• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪي اين شاهه ويجهو لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو، ظالمن گلن جهڙي معصوم ٻار کي تيز ڌار اوزار سان ڪهي ڇڏيو

منظور ڪلهوڙو

سينيئر رڪن
صبح سان آفيس پهتم، جڏهن ڪاوش ۾ هي خبر پڙهيم، هنيا جهري پيو، لڱ ڪانڊارجي ويا۔۔هن معصوم گلڙي جو ڪهڙو ڏوهه آهي، الله پاڪ جي شل مار پوندي اهڙن ڪهري قاتلن تي۔۔لعنت بيشمار اهڙن وحشين تي جن هن گلاب جي گل جيان معصوم کي مروڙي ڇڏيو۔

خيرپور ناٿن شاهه (رپورٽ:مختيار چانڊيو) ڪي اين شاهه ويجهو لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو، ظالمن گلن جهڙي 3 مهينن جي معصوم ٻارڙي کي ڏينهن ڏٺي جو تيز ڌار اوزار سان ڪهي ڇڏيو، رپورٽ موجب خيرپور ناٿن شاهه کان 12 ڪلوميٽر پري ڪاڇي واري علائقي جي ڳوٺ آڍو کونهارو ۾ڏينهن ڏٺي جو نامعلوم جوابدار تيز ڌار اوزار سان گهر جي ڪمري ۾ ستل 3 مهينن جي معصوم ٻارڙي ساجن پٽ سڄڻ کوهاري جو ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو، اهڙي خبر پوڻ تي ڳوٺ ۽ علائقي ۾ سخت خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، اطلاع تي گوزو پوليس موقعي تي پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو، جيڪو تعلقي اسپتال آندو جن لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن مارجي ويل مرحوم ساجن کونهارو جي ڏاڏي محمد اشرف کوهاري صحافين کي ٻڌايو ته گهر جا سڀ ڀاتي ڊليوري جي سلسلي ۾ ٻاهر ويل گهر ۾ صرف معصوم ساجن جي امڙ روزينه کونهارو موجود هئي جيڪا پڻ گهر جي ڀرسان نلڪي تي ڪپڙا ڌوئڻ وئي هئي، معصوم ڪمري ۾ هو ڪنهن ظالم اچي اهو ظلم ڪيو آهي، هن ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي، الله ظالمن کي معاف نه ڪندو، ٻارڙي ساجن کوهاري جي قتل بابت ايس ايڇ او خيرپور ناٿن شاهه غلام سرور زرداري ٻڌايو ته اسان جاچ ڪيون پيا ته اهو ايڏو دل ڏکائيندڙ واقعو ڪيئن ٿيو اڄ تائين خبر پئجي ويندي، ڇاڪاڻ ته اسان کي اهو واقعو گهرو اڻبڻت جو لڳي ٿو، معصوم جي وارثن جو چوڻ آهي ته هن جي ماءُ گهر جي ڀرسان نلڪتي تي ڪپڙا ڌوئي پئي ۽ 15-20 منٽن بعد واپس آئي ته ٻارڙي جو ڳلو ڪپيل هو ۽ فوت ٿي چڪو هو ان ڪري ٻاهران ڪير اچي ها ته ضرور ڪنهن جي نظر ته اهو ماڻهو اچي ها، واقعو گهر جو آهي، هڪ ڏينهن ۾ جوابدارن جي خبر پئجي ويندي، انهن کي معاف نه ڪبو، خيرپور ناٿن شاهه جي تاريخ ۾ اهو تمام وڏو ڏکائيندڙ واقعو آهي، جنهن جي خبر پوڻ تي ڳوٺ توڙي شهر جي ماڻهن ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي، معصوم ٻارڙي جي واقعي جو ٻڌي ڪيترائي ماڻهو اسپتال پهتا ۽ اهي پنهنجا ڳوڙها روڪي نه سگهيا، سڄاڻ ڌرين چيو ته سنڌ جي ماڻهن ۾ خدا ترسي ۽ خدا جو خوف ختم ٿي ويو، ماڻهو وحشي ٿي ويا آهن، هاڻ ته معصوم ٻارڙن کي به معاف نه ٿا ڪن، هنن مطالبو ڪيو ته معصوم ٻارڙي ساجن کوهاري جا قاتل گرفتار ڪري انهن کي سخت سزا ڏني وڃي، ڳوٺ آڍو کونهارو خيرپور ناٿن شاهه کان اولهه طرف ڪاڇي جي پاسي آهي جتي اڪثريت ماڻهن جي هارپو ۽ مزدوري ڪندا آهن، قتل ٿي ويل ساجن جو پيءُ سڄڻ کونهارو به هارپو ڪندو آهي، ڳوٺ ۾ 10-15 گهر آهن جن کي ٻاهران صرف هڪ لوڙهو پناهه لاءِ ڏنل آهي باقي سڀ گهرن ۾ اندر آهن، ٻارڙي جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالحميد شيخ ٻڌايو ته ٻارڙي جو ڳلو تيز ڌار اوزار سان ڪٽيل آهي، ٻارڙو وڌيڪ رت وهڻ جي ڪري فوت ٿيو آهي.
 
