ڪورل ڊرا لاءِ ضروري ڪانسيپٽس۔۔۔ پارٽ ون

'ڪورل ڊرا' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏30 آڪٽوبر 2009۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ڪورل ڊرا جي تياري۔۔۔ ڪورل ڊرا کان اڳ ۾ جيڪي ڪانسيپٽ توهان کي ذهن ۾ هُجڻ گهرجن۔
    گرافڪس..؟
    هي يوناني ٻوليءَ جي لفظ گرافيا مان ورتل آهي، گرافڪس جي معنى آهي ڪنهن شئ، ڄاڻ ۽ خيال جي آرٽ ذريعي عڪاسي ڪرڻ . اها عڪاسي ڪنهن سطحي شئي تي به ڪري سگهجي ٿي، جيئن ڪاغذ، ڪينوس، ڪمپيوٽر اسڪرين.
    http://en.wikipedia.org/wiki/Graphics
    ڪمپيوٽر گرافڪس
    هي اهڙا گرافڪس آهن، جيڪي ڪمپيوٽر جي ذريعي بڻايا وڃن ٿا ۽ اهي ڊجيٽل بائنري ڊيٽا سان ڪنهن به تصويري خاڪي جي عڪاسي ڪن ٿا ۽ پگزل ليول تي انهن جو ڪم ٿئي ٿو
    http://en.wikipedia.org/wiki/Computer_graphics
    پگزل Pixel :
    هي ڪنهن به انفارميشن جو (جيڪو ڪمپيوٽر اسڪرين تي نظر اچي ٿو) جو ننڍي ۾ ننڍو آئٽم يا ذرو آهي. ڀلي اها اِنفارميشن هڪ تصوير هُجي يا ڪو ورڊ يا ٻي ڪابه شئي.. . پگزل کي ڊاٽس يا اسڪوائرس جي ذريعي ڪمپيوٽر ۾ ريپريزنٽ ڪيو وڃي ٿو.هر پگزل ڪنهن به اميج جي اوريجنل ورزن جو سيمپل هوندي آهي، اميج ۾ جيترا پِگزل وڌيڪ هوندا آهن اوتري سندس ڪوالٽي بهترين هوندي ۽ اوترو وڌيڪ اوريجنل ڊيٽا سان مماثلت رکندي.
    ريزوليوشن
    ڪمپيوٽر گرافڪس جي اِنٽينسٽي پڻ هُوندي آهي جنهن کي پاڻ سولي نموني سان ريزوليوشن چوندا آهيون.
    ريزوليوشن هڪ اهڙو معيار آهي جنهن سان پاڻ ماپي سگهون ٿا ڪنهن به وڊيو يا پرنٽنگ جي ڊاٽ اِنٽينسٽي کي، يا توهان سولي نموني هن کي وڌيڪ هن ريت پڙهي سگهو ٿا ته ڪمپيوٽر جي اسڪرين يا ڪمپيوٽر جي ذريعي تيار ڪيل جنهن به شئي جا هڪڙي انچ جي اندر جيترا پگزلس هوندا آهن، اُنهن کي پاڻ ريزوليوشن جي نالي سان سڏيندا آهيون. اهڙي طرح پاڻ ڊاٽس پَر اِنچ DPI کي به ريزوليوشن سان ڳنڍي سگهون ٿا پر اُهو هِڪ الڳ بحث آهي..
    پگزلس ۽ ريزوليوشن جي اِهميت توهان کي پنهنجي ڪمپيوٽر جي گرافڪ ڪارڊ جي انسٽاليشن سان خبر پوي ٿي۔۔ جڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ گرافڪ ڪارڊ انسٽال ٿيل نه هُوندو آهي ته ته پِگزل گهٽ ۾ گهٽ ڏيکاريندو آهي جنهن جي ڪري ڪمپيوٽر جي اِميج يا گرافڪ ڪوالٽي تمام گهٽ هوندي آهي ۽ وَن ڪلر پڻ شو ڪندو آهي۔۽ جڏهن ڪارڊ انسٽال ٿيل هوندو آهي ته توهان جو ڪمپيوٽر سمجهدار ٿي ويندو آهي ۽ اميج جون پگزلس صحيح نموني سان ڏيکاري اصلي اميج کي ريپريزنيٽ ڪندو آهي۔ ۽ اُن کان علاوه توهان ريزوليوشن کي به گهٽ وڌ ڪري سگهو ٿا۔۔۔
    هن مٿئين تصوير ۾ پگزل جو هڪ ويجهو اِميج ڏيکاريل آهي جنهن مان توهان کي پگزل جي اهميت ۽ جوڙ جڪ جي خبر پوندي۔
    ٻئين تصوير ۾ توهان ڪمپيوٽر مان جنهن انداز سان ريزوليوشن مٽائي سگهو ٿا۔
    اهڙي طرح ڪنهن به پگزل جي انٽينسٽِي ٻي پگزل جي اِنٽينسٽي کان مختلف هوندي آهي. جيڪڏهن ڪَلر سسٽمس ۾ توهان پڙهيو هُجي ته توهان کي خبر هُجڻ گهرجي ته هڪ پگزل جا ڪجهه ڪمپونينٽس هوندا آهن. ٻه اِهم آهن جيڪي اسان وٽ پرنٽنگ ۽ اليڪٽرانڪ اِنڊسٽري ۾ استعمال ٿين ٿا. هڪ سي ايم وائي ڪي.(CMYK ) ۽ ٻيو آر جي بي (RGB).
    آر جي بي ۽ سي ايم وائي ڪي جي ڊٽيل اڳئين ليڪچر ۾۔۔۔
    HaqMojood
    ٽِپ : ڪورل ڊرا يا ڪنهن به گرافۡڪ ايڊيٽر ۾ جيتري وڌيڪ ريزوليوشن هوندي اوترو ئي اِميج بهتر نموني سان ايڪسپورٽ يا پِرنٽ ٿيندو۔




    [​IMG]

    [​IMG]
     
  2. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    تمام سٺو جاني لڳو رهه. سائين سڻائي ڪندئي... ٻيلي اسان جهڙن اٻوجهن کي اهڙي جانڪاري ڏيڻ جي مهرباني،،، مان جڏهن سنڌ آيس ته تنهنجي لاءِ ممبئي جي مشهور ڪاڇي مل جي مٺائي ورتيو ايندس
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    نه تون ايندين نه مٺائي مِلندي hatt-pare
    مون کي خبر آهي اِها مٺائي به تون ماکيءَ وانگر پاڻ ئي کائي ويندين ۔۔ ها ها ها wslam
     
  4. Ranjit

    Ranjit
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    Maakhi fabaai ta india bhaji ayasin. Je iha mithai fabaai ta poi kithe hundasin?
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين اوهان پوءِ ته لنڊن هليا ويندو۔
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    بهترين معلومات آهي ادا اسد

    گريٽ ورڪ اسد
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ڦلپوٽا صاحب مهرباني۔۔۔۔
     
  8. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    ادا اسد! آئون شايد اوهان جي ڪلاس ۾ سڀني کان نالائق شاگرد آهيان، جيڪو سڀني کان آخر ۾ ته ٺهيو، پر تمام گهڻا سبق شروع ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ليکي اوهان جي سبق کي پڙهڻ شروع ٿو ڪريان. واقعي لاجواب سبق آهي. آئون ته هر هر هڪڙي سبق کي ئي ياد ڪرڻ ۾ مشغول آهيان. ايترو دلچسپ سبق آهي، جو اڳتي وڌڻ جي دل ئي نه پئي چئي. تمام گهڻي خوشي ٿي ايتري ڪارائتي معلومات جي. ادا
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    يعني توهان هڪ ئي ڪلاس ۾ ڏهاڪو کن سال رهي پنهنجو بنياد پڪو ڪرڻ پيا چاهيو۔ asul matt
     
  10. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    جي... ادا! اسان پوڙهن جو ڪهڙو ”بنياد“ هوندو؟ جيڪي هوا جي جهونڪن تي لُڏندا لمندا هجن...! هونئن ادا! مون هڪڙي ئي رات ۾ اوهان جا ڏنل ٻيا سبق به هڪ ڀيرو پڙهي ورتا. باقي ڪو سوال نه پُڇجوءِ ٻيلي متان ڦِڪو نه ٿيان. باقي اڳئين سبق جو انتظار آهي. سبق دوران ڪو اڙيو ٿڙيو سوال ڪرڻ جي اجازت ته هوندي نه...؟
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين اهڙا سوال نه ڪجو جو اسان جا هٿ پير خشڪ ٿي وڃن، اسين مڙئي انٽرويو ڏيڻ جا ٿورا سست آهيون۔۔۔ توهان ماهرن جي سامهون اسان جي گستاخي ٺهي ڪانه ٿي wslam
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو