• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 3 نومبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 3 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:


3 نومبر 1618ع مغل بادشاھ اورنگزيب عالمگير جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
3 نومبر 1889ع مذهبي اسڪالر ۽ تحريڪ آزادي جو اڳواڻ مولانا محمد ابراهيم (ڳڙهي ياسين) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
3 نومبر 1893ع عالم، اديب، شاعر ۽ صحافي عبدالخالق ”خليق مورائي“ ولد قاضي نبي بخش سومرو موري شھر ۾ پيدا ٿيو.
3 نومبر 1916ع نامياري تعليمدان ۽ سياستدان احمد محمد قاضي (قاضي احمد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
3 نومبر 1921ع شاعر، مصور، گلوڪار ۽ ليکڪ ڀڳوان کلناڻي ساقي (ڀريا / پونا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
3 نومبر 1929ع ناليواري محقق ڊاڪٽر مرلي ڀاوناڻي (حيدرآباد / دهلي) جو جنم ڏينهن آهي۔
3 نومبر 1940ع نامور شاگرد اڳواڻ شهمير خان ڀنگوار جو جنم ڏينهن آهي۔
3 نومبر 1950ع اڳوڻي ايم. اين. اي ۽ چانڊيا قبيلي جي سردار نواب شبير احمد چانڊيي جو جنم ڏينهن آهي۔
3 نومبر 1957ع شاعر، نثر نويس ۽ محقق ڊاڪٽر اسد جمال پلي جو جنم ڏينهن آهي.
3 نومبر 1959ع شاعر، ليکڪ ۽ استاد اصغر گوزائي جو جنم ٿيو۔
3 نومبر 1962ع سياستدان عبدالڪريم سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
3 نومبر 1963ع صحافي فيض ميراڻي (شڪارپور) جو جنم ٿيو۔
3 نومبر 1966ع شاعر حاڪم مهر (چڪ) جو جنم ڏينهن آهي.
3 نومبر 1967ع شاعر نور الله مهر ”کوهي وريام“ جو جنم ڏينهن آهي۔
3 نومبر 1972ع ڪھاڻيڪار، ڊرامه نگار، شاعر ۽ هدايتڪار علي روشن شيخ ڳوٺ ڀيڏا تعلقي لاڙڪاڻو ۾ جنم ورتو.
3 نومبر 1982ع محقق ۽ لسانياتي ماھر ڊاڪٽر ڦلو مل ’سُندر‘ ميگهواڙ جو جنم ڏينهن آهي۔

وڇوڙو:

3 نومبر 1873ع مشهور بزرگ، عالم۽ شاعر، ميان حامد الله ’حامد‘ تنيو حضوريءَ جي وفات ٿي.
3 نومبر 1984ع نامياري موسيقار، گلوڪار ۽ شاعر ماسٽر چندر جي ديهانت ٿي.
3 نومبر 1984ع پنجابي ٻوليءَ جي مشھور شاعر استاد دامن جو وڇورو ٿيو.
3 نومبر 2003ع نامور داغستاني شاعر، رسـول حمزه توف جي وفات ٿي.
3 نومبر 2013ع گلوڪاره ريشمان جي وفات ٿي.
3 نومبر 2015ع :ليکڪ، استاد ۽ صحافي، مؤمن بُلو جو وڇورو ٿيو.
3 نومبر 2016ع نامياري اديب، شاعر ۽ صحافي، پرواني ڀٽيءَ جي وفات ٿي.

اڄوڪي ڏينهن 3 نومبر جا ڪجهہ اهم واقعا

1493ع – ڪرسٽوفر ڪولمبس ڪيريبئن سمنڊ ۾ ڊومينيڪا ڳولي لڌو.
1957ع ــ روس خلائي سيارو اسپتنڪ ٻيو (Sputnik II) خلا ۾ موڪليو. ھن سياري ۾ لائيڪا (Laika) نالي ھڪ ڪتي کي بہ خلا ۾ موڪليو ويو ھو. ھي ڪتو دنيا جي پھرين جاندار شئي ھئي جنھن کي خلا ۾ موڪليو ويو.
1961ع ــ اسٽيٽ بينڪ جي نئين بلڊنگ جو افتتاح ٿيو.

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
Back
Top