ماڻهو اجرا، رستا ميرا

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏5 نومبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ماڻهو اجرا، رستا ميرا
    مهرالنساءِ لاڙڪ
    ڪي شاعر، امن ۽ محبت جا سفير هوندا آهن، پر ڪي شاعر دردن جا سفير پڻ هوندا آهن، جيڪي پنهنجا درد ونڊيندي ٻين جا درد پاڻ ۾ ۽ پنهنجي شاعريءَ ۾ سمائي وٺندا آهن. محبت، رومانس، انسان جا مجموعي درد، خوشيون، پيار جا رُساما ۽ ايندڙ وقت جي خطرن جي آگاهي سان ڀريل، ادب، فن ۽ شاعري جي اسان وٽ ڪابه کوٽ نه آهي.
    سنڌ ڌرتي هر دور ۾ جتي دودا دلير، هوشو جهڙا باهمت هيمون، روپلي جهڙا بهادر پيدا ڪيا آهن اُتي مهان شاعر سيبتا سگهڙ، عالم ۽ اديب به پيدا ڪيا آهن، جيسين هي دنيا قائم ۽ دائم آهي ته اِهو سلسلو هلندو رهندو.
    اديبن، عالمن ۽ شاعرن، هميشه اصولن سان وفا ڪئي آهي هو هميشه پنهنجي زبان، ادب ۽ تاريخ سان سچا رهيا آهن، سندن سڄو ڪم احساس سان واڳيل هوندو آهي. جيستائين حُسن ۽ حق، عشق ۽ خوبي دنيا ۾ موجود آهن تيستائين شعر جو ميدان پڻ سرگرم رهندو.
    سنڌي ٻولي جي عظيم شاعرن شاهه عبداللطيف کان سچل تائين بيدل، بيڪس، سامي، يوسف ۽ صادق کان ويندي شيخ اياز ۽ استاد بخاري تائين، سڀني اُملهه شاعري ڏني آهي، هينئر به اسان وٽ ڪيترائي اهڙا شاعر موجود آهن جن کي سندن گهري مشاهدي ۽ مطالعي سبب بُلند پائي جي شاعرن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. اهڙو ئي هڪڙو شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر ذوالفقار سيال آهي، جنهن وٽ لفظن جا انبار آهن، سندس شاعريءَ ۾ برجستگي آهي. سندس بردبار ۽ خوش مزاج طبع جي ۽ ذهن جي قوت سبب سندس شاعري ۾ سگهه آهي. سندس ڪلام ۾ زور آهي. پنهنجي لياقتن جي آڌار، سندس مان مرتبو، ايمانداري، اخلاق ۽ هُنر اڳئين کان اڳرو نظر اچي ٿو، هُو شاعريءَ جي عميق سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻي، ماڻڪ موتي ڪٺا ڪري ٿو.
    اسان جي هٿن ۾ سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”ماڻهو اُجرا، رستا ميرا“ آهي. انتهائي جاذب نظر جلد سان سينگاريل آهي. خوبصورت ٽائيٽل وارو هي ڪتاب ۳۳۶ صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ حمد باري تعاليٰ کان پوءِ ۲۰۵ غزل آهن ۽ ۱۰۰ گيت آهن. هر غزل پنهنجي جاءِ تي تمام سٺو آهي. آسان ٻولي، لفظن جي مالها ۾ ٻوتل، بلند خيال، پڙهندڙن کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪن ٿا.
    هن شاعري جي ڪتاب کان اڳ ليکڪ (شاعر) جا ۱۲ ڪتاب پڙهندڙن تائين پهچي چُڪا آهن، جيڪي پڙهندڙن جي دلين ۾ جاءِ جوڙي چڪا آهن، هي سندس ۱۳هون ڪتاب آهي، جيڪو پڻ منفرد حيثيت ضرور حاصل ڪندو. هن ڪتاب جو مهاڳ، ج. ع منگهاڻي لکيو آهي، جنهن جو قلم پڻ تلوار کان وڌيڪ تکو ۽ طاقتور آهي. پهريون غزل اهڙو آهي، جنهن مان هِن ڪتاب جو عنوان پڻ کنيو ويو آهي. جيئن،
    گم ٿي ويڙا، سڀ جا پيرا،
    ماڻهو اُجرا، رستا ميرا.
    سنڌي ماڻهو سهڻا سڀ کان،
    شال جيئن سي مرد مٿيرا.
    هيءَ حياتي پوءِ به ٿوري،
    پيار ڪيان جي سؤ سؤ ڀيرا.
    تمام خوبصورت غزل، پيار ۽ محبت جو پيغام هڪ هڪ لفظ مان جهلڪي ٿو.
    ٻوليءَ تي گهري نظر ۽ مهارت هئڻ سبب سندس انداز بيان ۾ بي پناهه طاقت آهي. سندس شاعري نوان نوان رنگ ۽ روپ ڌاري اوج تي پهتل نظر اچي ٿي.
    شاعر جي سماج ۾ ٿيندڙ ظلمن تي به گهري نظر آهي. جيئن هِن غزل ۾ شاعر چوي ٿو ته:
    سينا زوري ڪيستائين؟
    ڀتاخوري ڪيستائين؟
    ساري ڌرتي صحرا ٿي وئي،
    پاڻي چوري ڪيستائين؟
    محبت ساري موٽائي ڏي،
    ٿوري ٿوري ڪيستائين؟
    هن غزل ۾ سماجي ستمن جي اُپٽار ٿيل آهي. دراصل شاعر جو مشاهدو ۽ مطالعو ئي کيس بُلند درجي تي پهچائي ٿو. هُو ٻين انسانن جي دلين ۾ پڻ اهڙن جذبن اٿارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جهڙا مشاهدي وقت سندس دِل ۾ پيدا ٿيا هئا.
    شاعرُ انسان ذات جي سڪون جو باعث بڻجي ٿو پر ڪڏهن ڪڏهن دلين ۾ بي چيني جو سبب پڻ بڻجي ٿو. جيئن هِن غزل ۾ ڊاڪٽر چوي ٿو ته:
    ڪيڏو ٿو توکي چاهيان، لڪائي نه ٿو سگهان،
    مان يار دِل جي ڳالهه، ٻڌائي نه ٿو سگهان.
    ڀورا ٿين ٿا خواب، ساڀيان نه ملي ٿي ملي،
    نيڻن ۾ تنهنجا خواب، سجائي نه ٿو سگهان.
    هي غزل پڙهي هر پڙهندڙ پنهنجي زندگيءَ جيان حسين يادن ۾ گم ٿي ويندو ۽ جنهن لاءِ چيو ويو آهي اُهو ته ڪنهن جنت الفردوس جي وادين ۾ گم ٿيندو، پر شاعر جي دِل جي آنڌ مانڌ کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، لڪائڻ باوجود، اندر جي اُڌمن کي لڪائي نه ٿو سگهي، هر انسان خواب ڏسي ٿو پر سڀني جا خواب ساڀيان ڪونه ٿيندا آهن. شاعر به اهڙائي ڪي حسين خواب ڏٺا هئا، پر شايد انهن خوابن کي مڪمل ٿيڻ ۾ وقت لڳو آهي...؟ هر شاعر جي دل احساسن سان ڀريل هوندي آهي ۽ هُو لفظن جي لطافت سان، اُن جو اظهار ڪري ٿو، جيئن هن غزل ۾ سماج ۾ ٿيندڙ بُراين جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته:
    لُچ لوفر رچي ويو آ،
    زمانو اهڙو اچي ويو آ.
    ملي ٿي ڪوڙي کي خوب عزت
    سچو سڙي ۽ ٽچي ويو آ.
    هتي ته راهزن ٿيو آ رهبر،
    هُو کائي کائي سُڄي ويو آ.
    سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافي جي ڪيڏي نه سهڻي نموني عڪاسي ٿيل آهي. سچ ته شاعر جو اندر هڪ آئيني وانگر آهي، جنهن ۾ سماج جو عڪس ڏسي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر زلف ته آهي ئي پيارو انسان، سماج ۾ ٿيندڙ ظلمن تي سندس دِل ڏکي ٿي. هڪ سچو شاعر خوشيءَ ۾ پنهنجو اظهار جهڙيءَ ريت ڪري ٿو، ان کان ٻيڻو اظهار هو ڏک مهل ڪندو آهي. جڏهن سندس اندر اڌ ٿي اٿلي پوندو آهي ۽ اظهار لاءِ وٽس ٻي ڪنهن به اضافي شيءِ جي ضرورت نه رهندي آهي.
    ڊاڪٽر سيال سالن کان مسلسل لکندو رهي پيو. مون کي حيرت ٿيندي آهي ته ڊاڪٽر صاحب جو پيشو ۲۴ ڪلاڪ خدمت وارو آهي. هُو ڪيئن فُل ٽائيم، پنهنجي پيشي کي به ڏئي ٿو ته ادب سان به ناتو نڀائي ٿو، پر اِهي سڀ عشق ۽ محبت ڪرائي ٿي. پنهنجي ڪم سميت زندگيءَ جي سڀني شعبن سان ثابت قدم رهيو آهي. سچو ۽ زنده دِل ماڻهو آهي. قسمت جي ديوي مٿس خاص مهربان آهي، هر سٺي ڳالهه تي بي اختيار ٽهڪ ڏيڻ سندس سڃاڻپ آهي. هُو، الله جل شانہٗ تي مڪمل ڀروسو ڪرڻ وارو انسان آهي، سندس هِن مٺڙي لولي مان سندس اُجري دِل نظر اچي ٿي.
    امڙ جي لولين ۾ الله هو، الله هو،
    پکين جي ٻولين ۾ الله هو، الله هو،
    سمنڊ جي ڇولين ۾ الله هو، الله هو،
    اسان جي دلين ۾ الله هو، الله هو.
    هي گيت پڙهي اسان سندس دل جي گهرائي کي ماپي سگهون ٿا. سندس هي شاعري جو ڪتاب ”ماڻهو اجرا رستا ميرا“ به پڙهندڙن کي ضرور پسند ايندو.
    ڪتاب ڀلي نثر ۾ هجي يا نظم ۾، پنهنجي الڳ حيثيت رکي ٿو. شاعري جو آهي ته، گلستان ادب، حيات انساني کي رنگن ۽ خوشبو سان معطر ڪري ڇڏي ٿو.
    ڊاڪٽر صاحب جي شاعريءَ کي سنڌ جي هٿي فنڪارن پنهنجي خوبصورت آواز ۾ ڳايو آهي ۽ سندس هي ادبي سفر، اميد ته ائين جاري رهندو. منهنجي دُعا آهي ته خدا تعاليٰ سندس ذهن ۽ قلم کي اڃا وڌيڪ سگهه ۽ طاقت عطا فرمائي ۽ اسان کي اڃا وڌيڪ ڪتاب پڙهڻ لاءِ مِلن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪيڏو ٿو توکي چاهيان، لڪائي نه ٿو سگهان،
    مان يار دِل جي ڳالهه، ٻڌائي نه ٿو سگهان.
    ڀورا ٿين ٿا خواب، ساڀيان نه ملي ٿي ملي،
    نيڻن ۾ تنهنجا خواب، سجائي نه ٿو سگهان.
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال خوبصورت شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم اڳواڻ آهي۔ سندس شاعريء جي ڪتاب تي ادي مهرالنساء جو سٺو تجزيو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو