هي سنڌ جو ٻرندڙ مسئلو هر فورم تي کڻڻ واري ايجنڊا تحت قانون ويڙه ۾ به سرخرو ٿيو آهي انشاءَالله سياسي طور تي به فتح نصيب ٿيندي ادي ضمير گهمري جون محنتون ۽ سچي سڪ سان سوڀ نصيب ٿي آ هاڻي جيڪڏهن سنڌ حڪومت محڪمه تبديل ڪندي ته هن کي ڪورٽ جي توهين کي منهن ڏيڻو پوندو .....شاباس گهمرو صاحب ۽ منهنجي مان واري ڪورٽ سڳوري سنڌين کي جيئندا بخشي ۽ ڪجه اميد ۽ آسرو ٿيو ته جني ڏاند نه ٻج تني تنهنجو آسرو پوءِ اڀارين سج اول ڏين انهن کي . سنڌي بي يارو مددگار الله کي پيا پوڪارين ته هنن جي ڌرتي کي دشمن ٽڪر ڪرڻ لاءِ پهرين انتظامي ورهاست ڪندو پيو وڃي ۽ انهن کي روڪڻ لاءِ ڪورٽ سڳوري سنڌين جو مان مٿاهون ڪيو آهي ۽ سنڌين جي دل کٽي آهي ائين ئي مظلوم سنڌين جي داد رسي ڪئي آهي ....سو تنه لاءِ جس لهڻي هوڏانهن سڄي سنڌ سراپا احتجاج ۾ آهي ۽ هنن ظالمن کي ڪو اثر به نه ٿو ٿئي هي حڪمراني ڪندي فرعون ٿي ويا آهن الله جي لٺ ضرور هن ظالمن کي لڳندي ۽ منهن ڀر وڃي ڪرندا انشاءَالله سياسي معرڪو اڃا سر ڪرڻو آهي .....انشاءَالله ڪاميابي سنڌ جي سڄڻن جي ٿيندي آمين ثم آمين