• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 6 نومبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 6 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

6 نومبر 1919ع سماجي ورڪر ڊاڪٽر چيتن ڀمڀاڻي (پڊ عيدن / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي۔
6 نومبر 1919ع مشهور معاشي ماھر ۽ محقق اي جي اين قاضي جو جنم ڏينهن آهي۔
6 نومبر 1950ع سياستدان شيخ رشيد احمد جو جنم ڏينهن آهي۔
6 نومبر 1953ع ليکڪ بشير احمد هيسباڻي (ڪنڊيارو) جو جنم ڏينهن آهي.
6 نومبر 1955ع ليکڪ ۽ سياسي ورڪر ايس جي ڀاڳيا (پنو عاقل ) جو جنم ڏينهن آهي.
6 نومبر 1960ع شاعر نذير رمز سومرو (چڪ) جو جنم ڏينهن آهي.
6 نومبر 1969ع شاعر مدهوش ڀٽو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
6 نومبر 1997ع شاعر غمگين ظفر جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

6 نومبر 1869ع مير سليمان سهراب خان جو انتقال ٿيو۔
6 نومبر 1917ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد اسماعيل جو انتقال ٿيو۔
6 نومبر 1985ع باليووڊ اداڪار سنجيو ڪمار جي ديهانت ٿي.
6 نومبر 1996ع ٺٽي سان تعلق رکندڙ مشهور معاشي ماهر اين ايم عقيلي جو انتقال ٿيو۔
6 نومبر 2008ع سياستدان، ڊان ميڊيا گروپ جي صحافي، ۽ ٻہ ڀيرا سنڌ صوبي جو گورنر رھندڙ محمود اي ھارون جو انتقال ٿيو۔

واقعا

2012ع – بارڪ اوباما کي آمريڪا جي ماڻهن ٻيهر صدر طور چونڊيو.
1918ع – جنگ عظيم اول ۾ آسٽريليا هٿيار ڦٽا ڪيا.

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ادا سليمان وساڻ اسلام عليڪم۔ اها قوم ڪڏهن به ختم نه ٿي ٿئي سگهي جيڪا پنهنجي ماضي کي نه وساريندي آهي ؤ پنهنجي پيارن سڄڻن ؤ ڏاهان جي جنم ۽ وفات جون تاريخون ياد رکندي آهي۔ توهان جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي جو اوهان هن قسم جي يونيڪ معلومات هت ونڍ ڪري اسان کي ان مان مستفيد ٿيڻ جو موقعو ڏيو ٿا۔ (ادا عرس پريو واري انداز ۾ ) توهان جا لک لائق
 
ibcXZ72mBB1FSK.jpg
 
Back
Top