ٻٽي مڪاني نظام خلاف جاکوڙيندڙ سنڌ جو هيرو اياز لطيف پليجو : ن م عوامي آواز

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌو ڪماري طرفان آندل موضوعَ ‏4 نومبر 2012۔

  1. سنڌو ڪماري

    سنڌو ڪماري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    teacher
    ماڳ:
    karachi
    [​IMG]

    776 اٽيچمينٽ ڏسو


    NOVEMBER 4, 2012 11:23 AM 0 COMMENTS [​IMG] EMAIL THIS POST [​IMG] PRINT THIS POST
    VIEWS: 24​
    [​IMG]
    خالق ڪائنات سنڌ جي مٽيءَ ۾ محبت، ڏاهپ، دليري، بهادري، وفاداري، وطن دوستي، ٻولي سان محبت، ڏات، ڏانءُ، فن ۽ فڪر جو اهڙو عرق اوتيو آهي جو ان مٽيءَ مان جڏهن ڪو گل ڦٽي نروار ٿئي ٿو ته اهو گلستان جي سڀني خوشبوئن جو مجموعو، اندر ۽ اکين کي وڻندڙ شڪل شبيهه ۾ اچي ٿو ته هر انسان جو من اهو چوڻ تي مجبور ٿئي ٿو ته تخليق هجي ته اهڙي. سنڌ جي زرخيز مٽيءَ جو هڪ بيش بها گل اياز لطيف پليجو به آهي. اياز لطيف پليجو جيتوڻيڪ ننهن کان چوٽيءَ تائين سڀني وصفين سهڻو ته آهي پر اهڙو ئي ڏاهو، عقلمند، پڙهيل لکيل، شين کي وقت ۽ حالتن مطابق صحيح ۽ درست رخ ۾ سمجهڻ جي صلاحيت رکندڙ، وقت کان اڳ سنڌ جي سياسي، سماجي حالتن کي صحيح ۽ اصل رخ ۾ سمجهندڙ ۽ انهيءَ جي خوبين ۽ خامين، فائدن ۽ نقصانن کي پنهنجي اصلوڪي روح ۾ سمجهڻ جي صلاحيت رکڻ جي الله تعاليٰ کيس اهڙي ڏات ڏني آهي. جيڪا ورلي ۽ گهٽ ماڻهن کي نصيب ٿيندي آهي. ڪيڏو نه خوشنصيب آهي اياز لطيف پليجو جنهن سنڌ جي انهيءَ عظيم ڌيءُ جي ڪُک مان جنم ورتو جنهن کي سنڌ جو عوام احترام ۾ جيجي سڏيندو آهي. اها جيجي جنهن جو ڪوئل جهڙو آواز گونجيو ته سنڌ، سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌ جي لوڪ گيتن لاءِ گونجيو، اها جيجي جنهن جي آواز تي سڄي سنڌ قومي وحدت جي هار ۾ مالها جيان پوئجي ويندي هئي جيڪا پنهنجي آواز جي ذريعي سنڌ جي نوجوانن کي ماتر ڀومي سان محبت ۽ ازلي عشق جا نوان گر سيکاريندي هئي. سنڌ مڌر آواز ۾ سنڌ سان عشق جا انمول آلاپ هوندا هئا، جتي سڄي سنڌ ان عظيم جيجيءَ جي آواز تي جهومي اٿندي هئي، ان عظيم ماءُ جي جهوليءَ ۾ پلجندڙ اياز لطيف جيجي زرينه بلوچ جي جهولي کي سنڌ جي جهولي ۽ سندس لوليءَ ۾ سنڌ سان اڻ ٽٽ عشق جا سبق، ڌرتي ماءُ سان اڻ کٽ محبت جا وچن، انهيءَ جي حفاظت لاءِ جوان مردي، بهادري ۽ سورهيائي جا اهي اڻ کٽ خزانا پنهنجي عظيم ماءُ جي واتان ٻاروتڻ ۾ ئي مليا، جڏهن سمجهه جي لائق ٿيو ته کيس ڏکڻ ايشيا جي عظيم ڏاهي رسول بخش پليجو جي طرفان لينن کان مائوزي تنگ تائين ۽ شاهه لطيف کان شيخ اياز، ٽئگور تائين، ڪارل مارڪس کان گانڌي تائين، شيخ سعدي کان استاد بخاري تائين، قبل مسيح کان ون يونٽ تائين، پاهڻي دور کان جديد ٽيڪنالاجي