تعليمي نظام جي تنزلي جو ذميوار ڪير؟

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ جميل احمد طرفان آندل موضوعَ ‏6 نومبر 2012۔

  1. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    تعليم جي سڌاري لاءِ بنيادي طور ٻه ڪردار تمام اهم آهن.استاد ۽ شاگرد.تنهڪري ضروري آهي ته نه صرف تعليمي پاليسين ۾ پر عملن ٻنهي کي اهميت ڏيڻي پوندي ته جيئن ته تعليم جي معيار کي خصوصن سنڌ ۽ عمومن پوري ملڪ ۾ بهتر بڻائي سگھجي.اسان جا شاگرد نڌڻڪا بڻيل آهن،اسڪولن ۾ مار،حڪومتي پابندي جي باوجود جاري آهي.استادن کي معمولي ڪمن لاءِ آفيسن ۾ ڌڪا کائڻا پون ٿا.
    استادن جو بنيادي ڪم پڙهائڻ آهي، هڪ دفعي نوڪري جوائن ڪرڻ کانپوءِ کين صرف پڙهائڻ لاءِ ئي واندو ڇڏڻ کپي ۽ هنن جا پگھارن،ترقين،۽ ٻيا جيڪي به ڪم آهن سي ڪلاريڪل سٽاف کي ئي ڪرڻ کپن.جيڪي ماڻهوءَ استادن جي پوسٽن کي سيڙايو ويٺا آهن، پر ڊيوٽيون نه ٿا ڪن،تن لاءِ به بهتر آهي ته هي نوڪري ڇڏي،پنهنجي مالي ڪفالت لاءِ ٻئي ڪنهن نوڪري،يا ڪاروبار جو بندوبست ڪن جيڪو هنن جي مزاج جي مطابق هجي يا ته حڪومت کي کپي ته هنن کي ٻين محڪمن ۾ اڊجسٽ ڪري،خالي جاين تي ميرٽ مطابق نون استادن کي ڀرتي ڪيو وڃي.
    تعليمي بورڊ به صرف ڪمائيءَ جو ذريعو بڻيل آهن.انهن ۾ به وڏي سڌاري آڻڻ ۽ ڪرپشن ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.اسان جو امتحاني نظام ٻنهي طرفان يعني بورڊ ۽ شاگردن،مائٽن،استادن طرفان ڪرپشن جو شڪار آهي.هن سلسلي ۾ شاگرد نقل ڪرڻ چاهين ٿا،مائٽ انهن جي مدد ڪن ٿا،استاد اهو سڀ خوشي يا نا خوشي خاموشيءَ سان ڏسندا رهن ٿا،ڇاڪاڻ ته رخنو وجھڻ جي صورت ۾ هنن کي جان وڃائڻ جو به خطرو هوندو آهي.بورڊ امتحانن جي نگرانيءَ رسمي طور پوريون ڪري باقي ان حقيقت کان اکيون ٻوٽي ڇڏيندو آهي.
    اهي مسئلا هن حڪومت جي پيدوار ته نه آهن،پر تعليمي نظام ۾ موجود رهيا آهن ۽ وقت سان گڏوگڏ وڌندا رهيا آهن.
    اسان مان هرهڪ سڌي يا اڻ سڌي طرح ان مسئلي سان وابسته آهي،هتي هرڪو تعليم جي سڌاري آڻڻ ۾ سنجيده هجڻ کان وڌيڪ پنهنجو پاڻ کي تعليم جي تنزلي جي ذميواري کان آجو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي،ان روش کي ڇڏي تعليم جي ترقيءَ لاءِ سڀنيءَ کي سنجيده ٿيڻو پوندو ۽ ان جي حقيقي ڪارڻ معلوم ڪري تعليمي نظام ۾ ۽ واسطيدار سڀني ڌرين جي ڪردار ۾ مثبت تبديلي آڻڻي پوندي ته پوءِ اسان جو تعليمي نظام دنيا جي بهترين تعليمي نطامن سان مقابلي ڪرڻ جي لائق بنجي پوندو،اسان جي تعليمي ادارن جي ڏنل سندن کي پوري دنيا ۾ عزت جي نگاه سان ڏٺو ويندو،۽ انهن کي نوڪرين لاءِ يا ٻاهرين ملڪن ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ خوشيءَ سان قبول ڪيو ويندو.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان هڪ اهم معاملي تي پنهنجا ويچار ونڊيا آهن۔

    تعليم ئي اسان جي ترقي جي ضامن آهي، تعليم ئي اسان کي جهالت مان ڪڍي سگهي ٿي، تعليم ئي اسان لاء انقلاب جو رستو مهيا ڪندي۔ پر افسوس جو سنڌ جي تعليم گهڻو متاثر ئي نه پر تباهه ٿي چڪي آهي۔ چند استاد بچيا آهن جن جي ڪري ڪجهه ادارا هلن ٿا۔ ميرٽ کي لوڙهو ڏئي سياسي بنيادن ۽ رشوت عيوض ڪيل ڀرتين واري استادن کان تعليم جي ڪهڙي توقع رکبي۔ حڪومت جو اهو فرض آهي ته تعليم جي لاء ڪا اهڙي پاليسي ٺاهي جيئن اسان جون درسگاهون علمي ڳڙهه بڻجي سگهن۔

    استاد به گهڻو ڪري سياست، صحافت، شاعري، ادبي ميدان ۽ ٻين ڳالهين جي ور چڙهي ويا آهن، نتيجي طور اسڪول ويران ٿيندا پيا وڃن، سنڌ ۾ ڪيترائي اسڪول استادن جي ڀرتيء باوجود به خالي پيا آهن، شاگرد پڙهائيء ڏانهن توجهه ڪونه پيا ڏين، والدين کي به ڪو اونو ڪونهي، نتيجي طور اسان تباهي طرف پيا وڌون۔ اهڙي صورتحال ۾ اسان جي سِول سوسائٽي مان ڪا اهڙي تحريڪ اٿڻ کپي جيڪا علمي رجحان ۾ اضافو آڻيندي اسڪولن طرف ڌيان ڏئي ته بهتر رهندو۔

    اچو ته سڀ گڏجي ڪنهن اهڙي علمي تحريڪ جي شروعات ڪيون، ڪم ڏکيو ۽ ڪٺن ضرور آهي پر نا ممڪن ناهي۔ اچو ته اميدن جي ڏيئن کي اجهامڻ کان اڳ وري جياريون۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    سائين سليمان وساڻ صاحب ، اوهان هڪ اهم موضوع تي پنهجا ويچار ونڊيا آهن،۽ هن مسئلي تي بحث ڪري ڪو لائحه عمل جوڙيو وڃي ،هن ڪم جي شروعات ٿيڻ کپي ۽ وڌيڪ قومي تباهي کان روڪيو وڃي،
    ان تباهي جو ذميوار ڪير آهي ؟؟؟؟؟
    وڏي بحث کان پوء به شايد ان نتيجي تي پهچون ته اسين پاڻ يا قوم جا اهي فرد جيڪي هن عمل سان لاڳاپيل آهن،
    هڪ اصل حقيقت ڏانهن توجهه ڇڪائيندو هلان
    سنڌ سان هي جيڪو عمل ٿيو جنهن ۾ سنڌي ماڻهن کي تعليم کان آجو ڪرڻ جو پختو ارادو ڪيو ويو ۽ خاص فنڊ جاري ڪري هڪ خاص برگئيڊ کي خاص حڪمن سان سنڌ اندر مشن ڏئي موڪليو ويو ۽ اڄ تائين سنڌ تي ان برگئيڊ جو فرمان هلي ٿو ۽ هاڻي انهن جا لکين عملدار خودڪار نظام بنجي هن عمل کي جاري رکيو ٿا اچن،
    ان جو ڪارڻ 1983 جو مارشل لا دور آهي
    جڏهن صدر ضياء دادو ۾ آيو ان وقت ڪرفيو لڳائي هن جي آمد جا انتظام ڪيا ويا هئا،پر اوچتو شهر ۾ گڏه ۽ ڪتا ظاهر ٿيا جن تي ضياء جا نالا لکيل هئا جيڪي پهريا ئي پلان ڪري گهرن ۾ بيهاريا ويا هئا ۽ ان کان پوء اچانڪ ماڻهو به نڪري پيا جنهن جو نتيجو اهيو نڪتو ته پاڪستان جي مارشل لا لُڏِي ويئي ۽ ان هلچل صدر صاحب ۽ پاڪستان جي تعصبي فوج جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون
    جنهن کان پوء پهرين ته هنن سنڌ جي ماڻهن کي ڪُچلِڻ شروع ڪيو ۽ هزارين ماڻهن کي ماري درياء ۾ اڇلايو ويو،جنهن ۾ هنن پنهجي تعصبانه رويي جي باه ڪڍي پر اچانڪ هنن کي پنهجي اهيا روش بند ڪرڻي پيئي ۽ يڪدم ٺاپر ٿي ويئي جنهن کان پوء انهن جي تعصبي مفڪرن ۽ دانائن انهن کي صلاح ڏني ته ايئن ڪڏهن به قوم ختم ڪانه ٿيندي بلڪه ايئن ته هزارين سال مزيد زنده رهندي ان ڪري هن جي تعليم ۽ امن ختم ڪيو وڃي هي پاڻهي تباه ٿي ويندا ۽ ان کان علاوه هنن جي معيشت کان هنن کي پري رکيو وڃي چند سالن ۾ هي تباه ٿي ويندا،
    ٿوري ئي وقت ۾ جيلن جو ٽُٽَڻ ۽ قيدي فرار ٿيڻ جا واقعا ٿيڻ لڳا ڌاڙيل ڪلچر شروع ڪيو ويو جنهن جي نگراني آرمي ميجر ڪري رهيو هو ِ سرپرستي ۾ چند ناميارا وڏيره مقرر ڪيا ويا،
    1986 _1987 ۾ مونکي ياد آهي ته دادو ڊگري ڪاليج ۾ لائوڊ اسپيڪر تي اعلان پيو ٿئي ته آهي ڪو جنهن وٽ مئٽرڪ جو سرٽيفڪيٽ هجي ته ماستري جو آرڊر وٺي،
    ٿوري ئي وقت ۾ سنڌ کي تحريڪ جو مرڪز بنائڻ کان بچڻ لاء ضياء کي هوائي حادثي جو شڪار بڻائي سنڌ جي ماڻهن جي دلين تي ڇنڊو هنيو ويو ۽ سنڌ جا ماڻهو ماٺا ٿي ويا ۽ انهن ٿيل قتل عامن کي پيپلز پارٽي پاران ميلاميٽ ڪرڻ جو ٺيڪو کنيو ويو ۽ جهموريت جي نالي تي سنڌي ماڻهن جي ڦٽن تي مرهم رکيو ويو ۽ وهايل رت جو حساب برابر ڪيو ويو مري ويل ماڻهن جي وارثن کي نوڪريو ڏنيون ويون ۽ بقايا عوام لاء ماستري ۽ پوليس جي ڪوٽا مقرر ڪئي ويئي جيڪا چونڊيل نمائندن کي ڏني ويئي،
    انهن چونڊيل نمائيندن 5000 جزارن کان نوڪري کپائڻ شروع ڪئي ۽ پهرين دور پڄاڻي تي 25000 هزارن تائين وڪاڻي،
    ان کان پوء جلد ئي جهموريت جو ڪنڌ ڀڳو ويو ۽ مزيد فارمولا رائج ڪرڻ لاء مختلف حربه هلايا ويا،پر سنڌ جي ماڻهوء لاء ماستري ۽ پوليس جي نوڪري جا در کليل رکيا ويا،
    ڪوڙا سرٽيفڪيٽ به ڪارگر ٿيڻ لڳا ۽ بس جا ڪلينر ماستر ٿي ويا،
    ۽ گهٽ م گهٽ ڊگري واري کي ماستري ۾ ڀرتي ڪيو پئي ويو جنهن ۾ اڪثريت انهن ماڻهن جي پيدا ڪرڻي هئي جن جو تعليم سان ڪو تعلق ئي نه هجي ،اسان سنڌين کي روزگار ملڻ لڳو اسان جيئي ڀٽو جا نعرا هڻندا رهياسين ،
    ان وقت جا ڀرتي ٿيل استاد اڄ رٽائر ٿي چڪا آهن يا ٿيڻ وارا آهن پر انهن ۾ اڪثريت انهن جي آهي جيڪي هڪ سبق به ڪنهن ٻار کي پڙهائڻ جي جسارت نه ڪري سگهيا آهن،
    ۽ انهن مان ئي استاد يونين ۾ اهڙا ڍور ڀرتي ڪرائي پڙهائڻ وارن استادن کي پڙهائڻ جي عمل کان روڪرايو ويو ۽ انهن کي مختلف طريقن سان تنگ ڪري انهن جي دل آزاري ڪئي ويئي جيئن اهي پڙهائڻ جو عمل جاري نه رکي سگهن،
    ان عرصي ۾ ڪيترائي جواري ،نشائي ۽ هوس جي شڪارين پنهجا آکاڙآ مضبوط بنايا ۽ ان تعليم کي جاري رکيو جيڪا هنن جيجو وڙ هئي
    اسڪولن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي جنهن تعليم ڏانهن راغب ڪيو پئي ويو اهو بيان ڪرڻ ڏکيو آهي پر ان جو اثر اهيو نڪتو جو شريف ماڻهو پانهجي ٻارن کي پرائيويٽ اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ لڳا