الله پاڪ گهر ڀاتين کي صبر ڏئي باقئ قيامت تائين اهيو سوُر هنن جي دل مان ڪو نه ويندو۔هن واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي ،ليڪن هن ملڪ جي هن وقت جي قنونن مطابق جيلن ۾ سڌارا آني انسانن جي قاتلن کي انيڪ سهولتون مهيا ڪيون وڃن ٿيون،سوين معصوم انسانن کي بيدردي سان قتل ڪندڙ پيرول تي آزادي ماڻي ٿا وڃن وزير ويچارا جيلن جا دورا ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهن هنن جي وقت جا، جيلن جا يار اڄ هر ڏوه کان آزاد آهن جيڪي اندر آهن اهي ٻاهر کان وڌيڪ سکيا آهن۔هنن ڪجه سالن ۾ انسانن کي خوفناڪ بنائڻ جي ترغيب ڏني ويئي آهي،۽ ڏسو ته انسان ڪيڏو خوفناڪ ٿي ويو آهي ،ٻورين ۾ مسخ شده لاش،اهي ته دهشتگرد ٿا موڪلين پر سرڪاري ڪارنده به ماڻهن کي اغوا ڪيو ۽ اذيتون ڏئي ماريو اڇلائي ڇڏين،جيئرو بيگناه باه ڏيو ساڙيو ڇڏين، دنيا ڏاڍي بدلجي ويئي آ سائين اڄ جو ڪجه سنڌ اندر ٿئي پيو هر واقعو ڀيانڪ آهي ،
بنيادي گڻ انسان جا گم ڪيا ويا آهن ، اسان ننڊ ۾ گم رهجي ويا آهيون اسان جي گهر جي ٻاهران اهڙو ئي معاشرو جنم وٺي چڪو آهي
بس اگر اولاد اکين کان اوجهل ٿيو ته اهيو حال آهي ،
سخت ضرورت آهي جلد از جلد معاشري جي جوڙجڪ جي،
ڪارون رڍون ڪُٺيون وڃن ان کان اڳ جو اهي بگهڙ بنجي ڳهڻ لڳن،اسان هڪ وڏي آڙاه ۾ ڦاسي چڪا آهيون جتي سڪن سان گڏ ساوا به سڙندا۔ڏوه ،ڏوهاري ،ڏوهارين جا سرپرست اڪثريت ۾ ۽ پاور ۾ اچي ويا آهن،جيڪي هر موڙ تي عام انسان کي هيسائيندي نظر اچن ٿا،جنهن ۾ قتل ڪرڻ معمولي شئي بنجي ويئي آهي۔
خدارا هن وحشت مان نڪرڻ لاء سخت جدوجهد جي ضرورت آهي سا ڪئي وڃي نه ته سنڌ بگهڙ کائي ويندا،
 
يار ۔۔۔ اها تصوير هٽائي ڇڏيو ۔۔۔۔۔ سچ پڇو ته اها تصوير هر گهڙي ضمير کي جهنجهوڙي آرام ۽ سڪون کي تباهه پئي ڪري، اڄ دل ڪجهه ڪرڻ ئي نه ٿي چاهي ۔۔۔۔ان خبر ۽ ان تصوير کي ڏسي روئڻ پيو اچي۔۔۔ هاء ڙِ تهذيب يافته سنڌ ۔۔۔۔ هاء ڙِ تهذيب يافته قوم ۔۔۔