جي دور تائين جا سبق اسڪول وڃڻ کان اڳ ئي حاصل ڪيا هئا. رسول بخش پليجي جو گهر تحريڪن، ادبي، تاريخي، سياسي بحث مباحثن جو مرڪز هو جتي هو تحريڪن جا بنياد پوڻ، انهن کي عروج تي پهچائڻ، ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائڻ، سنڌ جي جاگرافيائي وحدت برقرار رکڻ لاءِ ون يونٽ جي تحريڪ هلائڻ ۾ نه صرف رسول بخش پليجو پر سندس ماءُ جيجي زرينه جي به عظيم ڪردار هن پنهنجي اکين سان ڏٺو، حيدر بخش جتوئي، فاضل راهو، باچا خان، ولي خان، شيخ اياز، ابراهيم منشي ڄڻ ته هن جي گهر جا فرد هئا. جيڪي پنهنجي دور جا ارڏا انقلابي ۽ قوم پرست هئا. پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جو ايوب خان سان ون يونٽ خلاف ٽڪراءُ، جنرل ضياءُ الحق جي خلاف ايم آر ڊي جي وڏي جدوجهد، پنهنجي پيءُ جو لڳاتار جيل ۾ رهڻ، فوجي ڪورٽن ۾ ڪيس وڙهڻ، ايم آر ڊي جي شهيدن لاءِ آواز اڀارڻ، ضيا جي مارشل لائي دور ۾ پيءُ جي ساٿين کي ڪوڙا، ڦٽڪا کائيندي ڏسي هن ڌرتي جي بهادر پٽ فيصلو ڪيو هو ته هو به وڏو ٿي پنهنجي پيءُ، ماءُ ۽ پيءَ جي ساٿين جيان پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ آواز اٿاريندو، پنهنجي عوام جو آواز بڻجندو، پنهنجي مسڪين مارن جي حقن جي لاءِ جاکوڙيندو، انهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري پاڻ پتوڙيندو. رسول بخش پليجو جهڙي مها ڏاهي، جيجي زرينه بلوچ جهڙو ڌرتيءَ جو آواز بڻجڻ جو وچن ڪندڙ اياز لطيف پليجو ڌرتي کان ڌار ۽ پنهنجي مارن کان پري ڪيئن بيهي سگهيو پئي، جنهن جي ضمير ۾ حب الوطني، ڌرتيءَ سان عشق، مسڪين ماروئڙن سان پيار هجي ۽ بي لوث هجي اهو جوڌو ڌرتيءَ تي وار ڪيئن برداشت ڪري سگهي ٿو. سنڌ ۽ سنڌ جو عوام ڏکين حالتن ۾ هجي ته سنڌ جو هي سپوت ڪيئن خاموش ويهي سگهي ٿو. جنهن جو ويڙهيچن سان هجي ۽ جنهن ڌرتي ماءُ جي حفاظت جو وچن پنهنجي جيجيءَ سان ٻنڌڻن ۾ ڪيو هجي، اهو پنهنجي ڦوهه جواني ۾ سنڌ تي وارُ ٿئي ۽ اياز لطيف پليجو خاموش ويهي رهي، اهو ممڪن ئي نه آهي. ڪالاباغ ڊيم خلاف ڌرڻو هجي يا سنڌ ٻوليءَ جو مسئلو، مهاجر صوبي جو اشو هجي يا سنڌ کي انتظامي طور تي ورهائڻ جو مسئلو پر ڪنهن به موڙ تي اياز لطيف سنڌ جي عوام کي مايوس نه ڪيو آهي. جڏهن ڪراچيءَ ۾ مهاجر صوبي بابت پوسٽر، بعد ۾ بئنر ۽ آخر ۾ مهاجر صوبي جو نقشو کڻي ڪراچي ۾ مهاجر صوبي جي حق ۾ مظاهرا ڪيا ويا ته هن ڌرتيءَ جي بهادر پٽ جي اندر ۾ اها آنڌ مانڌ پيدا ٿي ته اڄ سنڌ دشمن سنڌ کي ورهائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن ته سڀاڻي انهيءَ کي عملي شڪل ۾ آڻڻ لاءِ به جستجو ۽ جدوجهد ڪندا ۽ آخر اهو ڏينهن به دنيا ڏٺو ته ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جي فيڪٽرين مان سوين پورهيت عورتون بسن ۾ ڀري گورنر هائوس جي اڳيان مهاجر صوبي جي حق ۾ مظاهرا ڪيا ويا ۽ سرڪاري سڀني مظاهرو ڪندڙن کي ٿڌيون منرل واٽر جون بوتلون پيش ڪري اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ته مهاجر صوبي جي حمايتن کي سرڪاري سرپرستي حاصل آهي. اهڙي موڙ تي جتي سنڌ ڌرتي سنڌ جي عوام جي حقن مان کسڪندي محسوس ٿيندي هجي اهڙي دور ۾ سنڌ جي هن غيرتمند پٽ فيصلو ڪري ورتو هو ته هي ڪنهن به حالت ۾ سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ نه ڏيندو. ان مقصد لاءِ هن محبت سنڌ ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ۽ سنڌ جي سڀني قومپرست ڌرين کي منٿ ڪيائين ته سنڌ جي وحدت جي خاطر اهي ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ محبت سنڌ ريليءَ ۾ ساڻس شامل ٿين پر ڪنهن به پارٽي کيس ڪابه مثبت موٽ نه ڏني، اٽلندو محبت سنڌ ريليءَ کي خودڪشي قرار ڏئي ڇڏيو، هن سنڌ حڪومت کي ريلي بابت درخواست ڏني ته هن جي ريلي لياري مان ڪراچي پريس ڪلب تائين وڃڻ چاهي ٿي، ان بابت ريلي ۾ شامل ماڻهن کي سيڪيورٽي ڏني وڃي پر سنڌ حڪومت ريلي ۾ شامل ماڻهن کي سيڪيورٽي ڏيڻ بجاءِ کيس ۽ ريلي ۾ شامل ماڻهن کي نام نهاد بگهڙن جي حوالي ڪري ڇڏيو، ريليءَ جي راهه وارين آسپاس وارين گهٽين ۾ رڪاوٽون وجهي هٿياربندن کي عمارتن جي مٿان بيهڻ جي اجازت ڏني وئي ته اياز لطيف پليجي ۽ ريلي ۾ شامل ماڻهن کي سنڌ سان محبت ڪرڻ جي سزا ڏني وڃي ۽ دنيا ڏٺو ته سنڌ محبت ريلي تي هٿياربند گولين جي برسات وسائي ڇڏي، معصوم ٻارن ۽ هٿين خالي عورتن جا جسم گولين سان پروڻ ڪيا ويا، سنڌ پوليس محبت سنڌ جي شهيدن جي موت جو تماشو ڏسندي رهي، حڪومت دهشتگردن ۾ هٿ وجهڻ بجاءِ محبت سنڌ ريلي ۾ شامل ماڻهن کي دهشت گرد قرار ڏئي ڇڏيو، مهاجر صوبي جي حق ۾ مظاهرو ڪندڙن کي ٿڌيون بوتلون ۽ محبت سنڌ ريلي ۾ شامل ٿيندڙن جي سيني ۾ شيهي جون گرم گوليون داخل ڪيون ويون. سنڌ جي وحدت جي بقا جي راهه ۾ 14 ڄڻا ٻار، عورتون ۽ مرد شهيد ٿيا پر نه محبت سنڌ ريلي مان ڀڳو ۽ نه ريلي کي ڇڙوڇڙ ٿيڻ ڏنو ويو، موت کي پنهنجي اکين سان ڏسندڙ هن بهادر پٽ پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي اٽل ارادي تي قائم رهيو، پهريان ايم اي جناح روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو ۽ بعد ۾ ريلي سميت ڪراچي پريس ڪلب پهچي ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌ دشمن جون بندوقون سنڌ جي بهادر پٽن جي همت کي ختم ڪري ۽ حوصلي کي جهڪائي نه ٿيون سگهن، ان کانپوءِ هن سنڌ جي ارڏي پٽ ٻيهر محبت سنڌ ريلي لياري ۾محبت سنڌ ريلي جي شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي ڪڍي ۽ سنڌ دشمن ڌرين جي اڳيان ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو سنڌ جي وحدت برقرار رکڻ جي لاءِ ڪجهه به ڪري سگهن ٿا. محبت سنڌ ريليءَ جي 14 شهيدن جي رت رنگ لاتو ۽ سڄي سنڌ مهاجر صوبي جي خلاف ٻري اٿي ۽ آخر حڪومت سنڌ جي عوام جي اڳيان مجبور ٿي مهاجر صوبي جي حق ۾ لڳل بئنر، وال پوسٽر ۽ وال چاڪنگ هٽائڻ تي مجبور ٿي وئي. سيپٽمبر ۾ سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012ع جاري ٿيو هن سپنا ۽ سنڌ بچايو ڪميٽي جي پليٽ فارم تان سنڌ جي ٻين قومپرستن سنڌ دوست ڌرين، سياسي پارٽين، اديبن، دانشور صحافين، سول سوسائٽي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هر جاءِ هر هنڌ، مظاهرن، ڌرڻن، بک هڙتالن، جلوسن، جلسن ۾ گڏگڏ آهي. هي اڪيلو ئي ماڻهو آهي جنهن کان حڪمران ڌر ڊڄي ٿي ڇو ته هن سان دليلن ۾ ڪير به پڄي نه ٿو سگهي ڇو ته هو ڌرتيءَ جي اهنجن، تڪليفن، سورن، جاگرافيائي وحدت، آئيني، قانوني معاملن، تڪراري
    [​IMG]
    مڪاني نظام، سنڌ جي عوام کي لساني بنيادن تي هڪڙن قومن کي سپر ڪري انهن کي مڪاني نظام جي آڙ ۾ وڏي وزير وارا اختيار ڏيڻ، ڪراچي جي پنجن ضلعن کي هڪ ضلعي ۾ تبديل ڪرڻ ڪراچي جي لکين سنڌين جا حق غضب ڪري انهن کان مينڊيٽ کسي هڪ لساني حڪومت ڌر جي حوالي ڪرڻ مستقبل ۾ ان بنيادن تي الڳ صوبو قائم ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان راهه هموار ڪرڻ ۽ اصولي طور تي سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ واري اهڙي نظام جي خلاف هيءُ جاکوڙي سياستدان سراپا احتجاج آهي هن حڪومت ۽ ان جي اتحادين کي مڪاني نظام 2012ع بابت مناظري ڪرڻ جو چئلينج ڏنو آهي، پر افسوس جو اڄ تائين سندس مناظري جو چئلينج قبول ڪرڻ جي جرائت ڪنهن به حڪومتي نمائندي يا ان جي اتحادي ڌر کي ٿي نه سگهي آهي، سچ، سچ هوندو آهي ۽ سچ جو پاسو هميشه وزني هوندو آهي سنڌ ۽ سنڌي عوام سان ازل کان ابد تائين ڪميٽيڊ رهڻ جو وچن پاڙيندڙ اي جوڌا پٽ سنڌ جو عوام تنهنجي سنڌ ۽ سنڌي عوام جي لاءِ جدوجهد تي توکي سلام پيش ڪري ٿو. سنڌ جو عوام توکي سنڌ جو حلالي ۽ غيرتمند پٽ سمجهي ٿو سنڌ جو عوام تنهنجي سنڌ سان ازلي محبت تي اڄ به توسان گڏ آهي ۽ سڀاڻي به توسان گڏ هوندو. اياز لطيف پليجا تو سنڌ جي عوام جون دليون کٽي ورتيون آهن جنهن جي ڪري سنڌ جو عوام توکي پنهنجو هيرو سمجهي ٿو.
    ن-م​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سنڌو ڪماري

    سنڌو ڪماري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    teacher
    ماڳ:
    karachi
  3. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    اياز پليجو سنڌ جي جي ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي چڪو آهي ۔سلام شير سنڌ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو