مان ”بيڪس بيدل بيوس“، جده سعودي عرب جو هاڻوڪو رهاڪو ، اصل رهاڪو ميهڙ دادو سنڌ جو آهيان۔۔ مون سنڌ سلامت فورم جي تمام گهڻي ساراھ ٻڌي هئي، اڄ جڏهن مون سنڌ سلامت ويبسائيٽ جي وزٽ ڪئي ته سچ پچ دل باغ بهار ٿي وئي ائين لڳو ته مان پرديس نه پر پنهنجي سنڌ ۾ ويٺو آهيان۔۔ سنڌ سلامت جي سڄي سنگت کي اهڙين ڪاوشن تي مان سلام پيش ڪيان ٿو ۽ اميد رکان ته دوست آئنده به سنڌي ٻولي جي بقا ۽ سلامتي لئه هميشه اڳ کان اڳرا هوندا۔ اميد آهي ته پنهنجو ساٿ سنڌ جيان اوهان دوستن سان سدا سٿ ۾ رهندو۔۔۔ فقط اوهانجو دعاگو دوست _ بيڪس بيدل بيوس تيوڻو _ جده _ سعودي عرب
ڀلي ڀلي ڪري آيو۔ جي آيؤ هن اوطاق تي۔ هتي اڳ ۾ پرديسي سنڌي باقاعدگي سان ڀيرو ڀريندڙ آهن ۽ انهي سان گڏ پنهنجا خوبصورت خيال ونڊيندا رهن ٿا۔ اوهان کان به ساڳي توقع به رکبي ته هن محبتي اڱڻ تي پنهنجي ويچار ونڊڻ ۾ دير نه ڪندؤ۔ هتي اوهان کي کوڙ سارا سيڪشن ملندا جن جا سب سيڪشن به آهن۔ ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي نه ته پڇڻا نه منجهڻا ۽ سنڌ سلامت سکيا جو ڀيرو ڀڃيندؤ ۽ ڪو سوال ڪندؤ ته سنگت ضرور اوهان جي مدد ڪندي۔ اميد آهي ته ساٿ سلامت رهندو۔ سنڌ سلامت رهندي۔
دير آيد درست آيد“ جي مصداق، سهڻا سائين! هون ته اوهان شايد سالن کان سنڌ سلامت تي ايندا هيا پر گهمي ڦري هليا ويندا هيا ۔۔۔ اڄ جڏهن اوهان باقاعدگي سان رڪنيت حاصل ڪري پنهنجو تعرف پيش ڪيو ته اصل دل باغ بهار ٿي وئي ۔۔۔!!! دوستو! اسانجو هي دوست، بيڪس، بيدل ۽ بيوس هڪ اعلا اخلاق وارو ڏاهو دوست آهي، حب الوطني سندس رڳ رڳ ۾ سمايل آهي ۽ سنڌ سان اهڙي جند جڙيل اٿس جو ٻيا سڀ ناتا بعد اڳ سنڌ ۽ بس سنڌ ۔۔۔ هي ڏاهو دوست فيسبڪ تي حق سچ جي نعرن سان سڃاتو ويندو آهي ۔۔۔ ڪوڙ کان نفرت ۽ سچ سان محبت ڪندڙ محبتي انسان آهي، دوستن کي مان ڏيڻ ۽ انهن سان رهاڻيون ڪرڻ سندس جذبو آهي ۔۔۔ سنڌ سلامت سنڌ ۽ سنڌيت کان تڏوهڪر ڪم ڪري رهي آهي جڏهن کان فيسبڪ اڃان سنڌين ۾ ڪو خاص عام نه ٿيو هو ۔۔۔ ان وقت کان اسانجو نعرو آهي سنڌ ۽ سنڌيت ۔۔۔ سنڌ سان لاڳاپيل هر اهو مواد پيش ڪرڻ جيڪو سنڌين جي رهنمائي ڪري سگهي ۔۔۔ اوهانجو ساٿ باعث فخر ۽ حوصلو ڏيندڙ آهي ۔۔۔ اميد ته ساٿ چڙهندو لڪئين۔ سنڌ سلامت جو سمورو سٿ اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار چوي ٿو۔ اميد ته اوهان پنهنجي ڏات ۽ ڏاهپ سان هن اڱڻ کي روشن ڪندا رهندا۔ سڄڻ آيا ڀلي آيا ۔۔۔ سهڻن جو سلامي ٿيان۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
سائين ساٿ سلامت رهي نه رهي شل سنڌ سلامت رهي اسان هجون يا نه هجون شل سنڌ سدائين هجي ۔ اوهان هن محبت ڀرئي اڱڻ تي آيا اوهان جا قرب اميد ته اسان هن اڱڻ تي اوهان جي نوازشن کان بهره مند ٿيندا رهندا سين ۔
محترم بيڪس بيدل بيوس اسلام عليڪم۔توهان کي هن محبتي ڪکائون اڳڻ جٿي پيار ، خلوص ۽ ڀائيچاري جي هير تمام گهڻي لڳندي آهي ،جو ڀاتي ٿيڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿا چئون۔هي منڊل ته مچايوئي سنڌي ٻولي ۽ پنهنجي سٻاجهڙن ماڻهون جي خدمت لاء آهي۔هت اوهان کي هر موضوع تي انيڪ ؤ معلوماتي ليک ملندا ،جيڪي هن اڳڻ جا هڏ ڏوکي ساٿي معلومات جي سمنڊ ۾ وڏو غوطو لڳائي،سپي جي منهن مان موتي وانگر ميڙي اچي هن فورم جي زينت ٺاهيندا آهن۔ ادا نثار ابڙو جن جي رائي مان توهان جي ڏاهپ جو اندازو آساني سان پئجي ٿو۔ اميد ته توهان پنهنجي ڏاهپ وارا ٻول هن اڳڻ جي ڪينئوس تي چٽي اسان سڀني کي ان مان مستفيد ٿيڻ جو موقعيو مهيا ڪندا۔ توهانجون مهربانيون۔ هميشه خوش رهو۔
اسان جي پرين پياري، فيسبوڪ جي سرگرم ساٿي، سنڌيت جي جذبي سان سرشار دوست بيدل بيڪس بيوس کي سنڌ سلامت سٿ پاران هن محبتي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿا ڪيون۔دوستو اسان جو هي دوست فيسبوڪ تي سڄو ڏينهن سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت جي پرچارڪ ڪندي گذاريندو آهي، اسان جي دوستن حسن صغير ۽ نظر پياسي وانگر هي دوست رهي ته جده ۾ ٿو پر سندس روح ڄڻ ته سنڌ ۾ رلندو ٿو رهي۔تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔اوهان جو ساٿ اسان لاء حوصلا افزائي جو سبب بڻجندو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
بيدل بيڪس بيوس، اوهان جا تهه دل سان شڪر گذار آهيون، جو توهان هن سٿ ۾ اسان جو ساٿ ڏئي، اکيون ٿڌيون ۽ هانءُ هماليه جيڏو ڪيو آهي.... ٿورا ئي ٿورا مون تي ماروئڙن جا............................................
قبله سائين نثار احمد ابڙو اوهان جيڪو مان سمان ڏنو ان لاء مون وٽ لفظ ڪونهن جو بيان ڪيان الله ڪندو هي اوهان جو محنت ڪيل فورم هڪ ڏينهن سنڌ جي آزادي جو سبب بڻبو بيحد نوازشون قبله
دوست بيدل بيڪل بيوس کي هن فورم تي ڀليڪار ڪريون ٿا۔ ميمبر ٿيڻ شرط ڀا تي لازمي ٿي پيو آهي ته پنهنجي ٽهي کي به هي گس ڏيکارين ته جيئن ملي جلي ڪري اونداهين ۾ گهيرجي ويل سست، ڪاهل، پاڻ پڏائڻ واري قوم لا ڪو دڳ ڳولي ڪڍون ۽ پاڻ به حقيقي معنائن ۾ ٻين قومن وانگر هڪ سولائيزڊ قوم سڏجون جيڪا پاڻ پڏائي پاڻ کي ست هزار سالن جو وارث ته سمجهي ٿي پر عملي ميدان ۾ هڪ نانگ وانگر پنهنجو پاڻ پنهنجا ٻچا کائي ٿي۔ اهو سمجهڻ لا ڀا کي مُهنجو هي چُڀندڙ مضمون پڙهڻو به پوندو ۽ ٻين کي به دعوت ڏئي پڙاهڻو پوندو جنهن جي جواب جو آئون طلبگار آهيان۔ مضمون پڙهڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