• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس خلاف ٻڌڻي اڄ ٿيندي، سنڌ سرڪار پاران ملتوي ڪرڻ جي درخواست

غازي حسين

سينيئر رڪن
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012ع خلاف بئريسٽر ضمير گهمرو جي درخواست تي سپريم ڪورٽ جي اڄ رٿيل ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ورتي آهي، ايڊووڪيٽ جنرل آف رڪارڊ راجا عبدالقيوم درخواست داخل ڪندي استدعا ڪئي آهي ته ان معاملي تي سنڌ حڪومت کي جواب ڏيڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي، جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران ان ڪيس ۾ بچاءُ لاءِ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ميران محمد شاهه کي مقرر ڪيو ويو آهي، بئريسٽر ضمير حسين گهمرو پاران سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012ع خلاف درخواست داخل ڪندي عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته ان آرڊيننس کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏنو وڃي، سپريم ڪورٽ درخواست تي اڄ ٻڌڻي رکندي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ اٽارني جنرل آف پاڪستان کي نوٽيس جاري ڪيا هئا، بئريسٽر ضمير گهمرو اسلام آباد پهچي ويو آهي ۽ اڄ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو.http://www.thekawish.com/www3/index.html
 
Back
Top