سنڌ جي عظيم راڳي ماسٽر چندر جي شخصيت

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏23 مارچ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ جي عظيم راڳي ماسٽر چندر جي شخصيت​



    ماسٽر چندر سنڌ جو اهو راڳي آهي جنهن کي نوجوان توڙي عمر رسيده ماڻهون اڄ به ٻڌندا آهن
    ماسٽر چندر 1907ع ۾ سنڌ جي شهر ٺارو شاه ۾ جنم ورتو سندس والد هڪ غريب هاري هو ماسٽر چندر ننڊ پڻ کان ئي راڳ رهاڻ ۽ موسيقي جو شوقين هو جڏهن ته هن جي خاندان ۾ راڳ سان واسطو رکندڙ ٻيو ڪو ماڻهون به موجود نه هو۔
    جڏهن سنڌ جي هڪ ٻئي مشهور راڳي ڪنور رام ( جنهن کي سنڌ ۾ مذهبي ڪٽر پڻي تحت قتل ڪيو ويو هو ) صاحب هن ٻارڙي کي ڏٺو ته چيائين ته هي ٻارڙو وڏو ٿئي ۽ هڪ مشهور راڳي ٿيندو ۽ ڪنور رام جي اها ڳالهه سو فيصد صحيح ٿئي ۽ ماسٽر چندر سنڌ جو هڪ مشهور راڳي بڻيو۔
    ماسٽر 1933 ۾ باقائده ڳائڻ شروع ڪيو ۽ 1934ع ۾ هن جو نالو جهر جهنگ ۾ گونججي ويو۔ ماسٽر چندر ايڪٽر طور فلم ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي۔ ۽ ان کان علاوه ماسٽر چندر فلم لاء تقريبن ست گانا پڻ ڳايا آهن ماسٽر چندر نه صرف هڪ بهترين راڳي هو مگر هڪ بهترين شاعر ۽ موسيقار پڻ هو پنهنجن ڪيترن ڪلامن جون ڌنون پڻ پاڻ تيار ڪندو هو وڏي ڳالهه ته اهيا آهي ته شاعري به پاڻ ڪندو هو ، ڌن به پاڻ تيار ڪندو هو ۽ ڳائيندو به پاڻ هو۔ اهي سڀ صلاحتون هن هڪ شخص ۾ موجود هيون۔ ۔ سندس شاعري سولي سهڻي ۽ دل کي ڇهندڙ انداز ۾ ڪيل آهي۔ سندس شاعري جو انداز اهيو آهي جو هر ٻڌندڙ ائين محسوس ڪندو آهي ته اهيا چندر ڄڻ مون سان مخاطب ٿيندي شاعري ڪئي آهي۔ ۽ مون کي ئي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائي رهيو آهي۔
    سندس جڳ مشهور ڪلام ( رٺائي رهن پر هجين حياتي ) ٻچي ٻچي کي ياد آهي۔ ۽ سندس اهيو ڪلام سدابهار ڪلام آهي جنهن کي سنڌ جي ڪيترن فنڪارن پڻ ڳايو آهي۔توهان پاڻ ڏسو هن درويش صفت راڳي جو انداز۔ جيڪي ساٿ پيا ڏين انهن لاء ته هرڪو پيو دعا ڏيندو آهي مگر هي صاحب ته رٺلن کي ڪاوڙ ڪندڙن کي به پيو دعا ڏئي۔ماسٽر چندر سان گڏ ڪيترن فنڪارن سنڌ ۾ پئي ڳايو جن ۾ جيوڻي ٻائي، ڪنور رام، ڀڳت موٽن داس، وغيره ۽ اهي پڻ پنهنجي دور جا مشهور راڳي هئا مگر ماسٽر چندر انهن مڙني فنڪارن کان گهڻو اڳتي نڪري ويو۔ ۽ سندس نالي کان سنڌ ۽ هند جو هر سنڌي واقف ٿيو۔ کيس اڄ به سنڌ توڙي هند ۾ دل سان ياد ڪيو ويندو آهي۔
    منهنجو ڏاڏا ماستر محمد اسمعاعيل وگهيو ٻڌائيندو هو ته ماسٽر چندر دادو ۾ چاندني چونڪ تي هر چنڊ جي چوڏهين تاريخ تي راڳ جي محفل ڪرڻ لاء ايندو هو ۽ سڄو چاندني چونڪ ڀرجي ويندو هو۔۽ خوب مزو پيو ايندو هو هڪ چانڊوڪي رات ٻيو ٺريل رات ۽ مٿان چندر جو مٺڙو آواز سهڻي شاعري سان گڏ، مطلب ته دل کي سڪون ۽ ڪرار اچي ويندو هو۔ جڏهن پاڪستان ۽ هندستان جي وراست ٿئي ته ماسٽر چندر به پنهنجو اباڻو وطن سنڌ ڇڏي هميشه لاء هندستان هليو ويو۔ ۽ عمر جي آخر تائين پنهنجي اباڻي وطن کي ياد ڪندو رهيو۔ ۽ سنڌ کي ياد ڪندي هڪ ڪلام پڻ ڳايائين وڃڻ کانپوء به هن کي سنڌ جي ياد ستايو ۽ پنهنجي پٽ سان گڏ 1955ع ۾ سنڌ گهمڻ آيو ۽ هن کي ماڻهن خوب عزت ڏني۔ ان آجيان هن جي دل کي باغ بهار ڪري ڇڏيو۔ ۽ کيس سنڌ لاء اڃان تڙپ وڌي وئي۔
    آخرڪار سنڌ جو هي مشهور راڳي هندستاب بمبئي ۾ 1984ع ۾ وفات ڪري ويو پر سندس آواز شاعري ۽ انداز سنڌ جي ماڻهن کي هميشه هميشه ياد رهندو


    ماسٽر چندر جي 103 جنم ڏينهن جي وڊيو
    http://www.youtube.com/watch?v=Cje4B61cA24&feature=player_embedded

    ماسٽر چندر جو وفات کان هڪ سال پهرين ورتل انٽرويو
    http://www.youtube.com/watch?v=HA5b0sUrRE8&feature=related
    ماسٽر چندر جو ڳايل مشهور ڪلام سندس پٽ مهيش چندر جي آواز ۾
    http://www.youtube.com/watch?v=WAua37uDe7c&feature=related
    ساڳيو ڪلام محمد يوسف جي آواز ۾
    http://www.youtube.com/watch?v=LhmqFXYDlKk&feature=related

    ماسٽر چندر جي پوٽي هريش چند جي آواز ۾ هڪ ڪلام http://www.youtube.com/watch?v=AAHQSpzwkEA&feature=related


    ماسٽر چندر ۽ سندس گهرواري

    [​IMG]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ جي عظيم راڳي ماسٽر چندر جي شخصيت

    ادا ماسٽر چندر جهڙي مشهور راڳيءَجي باري ۾ هي بهترين انفارميشن ڏئي اوهان ڏاڍو سٺو ڪيو آهي۔۔ ماسٽر چندر جي ڪري ٺارو شاهه مشهور ٿيو ۽ سندس جي ڪري ئي انگريزن ٺارو شاهه کي گرڊ اسٽيشن ۽ ريلوي جي سهولت فراهم ڪئي۔ انهيءَ روٽ تي ريلوي جي سهولت ته هاڻي ختم ٿي چڪي آهي پر هندو خاندان به هن علائقي مان لڏپلاڻ ڪري ويا آهن، ورلي ڪو هندو هن علائقي ۾ ملندو۔۔۔
    اهڙا بهترين راڳي سنڌي ٻوليءَ جو وڏو اثاثو آهن
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جي عظيم راڳي ماسٽر چندر جي شخصيت

    ادا مست صاحب توهان جي مهرباني جو اوهان منهنجهي محنت کي پسند ڪيو ۽ ماسٽر چندر جي باري ۾ معلومات جو اضافو پڻ ڪيو۔ ادا توهان جو شايد مون وانگر سنڌي ادب ڪلچر سان دلي لڳاء آهي ۽ لڳي تو ته توهان مطالعي وارا آهيو۔ ۽ مطالعي ڪندڙن سان توهان جو قريبي واسطو پڻ رهيو آهي۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ جي عظيم راڳي ماسٽر چندر جي شخصيت

    ادا ممتاز اسان مڙئي نيم حڪيم خطره جان وانگر سنڌي ادب جو ڪجهه مطالعو ڪيو ويٺا آهيون۔۔ باقي ويٺا سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آهيون ڪجهه ته فائدو وٺبو۔۔
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,930
    ورتل پسنديدگيون:
    27,249
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ماسٽر چندر: ھند ۽ سنڌ جو مھان راڳي

    ناصر قاضي

    [​IMG]
    موجن ڀرئي مهراڻ جو پاڻي، سنڌ صوبي جي نوابشاهه ضلعي جي گهڻي ڀاڱي کي آباد ڪري ٿو. هن ڀاڱي جي زمين گهڻي قدر سنئين سڌي آهي ۽ هتان جي آبهوا پڻ صحت بخش ۽ وڻندڙ آهي. هن ضلعي جي اترئين حصي کي قديم زماني کان وٺي ”ساهتي پرڳڻو“ ڪري سڏيندا آهن، جنهن ۾ ضلعي نوشهري فيروز جا ڪنڊيارو ۽ مورو تعلقا اچي وڃن ٿا.
    سنڌ جي مهان راڳيءَ ماسٽر چندر تعلق به هن ئي خطي جي هڪ تاريخي شهر ٺارو شاهه (اڳوڻي ضلعي نوابشاهه ۽ هاڻوڪي ضلعي نوشهري فيروز) سان هو. ماسٽر چندر جو گهر ٺارو شاهه ۾ ڦٽل نوَ لکي واهه تي ساڄي ڪپ تي هو، جيڪو ’ڏامواڻي حويلي‘ جي نالي سان اڄ به موجود آهي، جتي هن برک راڳيءَ جنم ورتو، سندس پتا جو نالو آسنداس ڏامواڻي هو، ٺارو شاهه جي قديم اسڪول رڪارڊ موجب سندس اصل نالو چندر مل ڏامواڻي، ولد آسنداس ڏامواڻي آهي ۽ سندس جنم جي تاريخ ۱۸ڊسمبر ۱۹۰۹ع ٻڌائي وڃي ٿي، پر نامياري ليکڪ ۽ سندس دل گھرئي دوست گوبند مالهيءَ سندس اصل نالو ’چاندو مل‘ ڄاڻايو آهي. اڳتي هلي هيءُ ’ماسٽر چندر‘ جي نالي سان ڄاتو سڃايو ويو، سندس اها سڃاڻپ اڄ سوڌو امر ٿي چڪي آهي.

    ماسٽر چندر پنهنجي ماتا پتا جو اڪيلو اولاد هئڻ ڪري سندن دادلو پٽ هو. هن شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول ٺارو شاهه ۾ ئي ورتي ۽ مئٽرڪ لوڪلبورڊ هاءِ اسڪول ٺارو شاهه مان ڪئي، جيڪو هاڻي گورنمينٽ پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول سڏجي ٿو. هن پڙهائيءَ بعد پبلڪ ورڪس (انجنيئري) کاتي ۾ پنج سال نوابشاهه ۾ نوڪري ڪئي.
    کيس راڳ سان ننڍپڻ کان ئي چاهه هو. شروع ۾ بانسري ۽ ’مائوٿ آرگن‘ (وات جو ساز) وڄائيندو هو. شروع ۾ هن ڪن ميراثين ۽ استادن کان راڳ جي سکيا ورتي. جنهن کانپوءِ هن راڳ جي ڪجھه سکيا جيوترام مٽائيءَ کان حاصل ڪئي، جيڪو سائين قطب شاهه جهانيان جي خاص مريدن مان هو. جڏهن ته روهڙيءَ جو هڪ بزرگ کيس خانصاحب امير خان وٽ وٺي ويو، جنهن کيس راڳ جي ڪافي سکيا ڏني. ماسٽر چندر کي راڳ واري فن ۾ همت افزائي سندس چاچي ڪئي، جيڪو هن لاءِ امرتسر مان هارمونيم وٺي آيو ۽ پوءِ هن سُر، سُرن جون شڪليون ۽ سرگم سکيا. آروهي، امروهي، ڪومل ۽ تيور جي ڄاڻ ورتي، ڏينهن رات هڪ ڪري هارمونيم سکيو ۽ هڪ عظيم ڪلاڪار بڻجي پيو.
    ماسٽر چندر سنڌ جي صوفي بزرگن جي صحبت مان وڏو فيض پرايو، جن ۾ روشن علي شاهه جهانيان وارو، سائين هادي بخش شاهه، دادن شاهه، نصير فقير جلالاڻي، درازن جا صوفي فقير، قلندر شهباز جا گادي نشين، هالا، مانجهند، ڀٽ شاهه، وسڻ گهوٽ، پارو شاهه ۽ ٻين درگاهن جا صوفي فقير ۽ سنت شامل هئا. اهي فقير جڏهن يڪتارا کڻي نچندا هئا ته چندر به ساڻن شامل ٿي ويندو هو.
    ماسٽر چندر لاءِ ڳالهه ڪندا آهن ته هو اڪثر رات جو ٺارو شاهه ۾ گوڌورام جي ٽڪاڻي ۾ ڳائيندو هو ۽ بنا ڪنهن لائوڊ اسپيڪر جي سندس آواز اڌ شهر ۾ ڦهلجي ويندو هو. ماسٽر چندر جو راڳ سان عشق هوندو هو، ايتريقدر جو هيءُ جڏهن نوابشاهه ۾ نوڪري ڪندو هو ته اتي شام جو ’چندر سنگيت ودياله‘ کوليائين. پوءِ ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ سانگي ويو ته اتي به راڳ ۽ سنگيت جو شوق جاري رکيائين ۽ رام باغ، گاڏي کاتي ۾ موسيقي سيکارڻ جو اسڪول قائم ڪيائين.
    ماسٽر چندر عوامي محفلن ۾ راڳ ڳائڻ جي شروعات هندن جي ڀڳتن سان ڌرمي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ سان ڪئي. چندر گائيڪيءَ کي نوان انداز ڏنا، ڳائڻ جي فن ۾ انوکا ۽ البيلا نمونا ايجاد ڪيائين، کيس ڳائن ۾ اهڙو ته اثر هوندو هو جو ڳائڻ وقت محفلن کي مُنڊي ڇڏيندو هو. چندر جو آواز چِٽو ۽ سُريلو هو، جيڪو پري پري تائين ٻُڌڻ ۾ ايندو هو. سندس مٺڙي ۽ درديلي آواز کي هن وقت تائين تمام گھڻو پسند ڪيو وڃي ٿو.
    ان دور ۾ محفلن سان گڏ گرامون ريڪارڊنگس ميڊيا جو اهو واحد ميڊيم هوندو هو، جنهن جي ذريعي فنڪارن کي مشهوري ۽ ناماچاري حاصل ٿيندي هئي، جيتوڻيڪ ريڊيو به ان وقت ۾ عام جام هوندو هو، پر ريڊيو تائين رسائي به ڪن ڪن فنڪارن جي وس ۾ هوندي هئي. ماسٽر چندرکي گرامون فون ريڪارڊنگ ڪمپنيءَ جي هڪ مالڪ سيٺ لال چند متعارف ڪرايو، ان کان علاوه جيوڻي ٻائي کيس هندستان وٺي وئي، جتي هن ماسٽر چندرکي هندستان جي گرامون فون ڪمپنين ۾ به متعارف ڪرايو.
    ماسٽر چندر کي حياتيءَ ۾ وڏي مڃتا ملي. رڪارڊ ڪمپنيءَ طرفان چندر جا وڌ ۾ وڌ گراموفون رڪارڊ ڀرائڻ جي پيش نظر، هن جي فن جي قدرداني ڪندي، سندس فن جي مڃتا طور کيس ڏهن تولن جو سونو ميڊل انعام طور ڏنو ويو. رڪارڊنگ ڪمپنين طرفان کيس ٻين ڪلاڪارن کان وڌيڪ معاوضو ڏنو ويندو هو. وقت جي راجائن ۽ نوابن وٽان به هن سرٽيفڪيٽ ۽ ميڊل حاصل ڪيا، کيس ننڍي کنڊ جي عظيم گويي استاد بڙي غلام علي خان ’سنگيت آچاريه‘ جو لقب عطا ڪيو ۽ سرڪار وٽان به ڪيترا انعام حاصل ڪيائين،
    ۱۹۴۷ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ اڪثر هندو سنڌ ڇڏي ڀارت هلـيـا ويـا. چـنـدر کـي به مجبـوراً سـنڌ ڇـڏڻي پـئي. ڀارت ۾ پـهـريـن اجميـر، پوءِ بمـبـئيءَ ۽ ڪلڪتي ويو. آخر ۾ بمبئيءَ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين.
    ڀارت لڏي وڃڻ کان پوءِ سنڌ جي اُڪير هڪ دفعو کيس واپس وطن جي زمين تي ڇِڪي آئي.۱۹۵۵ع ۾ سنڌي عوام جي بيحد اسرار ۽ پاڪستاني سرڪار جي دعوت تي ماسٽر چندر سنڌ ۾ آيو ۽ مختلف جاين تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. ٽي مهينا سنڌ ۾ رهيو. ان دوران ’قطب شاهه جهانيان‘ جي ميلي ۾ به شريڪ ٿيو. پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٺارو شاهه به ويو، جتي گوڌورام جي ٽِڪاڻي ۾ اچي رهيو ۽ اتي ئي راڳ جون محفلون مچايائين. چون ٿا ته راڳ دوران ماڻهن کيس پئسا ڏيڻ شروع ڪيا ته چندر اُٿي بيٺو ۽ هٿ ٻَڌي حاضرين کي چيائين: ”سڄڻو! پئسا ته منهنجي پٺيان هلندا وتن، مان صرف اوهان سان ملڻ آيو آهيان، اوهان سان دِل جا حال اورڻ آيو آهيان.“
    ماسٽر چندر پنهنجي هن دوري ۾ پنهنجي اصلوڪي ڳوٺ ٺارو شاهه ۾ قيام دوران هو پنهنجو گهر به گهمڻ ويو. نلڪي جو پاڻي پيتائين. پاڻيءَ جي دِلِي ڀري کنيائين ۽ بعد ۾ اهو پاڻي پاڻ سان هندستان کڻي ويو، ان کان سواءِ سنڌي سازن مان ٻه ٽي گهاگهريون ٺهرائي پاڻ سان گڏ بمبئي کڻي ويو.
    ۱۹۵۸ع ڌاري ورهاڱي بعد ڀارت جي پهرين سنڌي فلم ’اباڻا‘ تيار ڪئي وئي، جيڪا ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت، سنڌ مان اصلوڪن هندن جي لڏ پلاڻ واري دکدائڪ پس منظر جي عڪاسيءَ ۾ تيار ڪئي وئي، ماسٽر چندر ان فلم جا گانا ڳائڻ سان گڏوگڏ مک ڪردار طور اداڪاري پڻ ڪئي. هيءُ پنهنجي دور جو هڪ برجستو شاعر پڻ هو، سندس شاعري ۾ عروض جا سمورا لوازمات نمايان آهن، سندس شاعريءَ ۾ تجنيس حرفي به سگھاري درجي جي نظر اچي ٿي، نموني طور سندس هڪ غزل هيٺ ڏجي ٿو:
    حسن سرڪار جي سامهون سوين آيا، ويا سٽجي.
    هزارين هار کائي ويا، لکين لالڻ ويا لَٽجي
    دناليون جيئن کنيون ديدن، نوين توبهه ڪئي توبن،
    جھڪايا سر به سردارن، سپه سالار ويا سٽجي
    مٺا مسڪين مڪرن ۾ ڏنگن زلفن جي چڪرن ۾،
    وٽيل واران جي وڪڙن ۾ وڏا وريام ويا وٽجي.
    انهن اڀرن اشارن سان، ڪمانين قهر وارين سان،
    ڪهڻ وارن ڪٽارن سان، ڪيئي قابل ويا ڪٽجي.
    ’چندر‘ چشما کڻي بند ڪر فقط دل ۾ رکي تصور،
    هتي توکان تکا عاشق فراقن ۾ ويا ڦٽجي.
    ماسٽر چندر کي پنجن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن جو اولاد ٿيو. سندس وڏو پٽ ڪنيالال ۱۶سالن جي عمر ۾ گذاري ويو. ٻيو پٽ مَنسُک ٽئين درجي ۾ پڙهندو هو ته گذاري ويو. سندس ٽيون پٽ گوپ چندر ڪاروبار ڪندو آهي ۽ ڳائيندو به آهي. سندس چوٿون پٽ هير چندر انڪم ٽيڪس جو وڏو وڪيل آهي، ساز وڄائي ڄاڻندو آهي، پر ڳائيندو نه آهي. چندر جو پنجون پٽ مهيش چندر، پيءُ وانگر وڏو فنڪار ۽ هندستان ۾ فلمن جو ناليوارو موسيقار آهي، سندس سنڌي ۽ هندي ڪلامن جا البم ۽ سي ڊيون جاري ٿيل آهن. چندر جا ٽئي پٽ پيءُ وانگر ملنسار ۽ خوش اخلاق آهن ۽ پيءُ جي ورثي جا وارث آهن.
    ماسٽر چندر جي ڪلامن تي ڪجهه عرصو ۱۹۶۵ع جي جنگ کان پوءِ سنڌ ۾ ريڊيو، ٽي وي تي بندش هئي، پر اڄ اهي پابنديون ختم ٿي چڪيون آهن ۽ سرڪاري ميڊيا توڙي خانگي چئنلن تي سندس ڳايل ڪلام ڳائجي رهيا آهن. هڪ محتاط اندازي موجب چندر ۳۰۰۰کان به مٿي ڪلام ڳايا ۽ انهن جون ڌُنون ٺاهيون.
    سنڌ جو هي البيلو ڪلاڪار، ۲نومبر ۱۹۸۴ع تي اٽڪل ۷۸ورهين جي ڄمار ۾ ممبئيءَ ۾ ديهانت ڪري ويو. ماسٽر چندر جي زندگيءَ تي، ٺاروشاهه جي رهاڪو ۽ هن وقت احمد آباد ۾ رهندڙ، مشهور اديب، ارجن ڀمڀاڻيءَ، ۱۹۸۹ع ۾ هڪ ڪتاب ’سنگيت آچاريه ماسٽر چندر‘ ڇپائي پڌرو ڪيو. سندس زندگيءَ تي ٻيو ڪتاب به سندس ڳوٺائي، ڊاڪٽر غلام قادر سومري ’سنگيت آچاريه، ماسٽر چندر مهان ڪلاڪار‘ جي عنوان سان لکيو، جنهن کي سندس فرزند افتخار سومري،۲۰۰۷ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
    ماسٽر چندر جي شخصيت توڙي فن، اڄ به سنڌي موسيقيءَ ۾ هڪ اهم حيثيت جو حامل آهي. ايتري قدر جو سنڌ جو ناميارو ڪلاڪار ممتاز لاشاري ماسٽر چندر جي گائيڪيءَ کي ان حد تائين پسند ڪري ٿو جو پنهنجي هر البم ۾ چندر ڳايل ڪلام ضرور ڳائيندو آهي. جڏهن ته سنڌ جو هڪ ٻيو سريلو راڳي عبدالغني ڀٽي، چندر جي ئي انداز ۾، چندر جا ڪلام ڳائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو آهي.
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,930
    ورتل پسنديدگيون:
    27,249
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي سوني مٽيءَ مان پيدا ٿيل ڪلا جو ڪوهنور ماسٽر چندر

    ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي

    سنگيت جي عالم ۾ ماسٽر چندر هڪ وڏو ۽ مانائتو نانءُ آهي، موسيقي يا راڳداري کي روح جي غذا چيو ويو آهي، جنهن جي ڪنن ۾ پوڻ سان من ۾ تازگي ۽ سرور پيدا ٿئي ٿو. رقص ۽ راڳ، ساز ۽ سرود سنڌين جي رڳ رڳ ۾ رچيل ۽ سمايل آهن. ويدن جا منتر به موسيقي تي جڙيل آهن. شاهه سائينءَ به عوامي زبان ۾ شاعري ڪري ڪيترن داستانن جا نالا راڳن مان ورتا آهن. جيئن سهڻي، سورٺ، ڪيڏارو، سارنگ، کنڀات ۽ پرڀاتي ۽ ايئن سنڌي موسيقي کي زندهه جاويد ڪري ويو آهي.
    اسان جي ڪلا جو ڪوهنور، دل ۽ دماغ تي جادو ئي اثر ڪندڙ ماسٽر چندر به سهڻي لطيف جي راڳ، ويراڳ واري موتين مالها جو هڪ املهه داڻو آهي. جنهن کي صوفي اوتارن تان مڌر آواز عطا ٿيل هو. جيڪڏهن اسين کيس عوامي يا لوڪ رنگ جو علامتي فنڪار چئون، ته به مبالغو نه ٿيندو. سنڌيءَ ۾ اهڙا فنڪار توهان کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس ملندا. مان نه سنڀران، ڀڳت ڪنور رام کي ڇڏي هن سنڌ خواه هند ۾ پنهنجا هيترا سارا پرستار پيدا ڪيا هوندا. ماسٽر چندر موسيقي جي عالم ۾ اهو وکر وهايو آهي، جو ڪڏهن پراڻو ٿيڻ جو ناهي. شاهه سائين جي لفظن ۾

    وکر سو وِهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي،
    ويچيندي ولات ۾، ذِرو ٿئي نه ضاءِ
    سا ڪا هَڙَ هلاءِ آڳهه جنهن جي اُبهين.

    هن جي سنگيت جو هڳاءُ، اڄ به هند خواه سنڌ ۾ ڦهليل آهي. اها اسان جي خوشنصيبي آهي. جو اهڙو اعليٰ گايڪ ۽ سنگيتڪار اسان جي حصي ۾ آيو.
    اڄ به ذهن تي ماسٽر چندر جو ڄاتل سڃاتل ڪردار اڀري اچي ٿو. قد جو پورو پنو، شڪل جو ٺاهوڪو، اکين ۾ مقناطيسي ڪشش، سفيد مهانڊو، گهڻو ڪري سفيد چوغي پتلون ۽ ڪاري صدريءَ ۾ ملبوس اڪثر مٿي تي سنڌي ٽوپي، ملڻو، جلڻو ۽ خوش مزاج ڳالهائڻ ۾ دل فريبي ايڏي جو اڳلو متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو
    ذهن تي ڪي منظر اڀرن ٿا، منهنجي عمر تيرهن، چوڏهن سال، هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هوس. ٽئين نمبر جي او ٽي سيڪشن ۾ نديءَ جي ڪناري مٿاهينءَ تي ٺهيل بئرڪ، جتي ماسٽر چندر رهندو هو. مان اتي اڪثر ويندو هوس. منهنجا ٻه دوست رام ۽ شيام ٻه ڀائر ان بئرڪ ۾ رهندا هئا. انهن جو پتا ٺاڪر داس آئلاڻي وڪيل هو ۽ تعليمي سنسٿا “سنڌو ايڊيوڪيشن سوسائٽي” جو سيڪريٽري هو. اسان ٽنهي سوسائٽيءَ جي اسڪولن ۾ ماستري سان زندگي جي شروعات ڪئي. پوءِ جڏهن پراسرام ضيا به اسڪول ۾ ماستر بڻيو، ته ماسٽر چندر سان وڌيڪ ملاقاتون ٿيڻ لڳيون. ماسٽر چندر سان پراسرام ضيا جو سنڌ کان وٺي رستو هو. ٻنهي جو پاڻ ۾ اهڙو عشق پئجي ويو هو، جو هر محفل ۾ مجلس ۽ موسيقي جي پروگرامن ۾ ٻئي اڪثر گڏ ڏسڻ ۾ ايندا هئا. اڳتي هلي سندن اها دوستي مائٽيءَ ۾ تبديل ٿي وئي. پراسرام ضيا جي ڌيءُ، ماسٽر چندر جي ننهن بڻي. پرسرام ضيا سان ماسٽر چندر جو ناتو پڇاڙيءَ تائين قائم رهيو.
    ورهاڱي کانپوءِ سنڌين کي پنهنجي ڀونءِ ڇڏي ڀارت ۾ اچڻو پيو. پرسرام ضيا به سنڌ ڇڏڻ کانپوءِ پهرين اجمير، پوءِ ڀيلوارا پهتو.روزگار نه ملڻ تي آخر ڪلياڻ ڪئمپ ۾ اچي ٿانئيڪو ٿيو. جتي باقي رهيل حياتي گذاريائين. پراسرام پنهنجي جگري دوست ماسٽر چندر لاءِ به ڪوٺيون والاريون، جتي ماسٽر چندر پنهنجي ڪٽنب سميت اچي رهيو. اڄ منهنجا اهي ٻئي دوست حيات ڪونهن جن جي ڪري منهنجي ملاقات ماسٽر چندر سان پيئي ٿيندي هئي. هنن جو والد به حيات ڪونهي. ماستر چندر ۽ پراسرام ضيا به اگم ديش ۾ آهن. مان به لائين ۾ بيٺو آهيان.
    سنگيت آچاريه ماسٽر چندر جو جنم ٺارو شاهه شهر، ضلعي نواب شاهه (هاڻي نوشهرو فيروز) سنڌ 12۾ ڊسمبر 1907ع ۾ ٿيو. اهو سنڌي سنگيت جو لاشڪ سونهري زمانو هو. هڪ طرف مشهور سنڌي گائڪائون جيوڻي، گولي ۽ نوابي پنهنجي رسيلي آواز ۽ ڪٽيلي ناز وَ انداز سان ٻڌندڙن سان وئل وهائي ڇڏينديون هيون ته ٻئي طرف ناميارا ڀڳت مٺو ۽ موٽڻ گلي جي سوز ۽ ڇير جي ڇمڪار سان وڻ وڄائي ڇڏيندا هئا. سائين سترامداس جڏهن ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳاتار ڀڳت وجهندي ڄڻ مالڪ سان تار جوڙي ڇڏيندو هو، تڏهن ڪير هو جو هن جو مقابلو ڪري سگهي! ڀڳت ڪنوار رام جڏهن ڇير ۽ جامو پائي نچندو هو ۽ اسر جو پرڀاتي ڳائيندوهو. “اٿي آسر جو رام ريجهاءِ بندا، پنهنجي پريتم کي پرچاءِ بندا”، ان وقت رام ۽ رحيم جا سڀ سنڌا مٽجي وينداهئا. هندن چاهي مسلمانن جي اکين مان پريم ۽ شرڌا جا ڳوڙها وهڻ لڳندا هئا.
    انهيءَ دؤر ۾ ئي موسيقي جي درياهه ۾ هڪ نئين نرالي ترنگ پيدا ٿي، رنگ برنگي، جلويدار، سوز ڀري جيڪا آواز جو جادو بڻجي، شهرن کان واهڻن تائين هر سنڌيءَ کي پنهنجي ڇوه ۾ ڇڪيندي، سڄي سنڌ تي ڇانئجي وئي. اها لهر هئي ماسٽر چندر جي جادوءَ ڀري آواز جي لهر. هن وٽ لاشعوري ڏات جي ڏاڻ جي هڪ اهڙي خوبي هئي، جا ٻڌندڙن کي ٻئي جهان ۾ پهچائي ڇڏيندي هئي. هڪ ڀيري ڀڳت ڪنور رام، چندر جي گائڪيءَ کان متاثر ٿي، کيس چيو هو، “چندر ! تنهنجي گلي ۾ سرسوتي سمايل آهي، تون هڪ ڏينهن ضرور چمڪندين؟” سنت ڪنور رام جي اها پيشنگوئي لفظ به لفظ سچي ثابت ٿي. جڏهن ماسٽر چندر پنهنجي نرالي سريلي ۽ مڌر گائڪي سبب سموري سنڌي قوم جو لاڏلو فنڪار بڻجي پيو، ماسٽر چندر هارمونيم تي ڳائيندي پنهنجي پرڪشش ۽ منفرد آواز سان سڀني کي جهومائي ڇڏيندو هو.
    سنڌي موسيقي جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ جا راڳڻا، راڳ ملهار ڇيڙي سنڌ جي ٺوٺ ۽ بنجر زمين تي بارش وسائيندا هئا. جهونا گڙهه جي راجا راءِ ڏياج تندن جي مڌر سرن تي تڏهن ته سر ڏيڻ لاءِ ٻيجل اڳيان ڪنڌ جهڪايو هو. ماسٽر چندر به نه انهي ديش جو رهواسي هو، پوءِ پٺتي ڪيئن رهندو؟ موسيقي هن لاءِ عبادت هئي. ماڻهو چندر جي پروگرام جو تمام بي صبري سان انتظار ڪندا هئا. محبت ۽ خلوص سان سندس پروگرام ٻڌندا هئا ۽ هڪ دفعو پروگرام شروع، پوءِ مجال جو وچ پروگرام مان اٿن. اها منهنجي خوشنصيبي آهي، جو مون کي ڪچيءَ عمر کان حياتي ۾ اعليٰ اديبن ۽ دانشورن جي صحبت ۽ محبت حصي ۾ آئي. مون انهن فنڪارن سان ملاقاتون ۽ ڪچهريون ڪيون، انهن جي سنگت ۽ صحبت مان هن ناچيز ادنيٰ شخص ڪافي فيض حاصل ڪيو. ماسٽر چندر کي به مون ڪيترائي دفعا روبرو ٻڌو. هن جي مقناطيسي جادوئي آواز جو مان اکين ڏٺو شاهد آهيان. اڄ به جڏهن سندس ڪو عاشقانا رنگ جو ڪلام ٻڌندو آهيان ته وجد ۾ اچي ويندو آهيان. اهڙا فنڪار هڪ گڻا نه پر سوگڻا هوندا آهن.
    ڪلا جي ڪوهنور ماسٽر چندر کي خدا موسيقي جي فن سان اهڙي نموني نوازيو هو، جو ڳائڻ وقت هو پاڻ وساري، گيتن جي ڀاون سان هڪ ٿي، هر لفظ ۾ جان وجهي ڇڏيندو هو ۽ ادائيگي وقت ان لفظ جي مفهوم کي، موسيقي ۾ اتارڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هو شاعري جي سمورن احساسن کي سُرن جي رنگ ۾ رڱي ڇڏيندو هو. ان ۾ ئي سندس ڪاميابي جو راز سمايل هو. ڳائڻ وقت هن جون ادائون گهائيندڙ هونديون هيون. جڏهن هو ڳائيندو هو.

    درد جي ڪهڙي خبر بي درد کي
    مون کي هو روئيندو ڏسي کلندو رهيو

    يا

    جنهن کي دلڙي ڏيڻ، تنهن کان ڏار ٿيڻ
    اهو ناهي مرڻ ٻيو ڇاهي سڄڻ.

    ته ٻڌندڙن جون دليون ڪباب ٿي وينديون هيون. ويٺل سمورا حاضرين مستي ۽ وجد ۾ اچي ويندا هئا. اهڙيون ڪيتريون ڳالهيون مون پنهنجي بزرگ دوستن جي واتان ٻڌيون آهن.
    مون جڏهن 1970ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ايم اي سنڌي ۾ داخلا ورتي ته منهنجو بمبيءَ اچڻ وڃڻ وڌي ويو. بزرگ اديبن سان ملاقاتون به وڌيون، هڪ دفعي مان سنڌواڙي ۾ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي جي گهر ويو هوس. ماسٽر چندر جي ڳالهه نڪتي، چيائين، “لڇاڻي، تون سنڌ ۾ ماسٽر چندر کي ڳائيندو ڏسين ها. ڳائيندو هو ته وئل وهائي ڇڏيندو هو. حيدرآباد سنڏ ۾ فقير هادي بخش جي سرپرستيءَ هيٺ قطب شاهه واري درگاهه تي هر سال ميلو لڳندو هو. جتي مان اڪثر ويندو هوس. هادي بخش صاحب پاڻ گادي نشين هو ۽ پاڻ سان گڏ ڊاڪٽر روچلداس کي وهاريندوهو. سندس سامهون ماسٽر چندر با ادب پنهنجن سازيندن سان همنيشن هوندو هو. ماسٽر چندر جي آواز ۾ جو سوز ۽ گداز هو، سو لاشڪ بي مثل هو ۽ ماڻهن کي مفتون ڪندڙ هو. مسلمان ڳائڻا جي پاڻ به سر ۽ ساز ۾ حافظ هوندا هئا. سي پڻ سندس ڳائڻ جي انداز تي فدا هوندا هئا. چندر جو نالو ٻڌي، بي حساب تعداد ۾ عام مسلمان ۽ هندو اچي جمع ٿيندا هئا ۽ سر جهڪائي، سن ئي سن ۾ وجد ۽ هال جا مجسم ٿيا ويٺال هوندا هئا. سندن زبان مان ڪڏهن ڪڏهن هاءِ! هاءِ! جون صدائون به نڪري وينديون هيون. هادي بخش هٿ کڻي سندس طرف دعا طور ڦريندو هو”.
    انهن ڏينهن ۾ ريڊئي جو وجود ڪونه هو. پر هوٽلن ۾ فونو ڏسڻ ۾ ايندو هو. فوني تي هلندڙ مسٽر چندر جا گانا گراهڪن خواه راهگيرن کي بي سرت ڪري ڇڏيندا هئا. ماڻهو هوٽلن ۾ چانهه پيئڻ نه پر ماسٽر چندر جا گانا ٻڌڻ ايندا هئا. ماسٽر چندر جي گانن جي ڪشش انهن کي اتي گهلي ايندي هئي.

    تنهنجي شهر ۾ آيس قسمت سان
    پر سهڻا ڪين رهايو تو،
    سهڻا ڪين رهايو، منهنجا دلبر ڪين رهايو تو.

    …….

    دل آهي هٿن ۾ ٿو خريدار کي ڳوليان،
    بازار محبت ۾ ٿو طلبگار کي ڳولهيان
    قسمت آ منهنجي دل جي فقط پيار محبت
    سستو هي آهي سودو ناهي زر جي ضرورت
    بس گهر جي وفا ٿي، ٿو وفادار کي ڳولهيان.

    …..

    نه ڪبو بحث، نه تڪرار، هليا وينداسين
    نيٺ آچار ٿي، لاچار هليا وينداسين
    ٿا وفا توکان گهرون، پنهنجي وفا جي بدلي
    جيڪڏهن تون ڪندي انڪار هليا وينداسين.

    فنڪار ۽ شاعر جو پاڻ چولي دامن جو رشتو هوندو آهي. ماسٽر چندر ۽ پرسرام ضيا جي جوڙي سنگيت جي دنيا ۾ بيحد مشهور ۽ مقبول ٿي، اڄ به ضيا جا قلمبند ڪيل ۽ ماسٽر چندر جا ڳايل ڪيترائي گيت سنڌين جي زبان تي آهن. ماسٽر چندر پاڻ به ڪيتروئي ڪلام قلمبند ڪيو. ماسٽر چندر سنگيت جي سنسار جو هڪ انمول ماڻڪ ته هوئي پر ان سان گڏوگڏ جذباتي شاعر پڻ هو. شاعري ۽ موسيقي ڪوتا ۽ سنگيت جي ميلاپ سون تي سهاڳي جو ڪم ڪيو ۽ چندر سڄ پچ سنگت جي آڪاش جو چندرما بڻجي پيو، ماسٽر چندر جو هيٺيون گيت اڄ به ماڻهن جي چپن تي آهي.

    سج اڀر نه تون شڪل رات هجي
    منهنجي محبت سان ملاقات هجي
    سج…
    سَجَ اڀرندين تون ٿيندو جاني جدا
    مان به ويندس مري، هڪ ڄاڻي خدا
    ڪر ڪمزورن تي قياس ادا
    نه ڪي ڏينهن، نه ڏينهن جي ذات هجي
    سج…

    چندر جي گيتن ۾ رواني آهي. سنگت آهي. مڌرتا آهي. ڪلا جي ڪوهنور سنگيت آچاريه، شاعر، گائڪ ماسٽر چندر جي مقناطيسي آواز تي ماڻهو اڪن ڇڪن هوندا هئا. هن پنهنجي منفرد گائڪي سبب هندن خواه مسلمانن ۾ زبردست شهرت حاصل ڪئي. هر ماسٽرس وائيس وارن سندس آواز ۾ ڪيترائي رڪارڊ ڀرايا. چون ٿا ته ماسٽر چندر جي آواز ۾ ڀريل رڪارڊن جو تعداد هزار کان مٿي آهي. ماسٽر چندر جي سنگيت جو اهو جادو 1933ع کان 1947ع تائين پنهنجي پوري عروج تي رهيو. اڄ به ان جو اثر برقرار آهي. سنگيت جا اها شمع جيڪا سنڌ ۾ روشن ٿي، اڄ به جلوه ڪڍي رهي آهي.
    مان سمجهان ٿو اهو 1987ع سال هو يا 1988ع مهتاب محبوب، ڀارت آيل هئي رز هوٽل ۾ ان جو آجياڻو رکيل هو. ان آجياڻي ۾ ٻين ڪيترن سان گڏ پوپٽي هيراننداڻي ۽ ارجن شاد به موجود هئا. مهتاب محبوب، ماسٽر چندر کي پنهنجو پتا ڪري مڃيندي هئي. پوپٽيءَ منهنجي واقفيت مهتاب محبوب سان ڪرائي. هڪ ٻئي جي نالي کان واقف ته اڳ ئي هئاسين. هن جيڪا ڳالهه ماسٽر چندر بابت ٻڌائي اڄ به منهنجي ذهن تي تازي آهي. هن ٻڌايو ته اها “سن 1995ع جي وارتا آهي، ڀارت جو ورهاڱو ٿي چڪو هو. ڀارت جو ورهاڱو، زمين جو ورهاڱو، جيڪو دنيا جي نقشي تي نمايان آهي، اهو دلين جو ورهاڱو نه هو، انساني جذبن جو ورهاڱو نه هو! ماسٽر چندر کي سنڌ مان سڪائتا سڏ پيا ايندا هئا. هڪ اهڙي ئي قربائتي ڪوٺ تي، ماسٽر چندر پنهنجي پٽ گوپ سان جنم ڀومي جو درشن ڪري آيو. سنڌ واسين ماسٽر چندر کي اکين ۾ جاءِ ڏني. هو گهڻن ئي هنڌ محفلون مچائي آيو پر حيدرآباد جي سري گهاٽ واري محفل ڪنهن کان وسرڻ جي ناهي. ان زماني ۾ زالون گهرن کان ٻاهر ڪين نڪرنديون هيون، پر ماسٽر چندر کي ٻڌڻ جو موهه ڪيئن ٿيون ٽاري سگهن. جاين جي کڏن تان هنن ماسٽر چندر کي ٻڌو. هو گيتن تي اهڙو ته مدهوش ٿي ويون جو اتان چندر مٿان زر جي بارش شروع ٿي وئي. اهو هو اسان جو ماسٽر چندر!.
    ساز ۽ آواز جو هيءُ جيوت اجر امر آهي. ڪڏهن به وسامڻ يا جهڪي ٿيڻ جي ناهي. هيءُ هڪ اهڙو سلسلو آهي جو ڪڏهن به ختم ٿيڻ جو ناهي. ماسٽر چندر پنهنجي جيئري ئي پنهنجي پڳ پنهنجي فرزند مهيش کي پهرائي هئي. مهيش چندر پنهنجي ادائن سان ڳائي، ماسٽر چندر جي ياد ڏياريندو آهي. راڳ ۽ ويراڳ اسان جو ورثو ۽ قومي سرمايو آهي. ڪو فنڪار وڇڙي وڃي ٿو، ڄڻ لطيف جي تنبوري جي تار ٿي ٽٽي پوي.

    (3- نومبر تي ورسيءَ جي موقعي تي)

    عوامي آواز جي ٿورن سان
     
  8. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    146
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    248
    تنهنجي شهر ۾ آيس قسمت سان ، پر سهڻا ڪين رهايو تو
    [​IMG]

    ناليوارو مشهور راڳي ماسٽر چندر جي سالگرهه جي مناسبت سان

    ابراهيم لاشاري (وارهه )

    سر سنگيت جو هي راڻو فنڪار سنڌ جي سهڻي ۽ سرسبز باعن واري شهر ٺارو شاهه ڏاموڻي حويلي منجهه آسنداس جي گهر کان ڇنڇر ڏينهن سردي جي موسم ۾ 18 ڊسمبر 1909ع ڌاري پنهنجي زندگي جي شروعات ڪئي . سندس پيءَ کي اهيا ڄاڻ نه هئي ته منهنجو هي اڪيلو دادلو پٽ سر سنگيت جو ناليوار فنڪار ٿي پنهنجو پنهنجي ملڪ جو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ڪندو . ماسٽر چندر جو اصل نالو چانڊو مل ڏامواڻي هو ماسٽر چندر ننڍي هوندي شروعاتي تعليم به ٺاروشاهه جي پرائمري اسڪول منجهان وٺي ، مئٽرڪ جو امتحان لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول ٺارو شاه مان پاس ڪيائين ،پيءَ ماءُ جو سڪيلڌو هي پٽ سموري تعليم هاصل ڪري پبلڪ ورڪس (انجنيئر ) ڊپارنٽمينٽ منجهه سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي پهريان پوسٽنگ نوابشاهه منجهه ٿيس ، چندر کي ننڍي هوندي کيس راڳ سان گهري دلچسپي هوندي هئي ، سرسنگيت جي ڪجهه ميراثين کان ڄاڻ وٺي پوءِ روزانو (گوڌورام) جي جاءِ تي وڃي محفل مچائيندي نظر ايندو هو قدرت واري ايڏو ته صاف ۽ وڏي آواز جو مالڪ بڻايو جو ڊائوڊاسپيڪر جي ڪا ضرورت ئي محسوس ڪونه ٿيندي هئي ، سندس درد ڀريو سريلو آواز پري پري تائين ٻڌجڻ ۾ پيو ايندو هو سر سنگيت جا سڀ گر وري پنهنجي استاد (جيوترام مٽائي ) کان حاصل ڪيائين ، ڪلاسيڪل موسيقي جيو علم وري بادشاه راڳي خانصاحب بڙي غلام علي خان ، خانصاحب عاشق علي خان ، گوسوامي ڪندن گر ۽ ۽ بمبئي ۾ وسنو ڊگمبر ڪاليج منجهان حاصل ڪئي ماسٽر چندر کي ڳائڻ کانسواءِ سندس جئي کي آرام ئي ڪون ايندو هو هن نوابشاهه نوڪري دوران ۽ ڪراچي منجهه نوڪري دوران راڳ ڳا ئڻ جا اسڪول کوليا جتي موسيقي ۾ دلچسپي رکندڙ کي زبردست سکيا پڻ ڏيندو هو ،انهي ڪري سڀئي ماڻهو (ماسٽر چندر ) جي نالي سان سڃائيندا هئا .چندر نوابشاهه شهر جو واحد اهو ماڻهو هو جنهن وٽ ان وقت سائيڪل هوندي هئي ان زماني منجهه نوابشاهه ۾ سائيڪل تي چڙهي هي پهريون ڪلام ڳائي پنهنجي فن جو آغاز ڪيائين ٻول (سير ڪيوسين سائيڪل جو ، هئنڊل هٿ ۾ آهي ، لوڏناهي !

    مٿي چاڙهين تي مرد ڪي چڙهندا ، بريڪ ڏئي پوءِ لاهيون لهندا ،

    ويلن کي ته ورائي ، لوڏ ناهي ،.)

    سنڌ جو هي سهڻو فنڪار پهريان پهريان بانسري کي پڻ وڄائيندو هو چندر جو چاچو سندس امرتسر منجهان باجو وٺي آيو هو پوءِ رات ڏينهن هڪ ڪري باجو سکي راج جا سر ۽ سرن جون شڪليون ۽ سرگم سکي ورتا سن 1930ع کان 1950ع تائين جي ڏهاڪي وارن سالن ۾ گرامي فون جي مقبوليت جا سال چيا ويندا آهن ان زماني منجهه مشهور ۽ معاروف فنڪارن گرامي فون جي ڪري وڏي پذيرائي حاصل ڪئي ، ان زماني ۾ ماسٽر چندر به تمام گهڻا گيت ، غزل گراموفون لاءِ رڪارڊ ڪرايا سندس جيڪو پهريون گرامو فون تي ڪلام رڪارڊ ڪرايو اهو هو انهي دور جي مشهور ڪليڪٽر محمد بخش ڪوجهي جو ڪلام جيڪو( سر آسا وري ) ۾ هو جنهن جا ٻول هئا ،

    طبيبا خيال سان ڏسجو ،

    اٿم ڪا دل جي بيماري ،

    جسم تازو توانو آ ،

    ڍري ٿم نبض دل واري

    سنڌ جو هي لاڏلو فنڪار سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ،هر ننڍي توڙي وڏي شهر ۾ سر سنگيت جا ٻول ڳائي پنهنجي درديلي آواز سان پرستارن کي مست ڪري ڇڏيندو هو سندس اهڙي سريلي آواز ٻڌڻ بعد پرستار مدهوش پڻ ٿي ويندا هئا . سندس ڳائڻ دوران پرستارن جي پيهه ۽ هشام لڳي ويندا هئا ، هر طرف واهه چندر واهه جي آواز جي گونج پئجي ويندي هئي هن فنڪار هند توڙ سنڌ پنهنجي مقبوليت ماڻي سندس ڳايل مشهور ڪلامن تي ان زماني جا پرستار ۽اڄ تائين ڪلام به هن جا جهوگاريندا آهن سندس جن ڪلامن مقبوليت ۾ اضافو ڪيو تن منجهه

    دل منهنجي هن جي هڪ ڳالهه نه ٻڌ منهن هيڏي ڪري ، رس نه رسڻ ۾ ڇاهي راڻا ، تنهنجي شهر ۾ آيس قسمت سان پر سهڻا ڪين رهايو تو ، سڪ ۾ سڪي کي نه سڪاءَ پيارا ، رٺائي رهن هجين حياتي ، دل آهه هٿن ۾ ٿو ، خريدار کي ڳوليان ، سهڻا پنهنجن اکين کي جهل تون ، قسمت ڪئي جدائي ، ڪنهن تي ميار ناهي . وغيره جهڙن ڪلامن سندس مقبول جي آسمان تي پهچايو هو . سال 1947ع جڏهن اسان جو وطن پيارو ملڪ پڪستان وجود ۾ آيو ته ڪافي هندو لڏ پلاڻ ڪري هندستان جو منهن ڪيو ، اهڙي طرح ماسٽر چندر به پنهنجو اباڻو شهر ٺاروشاهه کي الوداع چئي هندستان ٽپڙ کڻي روانو ٿيو هن جو سمورو خاندان پهريان اجمير بعد ۾ بمبئي ۽ ڪلڪتي وڃي وسايائون مڱر بعد ۾ وري بمبئي مستقل رهائيش اختيار ڪيائون .جتي شيوا جي پارڪ ڀرسان رهندو هو ، تنهن بعد ماسٽڙ چندر کي سنڌ دسڻ جي سڪ لڳي سال 1955ع ڌاري ٽن مهينن لاءِ پاڪستان آيو ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ، ڳوٺن منجهه پنهنجي فن جو شاندار مظاهرا ڪيائين ۽ زبردست داد پڻ مليس ، پاڻ ٽن مهينن بعد جڏهن سنڌ کان واپس هندستان پئي ويو ته ٻين سوکڙين کان علاوهه پنهنجي اباڻي شهر ٺاروشاهه مان پنهنجي گهر جي نلڪي مان پاڻي جي (دلي ) ڀري پاڻ سان گڏ کڻي ويو سندس گهر اڄ به ٺاروشاهه ۾ چندر جو گهر (ڏامواڻي حويلي ) ۾ سربستو آهي ، هي سهڻو فنڪار شاعر پڻ هيو ۽ شاعري به لاجواب ڪندو رهيو سندس حسن ، درد ، فراق ، عشق سونهن ، پيار ، امن شاعري منجهه موضوع نمايا نظر اچن ٿا سنڌ جي هن اربيلي فنڪار (ٽن هزارن ) کان مٿي ڪلام ڳائي سر سنگيت ۾ پنهنجو نالو نروار ڪرائڻ ۾ ڪا ڪمي نه ڇڏي ، ۽ هزارين ڪلامن جو ڌنون پڻ ٺاهي رڪارڊ قائم ڪيو ماسٽر چندر ماضي قريب جو سهڻو لاجواب ، سريلو ۽ نه وسرندڙ لاڏلو ڪلاڪار ٿي گذريو آهي پاڻ سر سنگيت جا سڀ ساز بند ڪري ڇنڇر ڏينهن 3 نومبر 1984ع ڌاري 74 سال 10 مهينا 16 ڏينهن زندگي جا پل سرن سازن سان گذاري لوڪ پڌاريو ٿيو . سندس زندگي ۾ وڏو اتفاق اهيو هو ته سندس ڄمڻ ۽ وفات جو ڏينهن ڇنڇر ثابت ٿيو اڄ سندس زندگي جي 107 سالگرهه جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي ماسٽر چندر جو مشهور ۽ مقبول ڪلام جو نمونو پڙهندڙ لاءِ پيش ڪجي ٿو

    سڪ ۽ سنگت جو يار سڳو ،

    ڪڏهن مان پيو ڇڪيان ڪڏهن تون پيو ڇڪين

    هي لڪ ڇپ جي آ راند سڄڻ

    ڪڏهن مان پيو لڪان ڪڏهن تون پيو لڪين ،

    غم درد جدائي جو جنهن کي ،

    ڪڏهن مان ٿو سڪان ڪڏهن تون ٿو سڪين ،

    هي عشق جو گاڏو آهي چندر ،

    ڪڏهن مان پيو ڌڪيان ڪڏهن تون پيو ڌڪين​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو