سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
سينيئر رڪن
پيار جون پناهگاهون (ڊائري)
جڏهن روز شام جو آسمان جي وشال سيني تي سفر ڪندي ٿڪجي پيل سج افق تان اڪثر خزائن جي ڪنهن زرد پتي وانگي ڇڻي پوندو آهي ۽ اونداهي جو ازدها ڌرتي جي چمڪندڙ گولي کي ڳيهڻ لڳندوآهي تڏهن تاريڪي جي اڀرندڙ ڀيانڪ پاڇن ۾ تنهنجي شهر جون آهسته آهسته روشن ٿيندڙ بتيون ڪنهن خونخوار جانور جي ٻرندڙ اکين وانگر مونکي تڪڻ لڳنديون آهن ۽ هن هيڻي ۽ هيڪل هانءُ کي هيڪاري هيسائي وجهنديون آهن.تنهنجي مهتابي مک جو ديدار ڪندي جيئندڙ هي مھجور من، ڊنل هرڻي وانگر تنهنجي پيار جون پناھ گاھون ڳولهڻ لڳندو اهي.
اهو من جيڪو تنهنجي اکين جي آشيانن ۾ آباد رهيو،ڏڪاريل ٿر جي ٽاڪ منجهد جهڙي ٻرندڙ زندگي،تنهنجي وارن جي گهاٽن ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ گذاريائين سو هاڻي هيڪل ٿي هيڪلائي جي هيبت ۾ اڌ مئو ۽ موڳو ٿي پيو آهي.
سياري جون سرد ۽ طويل راتون تنهنجي گرم ساهن جي سگرين تي سيڪجي سوين سج اڀاريندڙ منهنجو من ۽ تنهنجي سيني تي سر رکي تنهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ جي مسرور ڪن موسيقي تي مدهوش ٿي مِٺي ننڊ سمهندڙ اکيون توکي تلاشي رهيون آهن.
سيد خادم سُبحان ڏاڏاهي
بُڪيرا شريف
skhadimdadahi@yahoo.com