پيار جون پناهگاهون (ڊائري)

'سنڌي ادب' فورم ۾ سيد خادم سبحان ڏاڏاهي طرفان آندل موضوعَ ‏4 نومبر 2012۔

  1. سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2011
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    169
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    بڪيرا شريف تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊو الهيار
    پيار جون پناهگاهون (ڊائري)
    جڏهن روز شام جو آسمان جي وشال سيني تي سفر ڪندي ٿڪجي پيل سج افق تان اڪثر خزائن جي ڪنهن زرد پتي وانگي ڇڻي پوندو آهي ۽ اونداهي جو ازدها ڌرتي جي چمڪندڙ گولي کي ڳيهڻ لڳندوآهي تڏهن تاريڪي جي اڀرندڙ ڀيانڪ پاڇن ۾ تنهنجي شهر جون آهسته آهسته روشن ٿيندڙ بتيون ڪنهن خونخوار جانور جي ٻرندڙ اکين وانگر مونکي تڪڻ لڳنديون آهن ۽ هن هيڻي ۽ هيڪل هانءُ کي هيڪاري هيسائي وجهنديون آهن.
    تنهنجي مهتابي مک جو ديدار ڪندي جيئندڙ هي مھجور من، ڊنل هرڻي وانگر تنهنجي پيار جون پناھ گاھون ڳولهڻ لڳندو اهي.
    اهو من جيڪو تنهنجي اکين جي آشيانن ۾ آباد رهيو،ڏڪاريل ٿر جي ٽاڪ منجهد جهڙي ٻرندڙ زندگي،تنهنجي وارن جي گهاٽن ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ گذاريائين سو هاڻي هيڪل ٿي هيڪلائي جي هيبت ۾ اڌ مئو ۽ موڳو ٿي پيو آهي.
    سياري جون سرد ۽ طويل راتون تنهنجي گرم ساهن جي سگرين تي سيڪجي سوين سج اڀاريندڙ منهنجو من ۽ تنهنجي سيني تي سر رکي تنهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ جي مسرور ڪن موسيقي تي مدهوش ٿي مِٺي ننڊ سمهندڙ اکيون توکي تلاشي رهيون آهن.

    سيد خادم سُبحان ڏاڏاهي
    بُڪيرا شريف
    skhadimdadahi@yahoo.com
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين خادم کي سلام قبول پوي

    تمام خوبصورت لفظن جي چونڊ ۽ سهڻا احساس۔ الائي ڇو مونکي به اتر جي ٿڌڙي هير لڳندي ئي ڪي عجيب پور پوندا آهن، جن کي سمجهڻ باوجود سمجهي ناهيان سگهيو۔ جڏهن به سياري جي شروعات ٿيندي آهي ته لطيف سائين جو هيٺيون بيت هر هر پيو ورجائيندو آهيان:

    سر نسريا پانڌ، اتر لڳا آء پرين
    مون تو ڪارڻ ڪانڌ،
    سهسين سکائون ڪيون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    سائين عشق جي آتش ۾ سڙيلن کي اهڙا سيڪ ايندا آهن،جڏهن به اهڙي موسم يا زڪر ڇڙندو آهي ته پوڙها به جوان ٿي ويندا آهن،سائين خادم صاحب جن به اٿاه گهراين جو اظهار ڪيو آهي۔سو کوڙ دردن جا دکيل آهون ڀريندا سائين خادم صاحب جا احساس پروڙي،انتظار ڪيو ڏسو ته ڪٿي ڪٿي باه لڳل آهي ،پر توهان وانگر مڃيندا ڪو نه۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    تمام سهڻو لڳو پڙهندڙن کي پر اهي ڪيفيتون اوهان ئي پرکي سگهو ٿا جن کي سهندي ڪيئي سج لهي ۽ اڀري ويا۔ زندگي جا اهي لمحا به عجيب آهن جيڪي يادون بنجي رهجي ٿا وڃن ، جڏهن ته هيڏي حياتي ۾ انسان الائي ڪيتريون گهڙيون ٿو گهاري،انهن ۾ ڪي منظر تا حيات رونق يا روڳ بنجي ٿا وڃن،
    سچ ته توهان جي ان دکايل دونهي ڪيترن ئي دردمندن کي جاڳايو هوندو ۽ يادون ڦٽن جيان اٿلي پيون هونديون ۽ هلڪي هلڪي درد جون ۽ پيار جون آهون من ۾ پيدا ٿي پيون هونديون،
    آء ان لائق ته ڪو نه آهيان جو اوهان جي اهڙن خوبصورت جذبن کي لفظن ۾ بيان ڪري سگهان،پر اوهان جون لکيل سٽون دل کي بيقابو ڪري ڇڏيو آهي ۽ يادن جو طوفان من ۾ ڪاهي پيو آهي ۔تمام سهڻي ونڊ سنڌ سلامت جي ساٿين لاء
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    موبائل ذريعي سنڌ سلامت تي سنڌي ۾ لکيل پهريون پيغام
    سڀني دوستن جي نانء
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2011
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    169
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    بڪيرا شريف تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊو الهيار
    محترم محمد سليمان وساڻ ،۽ محترم عتيق الرحمان صاحب حوصلا افزائي لا ٿورائتو آهيان ۔لک قرب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو