اڄوڪو ڏينهن 4 نومبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 4 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

4 نومبر 1874ع خيرپور رياست جي اڳوڻي وزير سردار محمد ابراهيم جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 نومبر 1907ع صحافي، اديب ۽ واپاري لوڪرام ڏوڏيجاجي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 نومبر 1908ع اردوءَ جي نامور ليکڪا، ناول نگار، افسانا نگار، ڊرامـا نـويـس ۽ مترجم، حجاب امتياز علي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 نومبر 1931ع شاعر گرڌاري لال گريجا (ڪراچي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 نومبر 1940ع مذهبي اسڪالر مولانا حافظ محمد اسماعيل کڏي واري جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 نومبر 1942ع ناليواري ليکڪ ۽ قومي ڪارڪن قاسم پٿر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 نومبر 1945ع سگهڙ گل فقير ملاح (ڪنب) جو جنم ٿيو.
4 نومبر 1952ع صحافي حيدر عباس (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 نومبر 1962ع سياستدان سعد رفيق جي سالگرھ آھي.
4 نومبر 1966ع شاعر اقبال بخاري جو جنم ٿيو.
4 نومبر 1971ع باليووڊ اداڪاره تبو (تبسم هاشمي) جو جنم ڏينهن آهي.
4 نومبر 1973ع ليکڪ حسين چنجڻي جو جنم ٿيو.
4 نومبر 1980ع شاعر ۽ ليکڪ جبار بوزدار جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

4 نومبر 1946ع روهڙي سان تعلق رکندڙ ناليواري سياسي اڳواڻ قاضي علي محمد جو انتقال ٿيو.
4 نومبر 1957ع شاعر ۽ محقق پلي خليفي محمد امين درس جو انتقال ٿيو.
4 نومبر 1982ع هالا سان تعلق رکندڙ شاعر نور هالائي جو لاڏاڻو ٿيو.
4 نومبر 1991ع مشهور شاعر، ليکڪ ۽ سياست سان تعلق رکندڙ خانصاحب عبدالڪريم پلي انتقال ڪري ويو.
4 نومبر 1994ع ڪلاسيڪل راڳي استاد فدا حسين خان جو انتقال ٿيو.
4 نومبر 1999ع صحافي، شاعر، سياسي تجزيہ نگار ۽ سياسي اڳواڻ اشتياق اظهر جو انتقال ٿيو.
4 نومبر 2008ع اداڪار غلام حسين ڏيپر دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
4 نومبر 2019ع ناميارو شاعر ۽ مصور راز ناٿن شاھي دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

واقعا:

1928ع – حيدرآباد ۾ سوين ماڻهن سائمن ڪميشن جي وفد جي آمد خلاف جلوس ڪڍيا.
1946ع ــ گڏيل قومن جو تعليم، سائنس ۽ ڪلچر جو ادارو (UNESCO) قائم ٿيو.
1956ع – هينگري جي ڪميونسٽ حڪومت خلاف بغاوت کي چٿڻ لاءِ سوويت فوجون هنگريءَ جي گاديءَ جي هنڌ بڊاَپيسٽ ۾ داخل ٿيون.
2001ع ــ ھيري پوٽر سيريز جي پھرين فلم لنڊن ۾ رليز ٿي.
2008ع ــ براڪ اوباما آمريڪا جو صدر بنيو. ھو پھريون آفريقن آمريڪن ھو جنھن اھو اعزاز ماڻيو.
2018ع – نيو ڪيليڊونيا جي ماڻهن آزادي لاءِ ٿيل ريفرينڊم ۾ فرانس سان رهڻ جو فيصلو ڪيو.


حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ibEtW5B1LYkZW.jpg
 
Back
Top