ ڦوٽ شروع ٿئي ويندي آهي۔ ماهرين انهن جي ڏندن جي ٽوٽ ڦوٽ جي ذريعي انهن جي عمر جو تعين ڪندا آهن۔ انسانن وانگر گهوڙن جي ڏندن جو چيڪ آپ جي به ضرورت پيش ايندي آهي ۽ سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه دفعا انهن کي ڏندن جي ماهر ڏي وٺي وڃڻ ضروري آهي۔
جنگل ۾ عمومن گهوڙا هڪ ڌڻ جي صورت ۾ رهندا آهن۔انهن جي رهنمائي اهو گهوڙو ڪندو آهي جيڪوانهن مان وڌيڪ طاقتور ؤ وڏي جسامت وارو هوندو آهي۔ گهوڙن جي هڪ خوبي اها به آهي ته هو بيٺل حالت ۾ به ننڍ ڪري سگهندا آهن۔ ڌڻ ۾ موجود گهوڙن کي جڏهن ننڍ ايندي آهي ته سمهي پوندا آهن پر انهن مان هڪ گهوڙو حفاظت جي مقصد سان جاڳندو رهندو آهي۔
گهوڙا به پنهنجي جذبات ؤ احساسات جو آظهار مختلف انداز سان ڪندا آهن۔ مثلان جيڪڏهن گهوڙو خوش هوندو آهي ته پنهنجو پڇ ۽ منهن مٿي کڻندو آهي۔ ناراض هوندو ته پنهنجو منهن کولي ڪاوڙ جو اظهار ڪندو۔ ڊيڳل هوندو آهي ته هن جي چهري ۽ اکين مان ان جو اندازٿئي ويندو آهي۔
گهوڙو صرف سواري جي ڪم نه ايندو آهي پر ان کي مختلف ڪرتب سکاري ٽرينڊ ڪيو ويندو آهي،ان کان علاوء گهوڙي ڊوڙ لاء تمام گهڻي اهميت رکندو آهي۔
گهوڙي جي پڇ جا وارموسيقي جي آلات ۾ به آستعمال ٿيندا آهن مثلان، وائلن سيلو(Violan cello) ۾ گهوڙي جي پڇ جا وار استعمال ڪيا ويندا آهن۔۔گهوڙن جي عمر عام طور تي ويهن کان ٽيهن سالن جي وچم ۾ هوندي آهي ۔ سٺي نسل جي گهوڙي ڪوراٽر هارس جي ڊيمانڊ سڄي دنيا ۾ گهڻي آهي ۽ ورجينا اهو واحد اسٽيٽ آمريڪا جي آهي جٿي هن گهوڙي جي آفزائش نسل تي تمام گهڻي توجه ڏني ويندي آهي۔ هن گهوڙي جي سائز عام طور تي 1.43 ميٽر ۽ وزن 500 کان 600 ڪلو گرام هوندو آهي۔ محترم ميمبرس اميد ٿا ڪيون ته بلال مصطفي جي هن ليک مان اوهان کي گهوڙن ؤ انهن جي نسل جي باري ۾ مفيد معلومات حاصل ٿئي هوندي۔ اسان جي ان شهزادي جي لاء خصوصي دعائن جي التجاء آهي۔