• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 8 نومبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 8 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:


8 نومبر 1910ع سامي پريم داس جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
8 نومبر 1912ع مشھور تاريخدان ۽ اديب رائچند هريجن راٺوڙ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
8 نومبر 1921ع ڀارت جي سنڌي سياستدان ۽ اڳوڻي نائب وزير اعظم ايل ڪي آڏواڻي جي ڪراچي ۾ پيدائش ٿي.
8 نومبر 1928ع سماجي اڳواڻ مينگهراج تلريجا جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
8 نومبر 1935ع ليکڪ مهر ڪاڇيلوي جو جنم ڏينهن آهي.
8 نومبر 1936ع ناليواري ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، ڪالم نگار ۽ ناول نگار امر جليل جو روهڙيء ۾ جنم ٿيو.
8 نومبر 1936ع نئين دهلي سان تعلق رکندڙ ليکڪ ۽ اداڪار آتم تلريجا روهڙيء ۾ پيدا ٿيو.
8 نومبر 1949ع ليکڪ سرفراز صدف (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
8 نومبر 1960ع ٺل سان تعلق رکندڙ شاعر رزاق بروهيء جو جنم ڏينهن آهي.
8 نومبر 1960ع شاعر وفا ٻرڙي جو جنم ڏينهن آهي.
8 نومبر 1961ع شاعر محمد جواڻ ”جانب“ سومرو مسوديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
8 نومبر 1964ع شاعر سيد حضور شاھ نعيم بخاري تعلقي سجاول جوڻيجي جي ڳوٺ بکر مھيسر ۾ جنم ورتو.
8 نومبر 1965ع شاعر، ترجمي نگار ۽ محقق پريتم پياسي ڳوٺ نور محمد پلي تعلقي عمر ڪوٽ ۾ ڄائو.
8 نومبر 1968ع لاڙڪاڻي ڀرسان عاقل سان تعلق رکندڙ شاعر سعيد ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

8 نومبر 1921ع شاھ مردان شاھ ، ڪوٽ ڌڻيءَ، پيرڳوٺ وارو وفات ڪري ويو.
8 نومبر 1974ع ليکڪ ۽ سياستدان جان ملٽن وفات ڪري ويو.
8 نومبر 1980ع مشھور پاڪستاني فلمن جي هيرو درپن جو وڇوڙو ٿيو.
8 نومبر 1994ع سياستدان ۽ سماجي ورڪر سيد نظر شاھ پنھنجي اباڻي ڳوٺ خير شاھ ۾ وفات ڪئي
8 نومبر 1995ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ شاعر م ن محزون جو انتقال ٿيو.
8 نومبر 2002ع اردو جي نامياري ترقي پسند شاعر ۽ اسڪالر جون ايليا جو انتقال ٿيو.

واقعا:

1933ع – افغانستان ۾ نادر شاھ کي قتل ڪيو ويو.
1960ع – جان ايف ڪينيڊي آمريڪا جو صدر چونڊيو ويو.
1968ع – رچرڊ نڪسن آمريڪا جو صدر منتخب ٿيو.
1988ع – جارج بش آمريڪي صدر چونڊيو ويو.
1972ع – سنڌي فلم بادل رليز ٿي هن فلم جو هدايتڪار غلام حيدر صديقي فلمساز اسماعيل ميمڻ ۽ موسيقار امداد حسين هو.
2016ع – آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ 204 سيٽون کٽي آمريڪا جو صدر چونڊجي ويو.

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
iKr2o94qePLXk.jpg
 
نامياري اديب . استاد . مترجم مهر ڪاڇيلوي صاحب جو جنم ڏينهن 08 نومبر آهي
مهر ڪاڇيلوي صاحب جو اصل نالو محمد حنيف والد صاحب جو نالو مهر دين (رستم سنڌ)
سندن تعليم : ايم. اي _ بي ايڊ - ايم ايل سي. ايل آء (گولڊ ميڊلسٽ)
پاڻ محلو ڀانسنگه آباد مير پور خاص جا رهواسي هئا.
پيشي جي لحاظ کان : سيڪنڊري استاد
لکڻ جي صنف : نثر
سندن تصنيفون.سنڌ جا ڪي مشهور ماڻهو (سنڌي سخصيات)
رستم سنڌ (اردو)
اشرف المخلوقات(اردو)
تاريخ ملڪاڻي ٽالپر (اردو)
مشائخ لنواري شريف (اردو)
قصه بدڪار عورت
مهر دي بالو (پنجابي)
مهر دي موتي (پنجابي)
تاريخ ڳوٺ محمد بوٽا (اردو)
رهبر زراعت و باغباني.
.
پير حسام الدين راشدي جن به ويجهڙائي وارو تعلق هئن. جو هن مختصر مضمون مان ظاهر ٿئي ٿو.

ﻣﻴﺮﭘﻮﺭﺧﺎﺹ ﺟﻮ ﻫڪ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﻣﺤﻤﺪ ﺣﻨﻴﻒ ﻣﻬﺮ
ڪﺎﮀﻴﻠﻮﻱ ڪﻨﻬﻦ ﺟﺮﻡ ۾ ﮔﺮﻓﺘﺎﺭ ﭤﻴﻮ ۽ ﺑﻌﺪ ۾
ڪﻮﺭٽ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺟﻨﻢ ٽﻴﭗ ﺟﻲ ﺳﺰﺍ ڏﻧﻲ. ﺟﻴﻞ
۾ ﺭﻫﮡ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﻫﻦ ﻟﮑﮡ ﭘڙﻫﮡ ڏﻱ ﮄﻳﺎﻥ ڏﻧﻮ . ﻫﻦ
ﺟﺎ ﮘﭻ ڪﺘﺎﺏ ﮀﭙﻴﻞ ﺁﻫﻦ . ﺟﻴﻞ ﻭﺍﺭﻱ ﻭﻗﺖ ۾ﻫﻦ
ﺭﺍﺷﺪﻱ ﺻﺎﺣﺐ ﮐﻲ ڪﺠﻬﻪ ڪﺘﺎﺏ ﻣﻮڪﻠﮡ ﻻﺀِ
ﺧﻂ ﻟﮑﻴﺎ. ﭘﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺧﻄﻦ ﮐﻲ ﻣﺎﻥ
ڏﻳﻨﺪﻱ، ﻫڪ ﺩﻭﺳﺖ ﺫﺭﻳﻌﻲ ڪﺎﮀﻴﻠﻮﻱ ﺻﺎﺣﺐ
ڏﻱ ڪﻲ ڪﺘﺎﺏ ﻣﻮڪﻠﻲ ڏﻧﺎ. ﻫﺘﻲ ﻳﺎﺭ ﺭﮐﮡ
ﮐﭙﻲ ﺗﻪ ﺫﺍﺗﻲ ﻃﺮﺡ، ڪﺎﮀﻴﻠﻮﻱ ﻣﺮﺣﻮﻡ ﺳﺎﻥ
ﺭﺍﺷﺪﻱ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻮ ڪﻮ ﺑﻪ ﺗﻌﻠﻖ ﻧﻪ ﻫﻮ
 
م. ن. محزون
ناميارو اديب ۽ استاد
اصل نالو : محمد نواز ولد شفيع محمد ڀٽي
سندن جنم : 10 جولاء 1933 ع ميهڙ ۾ ٿيو
تعليم.؛ ايم اي. بي ٽي.
ڌنڌو: تعليم ۽ تدريس
صنف.: نثر ۽ نظم
تصنيفات : درس محبت (اخلاقيات)
ڪنوار جي سيج ناول ترجمو (ناول)
مجنون ( ناول)

ڀڳل کنڀڙاٽيون ترجمو (جبرانيات)
ائڊريس : ميهڙ ضلع دادو
 
م. ن. محزون
ناميارو اديب ۽ استاد
اصل نالو : محمد نواز ولد شفيع محمد ڀٽي
سندن جنم : 10 جولاء 1933 ع ميهڙ ۾ ٿيو
تعليم.؛ ايم اي. بي ٽي.
ڌنڌو: تعليم ۽ تدريس
صنف.: نثر ۽ نظم
تصنيفات : درس محبت (اخلاقيات)
ڪنوار جي سيج ناول ترجمو (ناول)
مجنون ( ناول)

ڀڳل کنڀڙاٽيون ترجمو (جبرانيات)
ائڊريس : ميهڙ ضلع دادو

لک قرب قيمتي معلومات لاء

اوهان سدائين رهنمائي ڪندا رهو ٿا
 
Back
Top