• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪورٽ سڳوري جي مهرباني

هي سنڌ جو ٻرندڙ مسئلو هر فورم تي کڻڻ واري ايجنڊا تحت قانون ويڙه ۾ به سرخرو ٿيو آهي انشاءَالله سياسي طور تي به فتح نصيب ٿيندي
ادي ضمير گهمري جون محنتون ۽ سچي سڪ سان سوڀ نصيب ٿي آ
هاڻي جيڪڏهن سنڌ حڪومت محڪمه تبديل ڪندي ته هن کي ڪورٽ جي توهين کي منهن ڏيڻو پوندو .....شاباس گهمرو صاحب ۽ منهنجي مان واري ڪورٽ سڳوري سنڌين کي جيئندا بخشي ۽ ڪجه اميد ۽ آسرو ٿيو ته جني ڏاند نه ٻج تني تنهنجو آسرو پوءِ اڀارين سج اول ڏين انهن کي . سنڌي بي يارو مددگار الله کي پيا پوڪارين ته هنن جي ڌرتي کي دشمن ٽڪر ڪرڻ لاءِ پهرين انتظامي ورهاست ڪندو پيو وڃي ۽ انهن کي روڪڻ لاءِ ڪورٽ سڳوري سنڌين جو مان مٿاهون ڪيو آهي ۽ سنڌين جي دل کٽي آهي ائين ئي مظلوم سنڌين جي داد رسي ڪئي آهي ....سو تنه لاءِ جس لهڻي
هوڏانهن سڄي سنڌ سراپا احتجاج ۾ آهي ۽ هنن ظالمن کي ڪو اثر به نه ٿو ٿئي هي حڪمراني ڪندي فرعون ٿي ويا آهن الله جي لٺ ضرور هن ظالمن کي لڳندي ۽ منهن ڀر وڃي ڪرندا انشاءَالله
سياسي معرڪو اڃا سر ڪرڻو آهي .....انشاءَالله ڪاميابي سنڌ جي سڄڻن جي ٿيندي آمين ثم آمين
 
Back
Top