اسان جي ماڻهن ، اسان جي قوم ساڙ، ڪيني، حسد جي الائي ڪهڙي جهالت طرف وڌي رهي آهي ۔۔۔۔۔۔
 
سائين عرض ته تصوير هٽائڻ مسئلي جو حل ناهي ،ان شئي کي سامهون رکي ئي اصلاح لاء پاڻ کي آماده ڪري سگهجي ٿو ته اسان جيڪا به جدوجهد ڪيون اها اجائي نه آهي،ظلم ۽ بربريت جي باه ۾ وڪوڙجي ويا آهيون ،ان مان نڪرڻو آهي نه ته سڀ ڀسم ٿي وينداسين،
جڏهن به حق عضب ڪرڻ وارا حڪمران ٿيندا آهن ته اهڙيون شيون معمولي بنجي وينديون آهن،
ڪربلا ڪرڻ کان پوء به حڪمرانن تي ندامت طاري ڪو نه ٿي هئي پر ان مقتل ۾ حصو وٺندڙ ڪنهن انعامن جي آسري ۾ هئا۔
اڄ به ناحق ۽ ظلم ڪندڙ لوفر ۽ عياش حڪمران آهن انهن جي دور ۾ اهڙِ بربريت ٿيندي رهندي۔
پاڻ کي مضبوط بنايو ۽ هر ان انتقام لاء تيار ڪيو جڏهن ائين ئي قاتلن کي بيدردي سان ڪهندو تڏهن امن حاصل ڪندو،
اڄ نه ته سڀاڻي ايئن ئي ڪرڻو پوندو
پنهجي اندر ايتري باه رکو جو انهن سان مهاڏو اٽڪائي سگهون۔
 
انساني وحشت جا اهڃاڻ پراڻا ۽ اڃان به گهرا آهن ۔۔۔ ڪٿي رحمان ته ڪٿي شيطان ۔۔۔ ڪهڙا ٻڌائي ڪهڙا ٻڌائجن ۔۔۔!!!
 
الله پاڪ ظالمن کي هرگز معاف نه ڪندو ، جنهن به اهو ظلم ڪيو آهي ، اهو ضرور ذليل ۽ خوار ٿيندو! تمام ڏکائيندڙ خبر جنهن جي جهوري وڌو آهي!
 
ها سائين سليمان اڄ روح صفا جهنجوڙجي ويو، اهي ڪات هنيا منجهه کُپي ويا آهن جن سان هن گُل کي لام مان ٽوڙي مروڙي ڇڏيو اٿائون، هي آهي اسان جي تهذيب جنهن کي جوڙڻ لا اسان جا ساڃاهه وند رڙيون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهن ته اسين مهذب قوم جا باسي آهيون، مُحبتون اسان جي رڳ رڳ ۾ سمويل آهن، عورتن ۽ ٻارن سان شفقت واري روش صرف سنڌي قوم ئي ڄاڻي ٿي۔ ۔۔۔پر ها ڙي سنڌي قوم۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔افسوس
 
اڄ جو انسان ڪيڏو نه درندو وحشي بنجي چڪو آهي۔ هن گلاب جي گل جهڙي معصوم جو ڪهڙو ڏوه. سچ ته هن ملڪ ۾ ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ ڪو نه انصاف نه آهي.اگر قانون سخت هجي ته شايد اهڙا واقعا پيش نه اچن.
 
تمام افسوس ناڪ خبر آهي۔ سچ پڇو؟ ته ڇا لکجي؟ ڪهڙن لفظن سان ان واقعي جي مزاحمت ڪئي وڃي۔ته هن وقت هي اسانجي سنڌ ڌرتي جي حالت آهي۔
الله تعالى مظلومن جي مدد به ڪندو۔ ۽ ظالمن کي سزا به ڏيندو۔
مَلڪي ۽ صوبائي حالتن کي نظر ۾ رکندي منهنجي رب پاڪ جي در تي"دعا" آهي۔ ته الله تعالى اسانجي ملڪ پاڪستان ۽ پوري عالم اسلام جي مسلمانن کي ظالمن جي ظللم کان ۽ حاسدن جي حسد کان بچائي۔(آمين)
 
Back
Top