    عام ماڻهو پنهجي روزي روٽي ۾ بيخبر پنهجي اولاد جا خواب ڏسندا ئي رهيا ۽ انهن جو اهو اولاد هر شئي کان محروم مسخرين ۾ گزاريل وقت عمر جي حساب سان منشيات جي ور چڙهندو ويو
    ۽ ان استادن جي ناڪامي کي ڪاپي ڪلچر ۾ بدلايو ويو ۽ رهي سهي اميد به ختم ڪئي ويئي
    سنڌ جي اصل استاد کي زنده ماريو ويو بلڪه انهن کي پنهجي رستي جو ڪنڊو سمجهندي انهن کي هر عمل کان ڪناره ڪش ڪيو ويو جيڪو اڄ رٽائر ٿي چڪو آهي
    باقي جي استاد ۾ ايتري قوت ڪانهي جو اسڪولن ۾ موجود يونين جي نالي ۾ چورن جي نمائيندن ۽ غنڊن جي هوندي پنهجي ڪا عملي ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن۔بس خاموشي سان پنهجي ڊيوٽي ڏيندا آهن ،
    اسڪولن ۽ ادارن ۾ جاهلن واري سياست زور شور سان آهي ڪرپشن جو ڪار وهنوار مختلف فنڊن جي نالي تي قائم ڪيو ويو آهي جيڪو بنياد آهي ادارن ۾ اندر تقرار جو،
    ۽ ان ساري عمل ۾ تعليم متاثر ٿي چڪي آهي اسڪولن جي انتظاميه يعني آفيسز ۾ ڪلارڪ عملو ڪروڙ پتي بنجي ويو آهي ته سوچو ان جو آفيسر، ان کي پيسن جي حساب کان فرصت هوندي!!!
    ان روش جو ذميوار ملڪي رياست خود آهي ۽ ان جي ئي پيدا ڪيل آهي اهيا پاليسي
    هاڻي حڪومت خود ٺاهي آهي اهيا پاليسي ته تعليم تباه ٿئي هاڻي ان کي ڪيئن بحال ڪجي اهيو اسان کي سوچڻو ۽ عمل ڪرڻو آهي
    اهي فرد جيڪي سڄاڻ ڌرين سان تعلقات رکن ٿا اهي ۽ پنهجي ڪميونيٽي ۾ موجود ادارن ۾ اهڙا استاد ڪنوينس ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃن جيڪي پڙهائي جي عملن کي سچائي ۽ دل جي خلوص سان جاري رکن ته شروعات ٿي سگهي ٿي۔
    اهيا سڀ کان اهم مهم آهي جنهن کي اوليت ڏيڻ ضروري آهي ،
    ان لاء اگر مان جيڪو سوچان ٿو ته
    اگر سنڌ سلامت فورم جا دوست هڪ ٻئي سان سهڪار ڪن ته ڪجه بهتري اچي سگهي ٿي
    منهجو خيال
    منهجي خيال ۾ جيئن ته سنڌ سلامت فورم ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا دوست موجود آهن ۽ اهي پنهجن علائقن ۾ سروي ڪن ته انهن جي ادارن ۾ ڪهڙي شئي متاثر ڪن آهي ان کي هڪٻئي سان شيئر ڪجي ان جو حل ملڻ تي ڪجه ٻين علائقن جا دانشور دوست گڏجاڻي ڪن ۽ گڏجي ان علائقي ۾ ان دوست جا مهمان ٿين ۽ اتي انهن استادن سان گڏجاني ڪري انهن کي ڪنوينس ڪرڻ جي ڪامياب جدوجهد ڪن ۽ ايترو اثر ڇڏين جو سنڌسلامت فورم جو پليٽفارم سنڌ جي آجپي جي نشاني بنجي وڃي
    گهٽ ۾ گهٽ تعليم سان لاڳاپيل دوستن کي پنهجي هم خيال ۽ سنڌ سلامت جي اداري مان فائدو وٺڻ جي ڄاڻ ملي وڃي ته به بهتر ٿيندو،
    ان سان گهٽ ۾ گهٽ سنڌ سلامت دوستن جو پنهجو باهمي تعلق به مضبوط ٿيندو، ۽ سنڌ سان گهرو ناتو جيڪو ٽٽي ويو آهي پڻ ڳنڍجي ويندو ،جنهن ۾ ڳوٺ ڳوٺ نگر نگر وڃڻ جو موقعو ملندو،
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو