• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 6 نومبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 6 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

6 نومبر 1919ع سماجي ورڪر ڊاڪٽر چيتن ڀمڀاڻي (پڊ عيدن / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي۔
6 نومبر 1919ع مشهور محقق اي جي اين قاضي جو جنم ڏينهن آهي۔
6 نومبر 1953ع ليکڪ بشير احمد هيسباڻي (ڪنڊيارو) جو جنم ڏينهن آهي.
6 نومبر 1955ع ليکڪ ۽ سياسي ورڪر ايس جي ڀاٽيا (پنو عاقل ) جو جنم ڏينهن آهي.
6 نومبر 1960ع شاعر نذير رمز سومرو (چڪ) جو جنم ڏينهن آهي.
6 نومبر 1969ع شاعر مدهوش ڀٽو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
6 نومبر 1997ع شاعر غمگين ظفر جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

6 نومبر 1869ع مير سليمان سهراب خان جو انتقال ٿيو۔
6 نومبر 1917ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد اسماعيل جو انتقال ٿيو۔
6 نومبر 1985ع باليووڊ اداڪار سنجيو ڪمار جي ديهانت ٿي.
6 نومبر 1996ع ٺٽي سان تعلق رکندڙ مشهور معاشي ماهر اين ايم عقيلي جو انتقال ٿيو۔

حواله:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ادا سليمان وساڻ اسلام عليڪم۔ اها قوم ڪڏهن به ختم نه ٿي ٿئي سگهي جيڪا پنهنجي ماضي کي نه وساريندي آهي ؤ پنهنجي پيارن سڄڻن ؤ ڏاهان جي جنم ۽ وفات جون تاريخون ياد رکندي آهي۔ توهان جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي جو اوهان هن قسم جي يونيڪ معلومات هت ونڍ ڪري اسان کي ان مان مستفيد ٿيڻ جو موقعو ڏيو ٿا۔ (ادا عرس پريو واري انداز ۾ ) توهان جا لک لائق
 
ibcXZ72mBB1FSK.jpg
 
Back
Top